لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته رڳو مونکي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ملڪ کي تباهه نه ڪيو وڃي، آءِ ايم ايف جي پيڪيج اچڻ سان به معاشي حالتون بهتر نه ٿينديون، حڪمرانن جي پٺڀرائي ڪندڙ سمجهي وڃن ته هنن وٽ اڳتي جو ڪو به رستو ناهي، سياسي استحڪام نه آيو ته چورن جو ٽولو ملڪ سنڀالي نه سگهندو، فوري چونڊون ڪرائي عوامي مينڊيٽ واري حڪومت آندي وڃي. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ قوم کي خطاب ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته  رڳو مون کي ٻاهر ڪڍڻ جي چڪر ۾ ملڪ کي تباهه نه ڪريو، هن چيو ته آءِ ايم ايف جي قرض سان معيشت سنڀالڻ جو مطلب ڪينسر جو علاج ڊسپرين سان ڪرڻ آهي، مني بجيٽ کانپوءِ مهانگائي جو نئون طوفان برپا ٿيندو، اهو معاملو وڌڻ بعد سيڪيورٽي تي اچي پوندو، اسان سريلنڪا جي اسٽيج تي پهچي چڪا آهيون. عمران خان چيو ته  اسان مني بجيٽ کي رد ڪريون ٿا ۽ تحريڪ انصاف سينيٽ ۾ ان جي ڀرپور مخالفت ڪندي پر صدر عارف علوي رنڊڪ نه بڻجندو. هن چيو ته پي ڊي ايم اسان جي حڪومت ۾ مهانگائي تي تنقيد ڪندي هئي، پيٽرول ٿورڙو مهانگو ٿيڻ تي سڀني جماعتن لانگ مارچ ڪيا، هاڻ اهي پاڻ حڪومت ۾ آيا آهن ته مهانگائي ختم ڪرڻ جو روڊ ميپ ڏيڻ بدران انتقامي ڪارروائين ۾ رڌل آهن. سندس چوڻ هو ڪير به ان خوش فهمي ۾ نه رهي ته آءِ ايم ايف کان قسط ملڻ بعد حالتون بهتر ٿي وينديون، ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچڻ تائين معاشي استحڪام نٿو اچي سگهي ۽ سياسي استحڪام چونڊن ذريعي ئي ممڪن آهي، حڪومت جي پٺڀرائي ڪندڙن کي سمجهڻ گهرجي ته انهن وٽ ڪو پلان ناهي. هن اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا قبول ڪري رهيو آهي ته هن حڪومت جي تبديلي ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ هو اهو به قبول ڪري رهيو آهي ته هن وڊيوز ۽ آڊيوز رڪارڊ ڪرايون آهن، سندس اهو اقرار پنهنجي حلف جي خلاف ورزي آهي، آرمي چيف ڪيئن هڪ چونڊيل وزيراعظم جون وڊيوز رڪارڊ ڪرائي سگهي ٿو اهو سنگين ڏوهه آهي.