اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيل مني بجيٽ تي تقرير ڪندي پبلڪ  اڪائونٽ جي ڪاميٽي جي چيئرمين نور عالم خان چيو ته سيٽ قربان ڪري ڇڏيندس پر فنانس بل تي ووٽ نه ڏيندس، پاڪستان ۾ صرف ٽيڪس لڳايا وڃن ٿا، سهولتون نه ٿيون ملن، ناڻي وزير کي جڏهن مهانگائي ڪرڻي هوندي آهي ته ان کي ايوان ياد اچي ويندو آهي، پاڪستان ۾ غريب ماڻهن جي ترقي نه ڏٺي آهي، اڳوڻي ناڻي وزير پنهنجي سٺي بينڪ کولي ورتي، موجوده ناڻي وزير کي اٽي جي قيمتن جي خبر ناهي، شايد کيس کنڊ جي قيمتن به معلوم نه هجي، عمران خان جي دور ۾ يوريا 26 سئو کان 33 سئو تي پهتي، ڊي اي پي 13 هزار تي پهچي چڪي آهي، اڄ 170 ارب رپين جا وڌيڪ ٽيڪس لڳايا پيا وڃن، ٿورو ته انصاف ڪيو، بجلي نه ٿي ملي پر ان جا اگهه وڌندا پيا وڃن، 300 ڪينالن وارن گهرن  ۾ رهندڙ ليڊرن کي پڪڙيو وڃي، شادي هالن تي ڇو ٽيڪس لڳائي پئي وڃي، ايف بي آر کي لغام ڏنو وڃي، هن چيو ته ناڻي وزير ڪهڙي قانون تحت ڊالر مافيا سان ڳالهيون ڪيون، افغانستان ڏانهن پاڪستان کان سيمينٽ جي ٻورين ۾ ڊالر وجهي ڪير موڪلي رهيو آهي، افغانستان اسان جي ذميواري ناهي، انهن کان ڪير پڇندو، جماعت اسلامي جي عبدالاڪبر چترالي چيو ته اسان آزاد ناهيون، آمريڪا جا غلام آهيون، ان کي اسپيڪر پاران تقرير مختصر ڪرڻ لاءِ چيو ته هن ڪورم جي نشاندهي ڪئي، جنهن تي اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس جمعي ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.