سکر (بيورو رپورٽ) سکر مان وڌيڪ 2 ڄڻا اغوا، ضلعي مان اغوا ٿي ويلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو، وارث ۽ پوليس پيرا کڻي ڪچي پهچي وئي، ڏوهارين پاران جديد هٿيارن سان فائرنگ، راڪيٽ لانچر جا گولا فائر، پوليس واپس موٽي آئي، رپورٽ موجب سکر سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد رنگ روڊ تان ڳوٺ نهال کوسو واسي 2 ڄڻن 50 ورهين جو اقبال کوسو ۽ 26 ورهين جو رضوان کوسو کي هٿياربند اغوا ڪري فرار ٿي ويا، علائقي جي نيڪ مرد ۽ مغوين جي وارث سهڻو کوسو موجب رات جو ڪڻڪ جو ديرو کڻڻ بعد چاچو ڀائيٽو ڳوٺ نهال خان کوسو اچي رهيا هئا ته رنگ روڊ وٽ سندن گاڏي خراب ٿي پئي، جنهن بابت هنن فون تي اطلاع ڏنو، جڏهن ته اسان جي پهچڻ کان اڳ ئي ڏوهاري ٻنهي کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا، وارثن موجب پيرين جي مدد سان پيرا کنيا جيڪي شاهه ٻيلي جي ڪچي طرف ويا، اطلاع تي پوليس بڪتر بند گاڏين سان گڏ بچاءَ بند تي پهتي، جنھن بعد پوليس ۽ کوسا برادري جا وڏي انگ ۾ هٿياربند ڪچي طرف روانا ٿي ويا، پيڇو ڪرڻ تي هٿياربندن جديد هٿيارن سان ڀاڳين ۽ پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، ٻڌايو پيو وڃي ته راڪيٽ لانچر جا فائر پڻ ڪيا ويا، جنهن مان هڪ گولو بڪتر گاڏي کي پڻ لڳو، بعد ۾ پوليس واپس موٽي آئي، مغوين جا وارث ۽ علائقي واسي ايس ايس پي سکر سان ملاقات ڪري معاملي کان آگاهي ڏني، سهڻو کوسو ايس ايس پي کي چيو ته جتوئي هٿياربندن اڳ به منهنجي پٽ کي اغوا ڪيو هو، ڀنگ جي رقم نه ڏيڻ تي ان کي قتل ڪيو ويو هو، هاڻي ساڳين ڏوهارين منهنجي ڀاءُ ۽ ڀاڻيجي کي اغوا ڪيو آهي، ايس ايس پي کين خاطري ڪرائي ته جلد ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو، هوڏانهن ڳوٺ نهال خان کوسو ۾ کوسا برادري جو ڪٺ ٿيو، جنھن ۾ احمد علي کوسو، حاجي ابراهيم کوسو، سهڻو کوسو، سرفراز کوسو، شمن کوسو، عمران کوسو، عرفان کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ڪٺ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي، جنهن بعد علائقي جي نيڪ مردن ۽ کوسا برادري جي ماڻهن مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي، ضلعي سکر ۾ اغوا ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي، مغوين ۾ ڪامران، پيارو رياستي، رمضان رياستي، اقبال کوسو، رضوان کوسو، نينگر شفيق مشوري شامل آهن.