چيف جسٽس مندر ۾ ڀڃ ڊاهه جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي

0
912
چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد
چيف جسٽس مندر ۾ ڀڃ ڊاهه جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد رحيم يار خان ۾ شدت پسندن پاران مندر جي اندر ڪيل ڀڃ ڊاهه جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب ، ميمبر قومي اسيمبلي ۽ پاڪستان ھندو ڪائونسل جي سرپرست ان چيف ڊاڪٽر رميش ڪمار اسلام آباد ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد سان ملاقات ڪئي ۽ رحيم يار خان علائقي ڀونگ ۾ مندر ۾ ٿيل ڀڃ ڊاهه بابت گفتگو ڪئي. سپريم ڪورٽ موجب چيف جسٽس معاملي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن بعد ۾ اهو معاملو جمعي ، 6 آگسٽ 2021 تي اسلام آباد جي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو. بيان موجب چيف جسٽس انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) پنجاب پوليس ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب کان واقعي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي جڏهن ته ڊاڪٽر رميش ڪمار کي به ٻڌڻي لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.