لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا آهن ته سوشل ميڊيا ڪنٽرول نه ٿي ته پرڏيهه کان پاڪستان خلاف سازش ٿي سگهي ٿي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سوشل ميڊيا تان گستاخ مواد نه هٽائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس سوال ڪيو ته جيڪڏهن اوهان ٻاهرين ملڪ مان غيرمناسب مواد اپ لوڊ ڪريو ته ان جو ٽرائل ڪيئن ٿيندو؟. وڪيل درخواستگذار چيو ته قانون موجود آهي، جيڪڏهن ڪو ٻاهرين ملڪ ويهي ڪجهه سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪندو ته ان خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن هڪ ماڻهو برطانيا ۾ قتل ٿي وڃي ته پاڪستان ۾ ٽرائل نه ٿو ٿي سگهي؟ فيس بوڪ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام ۽ ٻي سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول نه ٿيو ته پرڏيهه ۾ ويهي بغاوت لاءِ ماڻهن کي ڀڙڪائي سگهجي ٿو، پاڪستان خلاف سازش ٿي سگهي ٿي. عدالت درخواست تي ٻڌڻي ايندڙ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، وڪيلن کي تياري ڪري اچڻ جي هدايت ڪئي وئي.