ڪراچي: ڪراچي ۾ ڪار ۽ موٽرسائيڪل لفٽر گينگ جي ڪاررواين ۾ تيزي، هڪ مهيني اندر6 هزار شهري گاڏين کان محروم، ان ڏس ۾ پهرين مارچ کان هن وقت تائين ڪراچي جا 6 هزار کان وڌيڪ شهري پنهنجن نئين موٽرسائيڪلن ۽ گاڏين کان محروم ٿي ويا آهن، سي پي ايل سي موجب پهرين مارچ کان هن وقت تائين ڪراچي جا 6 هزار کان وڌيڪ شهري گاڏين کان محروم ٿي ويا آهن، پوليس موجب ڦورن جو ٽارگيٽ نيون موٽرسائيڪلون ۽ گاڏيون آهن، ڪراچي جا سينٽرل ۽ اوڀر ضلعا ڦورن لاءِ آسان ٽارگيٽ بڻيل آهي، جتي ڦورو ڏينهن ڏٺي جو به آساني سان شهرين کان روڪ رقم، موبائل  ۽ موٽرسائيڪلون ڦري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا، ٻئي طرف سنڌ پوليس پاران ڪراچي ۾ قائم ڪيل اسپيشلائيزڊ يونٽ ڦريل گاڏيون واپس ڪرائڻ ۽ ڦورن جي نشاندهي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيوآهي.