ماڊل ناياب جو مبينا قاتل ھُن جو ويڳو ڀاءُ نڪتو

0
367

لاھور (ڊيسڪ رپورٽ) لاھور جي علائقي ڊفينس ۾ قتل ٿيل ماڊل ناياب جي قاتل کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب ماڊل ناياب جي ويڳي ڀاءُ ئي ھُن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ھو، جوابدار پنھنجي ڏوھ جو اعتراف بھ ڪري ورتو، جوابدار اعترافي بيان ۾ چيو تھ ناياب سان تڪرار ٿيو تھ تشدد بعد ھُن جو ڳلو دٻائي قتل ڪيو ھو، پوليس جو چوڻ آھي تھ واقعي واري ھنڌ تان ملندڙ ثبوتن بعد قاتل تائين پھچڻ ۾ مدد ملي، مقتولا جي گھر جي دروازن تان ملندڙ فنگر پرنٽس قاتل سان ميچ ٿي ويا، ياد رھي تھ ماڊل ناياب جي قتل جو واقعو 11 جولاءِ تي لاھور ۾ پيش آيو ھو.