سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي مک ٽينٽ سٽي مان متاثرن جي گھرن ڏانھن واپسي، انتظاميا متاثرن کي ٽرانسپورٽ ۽ راشن جو سامان ڏئي کيس واپس ڪري ڇڏيو، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، خيرپور سميت مختلف علائقن جا متاثر پنھنجي گھرن ڏانھن روانو ٿي ويا. ان حوالي سان  ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر شھزاد طاھر ٿھيم مطابق متاثر پنھنجي رضا خوشيءَ سان پنھنجن گھرن ڏانھن واپس ويا آھن، اباڻن ڪکن ڏانھن واپس ويندڙ متاثر خاندانن کي مڇردانيون، راشن بيگز، پاڻي جا گيلن سميت ٻيو سامان ڏنو آھي. ڊاڪٽر شھزاد طاھر ٿھيم وڌيڪ ٻڌايو ته ٻوڏ متاثر سمورن خاندانن کي مفت ٽرانسپورٽ جي سھولت به فراھم ڪئي وئي آھي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ھدايتن تي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي لاءِ ليبر ڪالونيءَ ٻاھران ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪئي وئي ھئي.