سکر مان وڌيڪ 2 ڄڻا اغوا، ضلعي مان اغوا ٿيلن جو انگ 6 ٿي ويو

0
47

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر مان 2 ڄڻا مبينا طور اغوا، ڳوٺاڻا سندن پيرا کڻي شاهه ٻيلي پهتا، سکر مان 2 ڄڻا مبينا طور اغوا، ڳوٺاڻا سندن پيرا کڻي شاهه ٻيلي پهتا، ضلعي مان اغوا ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو

مغوين جي وارثن موجب  رات دير سان ڪڻڪ کڻي ايندڙن جي گاڏي جو ٽائر رنگ روڊ وٽ پنڪچر ٿيو هو، 26ورهين جي رضوان ۽ 50 ورهين  جي اقبال کوسو فون ڪري گاڏي  پنڪچر ٿيڻ جو ٻڌايو

سهڻو کوسو موجب اسان جي پهچڻ کان اڳ جتوئي  ڌر جا هٿياربند ٻنهي ڄڻن کي اغوا  ڪري کڻي ويا

مغوين ۾ ڪامران، پيارو رياستي، ڪراچي واسي رمضان رياستي، هيڊ ڪانسٽيبل منظور مشوري جو پٽ شفيق به شامل آهن

جڏهن ته سکر ضلعي مان اغوا ٿي ويلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو، پوليس مغوين جي آزادي لاءِ ڪي به قدم  کنيا، مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي

هي به پڙهندا

ڪنڌڪوٽ پوليس پاران شڪارپور واسي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 6 ڄڻن کي اغوا کان بچائڻ جي دعويٰ