سکر ۾گرم مصالحن جي اگھن ۾ في ڪلو تي 500 کان 1000 تائين رڪارڊ اضافو

0
334

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر جي واپارين محرم الحرام دوران گرم مصالحن جي اگھن ۾ في ڪلو تي 500 کان 100 رپين تائين رڪارڊ اضافو ڪري ڇڏيو، نياز ۾ استعمال ٿيندڙ چانورن، ڇولن، ڪارن مرچن، گيھه جي اگھن ۾ به ھٿرادو اضافو، يوٽيلٽي ڪارپوريشن جا اڻپورا انتظام، سکر جي يوٽيلٽي اسٽورن تان گيھه، ٽوٽا چانور ۽ ڇولا غائب. شھرن، ڳوٺن، محلن، روڊن، رستن ۽ گھٽين تي تيار ٿيندڙ نياز جي لاءِ عوام مارڪيٽن تان مھانگن اگھن تي خريد ڪرڻ تي مجبور. سنڌ حڪومت، ڊويزنل توڙي ضلعي انتظاميا ڪو تحرڪ نه ورتو، مارڪيٽ ڪاميٽيون ڪاغذي ڪاررواين تائين محدود. رپورٽ موجب محرم الحرام جي مقدس مھيني ۾ منافعي خور تاجر بي لغام ٿي ويا. محرم جي ڏھاڙن تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، شھرن، ڳوٺن، گھٽين، محلن، روڊن ۽ رستن تي امامن جي نياز جو بندوبست ڪيو ويندو آھي. اهڙي صورتحال جو فائدو وٺندي منافعي خور تاجرن طرفان رڌپچاءَ وارين شين جي اگھن ۾ رڪارڊ اضافو ڪيو ويو آھي. حاصل ڪيل ڄاڻ موجب گرم مصالحي طور استعمال ٿيندڙ وڏا ڦوٽا جيڪي محرم کان اڳ 1500 رپين ۾ في ڪلو وڪامي رھيا ھئا، اُھي ھاڻي 2000 رپيا في ڪلو وڪامي رھيا آھن. ساڳي طرح الائچي 1500 رپين مان 2000 رپيا في ڪلو، لونگ 1400 رپين مان 1600 رپيا في ڪلو، ڪارا مرچ 700 رپين مان 900 رپيا في ڪلو ۽ ننڍا ڦوٽا 4000 رپين مان 5000 رپين ۾ وڪرو ڪيا پيا وڃن. کنڊ جي 50 ڪلو واري ڪٽي تي 300 رپيا اضافو ٿي ويو آھي، 90 کان 95 رپيا في ڪلو مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندڙ کنڊ 100 ۽ 105 رپين ۾ في ڪلو وڪرو ٿي رھي آھي، ڇولا جيڪي 160 رپيا في ڪلو وڪامي رھيا ھئا، اُھي 190 رپين تائين في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رھيا آھن. ڄاڻايل ريٽن جي سکر جي ھول سيل ۽ ريزڪي مارڪيٽ جي تاجر رضوان قادري پاران تصديق ڪئي وئي آھي. ٻئي طرف نيازن ۾ استعمال ٿيندڙ اڪثر شيون يوٽيلٽي ڪارپوريشن اختيارين جي عدم دلچسپي ۽ بي ڌيانيءَ سبب سکر زون جي يوٽيلٽي اسٽورن تان غائب آھن. سنڌ حڪومت، ڪمشنر سکر ڊويزن، ڊپٽي ڪمشنر سکر طرفان محرم الحرام دوران ھٿرادو گھاٽي ٽوڙي مھانگائي ڪندڙ منافعي خور تاجرن خلاف ڪو به جوڳو قدم ناھي کنيو ويو.