خيرپور: پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان مٿان مبينه طور 2 سڱ چٽيءَ جي فتويٰ

0
276
پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو
خيرپور: پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان مٿان مبينه طور 2 سڱ چٽيءَ جي فتويٰ!

خيرپور: خيرپور ڀرسان ڳوٺ لال بخش ميتلو ۾ مبينه جرڳي ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان مٿان ٻه سڱ چٽي ۽ ٻن سالن لاءِ ڳوٺ نيڪاليءَ جي فتويٰ جو انڪشاف ٿيو آهي. امام ڏني ميتلو ۽ عبدالرسول ميتلو جو چوڻ هو ته 4 مهينا اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن تان مائٽ جاني دشمن بڻجي ويا آهن جن اسان مٿان ڪارنهن جو الزام مڙهي جرڳو ڪري ڏنڊ مڙهي ڇڏيا آهن. متاثر جوڙي چيو ته لڳايل ڏنڊ کان انڪار ڪرڻ تي فصلن ۽ زمينن تي قبضا پڻ ڪيا ويا آهن جڏهن ته اسان کي قتل ڪرڻ لاءِ اسان جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته وس وارا نوٽيس وٺي اسان کي تحفظ فراهم ڪري جانيون بچائن.