سکر جي دارالامان ۾ پاروٿو کاڌو ملڻ خلاف عورتن جو احتجاج

0
178
سکر دارالامان ۾ پاروٿو کاڌو
سکر جي دارالامان ۾ پاروٿو کاڌو ملڻ خلاف عورتن جو احتجاج

سکر: دارالامان ۾ عورتن احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته انتظاميا پاروٿو کاڌو فراهم ڪري رهي آهي، جنهن سبب سندن صحت تي اثر پئجي رهيا آهن

عورتن الزام هنيو ته منجھند جي ماني ناھي ڏني وئي، ٻارڙا بک تي آھن، مسئلن بابت شڪايتون ڪرڻ تي پريشان ڪيو پيو وڃي

عورتن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن مسئلو حل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو