سکر (بيورو رپورٽ)سکر ڊسٽرڪٽ بار جي صدر شفقت رحيم راجپوت، نائب صدر ذوالفقار ملاڻو، جنرل سيڪريٽري سندر چاچڙ، فنانس سيڪريٽري اشفاق شاهه ۽ ٻين جي صدارت هيٺ سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ غير ملڪي افغانين، بنگالين، برمين سميت ٻين ڌارين جي غيرقانوني ۽ بنا اجازت جي آبادڪاري جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي عهديدارن شرڪت ڪئي، ان موقعي ته ڊسٽرڪٽ بار سکر طرفان متفقه طور تي هڪ قرار داد منظور ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪوتاهي سبب بنا اجازت جي سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺ ۾ پناهه گير وڏي تعداد ۾ آباد آهن، جڏهن ته ڪافي شڪايتون آهن ته غير قانوني طور نادرا طرفان پناهه گيرن کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪري ملڪ نيشنلٽي ڏني وئي آهي، ڊسٽرڪٽ بار سکر قرارداد منظور ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ لاڳاپيل ذميوارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڌارين کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ٿيڻ جي جي آءِ ٽي جوڙي ذميوارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. افغاني، برمي، بنگالي ۽ ٻين غير ملڪي پناھگيرن جي چرپر قانون موجب ڪئمپن تائين محدود ڪئي وڃي. پناهگيرن کي پناهه ڏيڻ جو مدو نه وڌائي پنهنجن ملڪن ڏانهن فوري طور اماڻيو وڃي، ڊسٽرڪٽ بار سکر طرفان منظور ڪيل قرارداد جي ڪاپي وزير اعظم پاڪستان، سنڌ جي وڏي وزير، وفاقي گهرو وزير، چيف سيڪريٽري سنڌ، گهرو وزارت سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين ڏانهن به اماڻي ڇڏي آهي.