سڌارت شڪلا جي موت بعد شهناز گل اڃا تائين بي حال

0
248

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار سڌارٿ شڪلا جي اوچتو موت کانپوءِ ان جي دوست ۽ اداڪارا شهناز گل جي حالت بابت بگ باس 14 جي ڪنٽسٽنٽس پوترا پونيا ۽ ابينو شڪلا بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي.بگ باس 13 جي فاتح 40 سالن جي سڌارت 2 سيپٽمبر تي پنهنجي رهائش گاهه تي مئل حالت ۾ هٿ آيو هو، اداڪار جي آخري رسمن جي موقعي تي شهناز کي بي حال ڏٺو ويو جنهن کانپوءِ هو هن وقت تائين منظر تي ناهي آئي.تازو ئي ڀارتي ميڊيا اداڪارا پوترا پونيا کان شهناز جي صحت جي حوالي سان پڇيو ويو ته ان ٻڌايو ته شهناز جي زندگي معمول تي اچڻ ۾ وقت لڳندو، سڌارٿ جي موت کي قبول ڪرڻ اڄ به مشڪل آهي.هن چيو ته منهنجي هن وقت تائين شهناز سان ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي ڇو ته هن کي سڪون جي ضرورت آهي، هن وقت کانئس اهو پڇڻ ته ”توهان ڪيئن آهيو؟“به بهتر ناهي ، ڇو ته سڀني کي خبر آهي ته هو ڪيئن آهي.هوڏانهن ڪجهه ڏينهن اڳ ابينو شڪلا ۽ اداڪارا روبينا دليڪ شهناز گِل سميت ان جي ماءُ سان به ملاقات ڪئي هئي، ابينو شهناز جي بابت ٻڌايو هو ته هوءَ بهتري ڏانهن اچي رهي آهي.