سون 200 رپيا سستو: ڊالر ۾ به 30 پئسا لاٿ

0
288

ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ ) سون 200 رپيا سستو، ڊالر ۾ به 30 پئسا لاٿ، ان ڏس ۾ سون 200 رپيا لاٿ سان 110500 مان 110300 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي پڻ 30 رپيا گهٽتائي سان 1530 مان 1500 رپين تي پهتي، ٻئي طرف ڊالر 30 پئسا لاٿ سان 164.7 مان 164.4 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ 50 پئسا لاٿ سان 229 مان 228.5 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف يورو پڻ 2 رپيا اضافي سان 192 مان 194 رپين تي پهتو هو