ملير( رپورٽ: نازشر )  ملير لنڪ روڊ تي قائم ڪيل ميگا ٽينٽ سٽي ۾ ميهڙ واسي غلام نبي سومرو وقت سر علاج نه ٿيڻ ڪري فوت ٿي ويو، جنهن بعد 2 هفتن اندر فوت ٿيلن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو، فوتي غلام نبي سومري جي  وارثن  لاش ميهڙ کڻي وڃڻ لاءِ  ايمبولينس نه ملڻ ۽ علاج نه ٿيڻ خلاف ٽينٽ سٽي آڏو ملير لنڪ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي فوتي جي مائٽن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته غلام نبي سومرو ڪيترن ڏينهن کان بيمار هو، وقت سر  علاج نه ٿيڻ ڪري هن دم ڏنو، هنن چيو ته  ٽينٽ سٽي موت گهر بڻيل آهي، هتي پيئڻ جو پاڻي ميسر ناهي ۽ نه ئي علاج جي سهولت ميسر آهي، ٻن هفتن دوران  فوتين جو انگ 5 ٿي ويو آهي، هنن سنڌ سرڪار کي قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي