سوال/سروي نوجوانن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي بحال ڪيو وڃي: عوام

0
149
سوال/سروي نوجوانن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي بحال ڪيو وڃي: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي لاڳيتو تالا ڇو؟ هزارين نوجوانن جو مستقبل داءُ تي لڳل آجي، سنڌ سرڪار هفتي اندر سروس ڪميشن فعال ڪرڻ واري واعدي عمل ڇو ناهي ڪيو ؟ ان مامري تي اوهان ڇا چوندا ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي بحال ڪيو وڃي، سنڌ سرڪار پنهنجي واعدي تي عمل ڪري، نوجوانن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالغفور سروهي لکيو ته سنڌ ننڌڻڪو صوبو آهي، هتي حڪمراني نالي ڪا شيءِ ناهي، هر ڪنهن کي حصو پتي ملي ٿو. وسيلا نيلام، ادارا تباهه اهڙي انڌيرنگري جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي، ڪير نوٽس وٺي؟ حاڪم ڪٽوهر لکيو ته سنڌ سرڪار سدائين نوجوانن سان ظلم ڪيو آهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي بحال ڪيو وڃي، نوجوانن سان انصاف ڪيو وڃي، غضنفر سولنگي لکيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي تالا هڻي سنڌ جي نوجوانن کي مايوسي جي ڌٻڻ ۾ وڌو ويو آهي سال کان مٿي عرصي گذري وڃڻ کان پوءِ به سرڪار سنڌ جي هن وڏي اداري کي کولڻ لاءِ تيار ناهي هزارين نوجوانن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي خدار ڪميشن کي جلد کان جلد بحال ڪري سنڌي عوام مان هي مايوسي ختم ڪئي وڃي،

اعجاز علي لکيو ته اتي اهليت جو قتل ٿئي ٿو، پئسن تي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون، مڪيش ڀوراڻي لکيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي بحال ڪري سنڌي نوجوانن کي موقعو ڏنو وڃي ۽ ايماندار ميمبر مقرر ڪيا وڃن، انتظار ۾ ڪيترن ئي اميدوارن جا اڇا وار ٿي ويا آھن سنڌ حڪومت کي جلد بحال ڪرڻ گھرجي، نياز ڪلوئي لکيو ته سنڌ حڪومت کان گھر ٿا ڪريون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي جلد بحال ڪريو جيئن اسان جا نوجوان اڳتي نڪرن، شيراز چانگ لکيو ته شيراز چانگ لکيو ته سنڌ جي شعور سان وڏي ناانصافي آهي، قربان علي شر لکيو ته سنڌ سرڪار نه ٿي چاهي ته نوڪريون ميرٽ تي ڏجن، محمد اقبال سومرو لکيو ته سنڌ پبلڪ سروس کي کوليو وڃي، بشير ميراڻي لکيو ته سنڌ حڪومت به اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جيان هڪ به واعدو وفا نه ڪيو آهي، صرف ھوائي فائرنگ ڪرڻ جي شوقين آهي، اعلان هزارين مان نه رُڳو.. ظهور خاصخيلي لکيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته جلد پلڪ سروس ڪميشن کولي سنڌ جي نوجوانن جو معاشي قتل عام بند ڪيو وڃي،

امتياز جمالي لکيو ته هن وقت هر ڪو ڪرسي بچائڻ جي چڪر ۾ لڳو پيو آهي، عبدالنبي شر لکيو ته سنڌ پبلڪ سروس کي بحال ڪيو وڃي سنڌ جي نوجوانن مان مايوسي ختم ڪئي وڃي، ممتاز علي سميجو لکيو ته جيڪڏهن سنڌ پبلڪ سروس کي مڪمل فعال ٿا رکن ته هنن جي جا ماڻهو پروموشن ۽اضافي چارجون وٺي وڏن عهدن تي نٿا پهچي سگهن، سليم اختر لکيو ته سنڌين جو ڪو والي وارث ڪونهي، ڪميشن وارو ادرو غير فعال هئڻ سبب ڊگري ھولڊر ڌڪا کائڻ تي مجبور آهن، شبير سهتو لکيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي کوليو وڃي سنڌ جي نوجوان کي موقعو فراهم ڪيو وڃي،  الياس سمون لکيو ته ان کان اڳ سنڌ سرڪار ڪھڙي واعدي تي عمل ڪيو آھي جو ھن واعدي تي عمل ٿيندو چوندا آهن ته واعدا ته ٿيندا ئي ٽٽڻ لاءِ آھن، آزاد اسدالله هنڱورجو لکيو ته حڪمران سنڌي نوجوانن جي مستقبل جا ويري آهن، مولائي اسد ماڇي لکيو ته سنڌ حڪومت جا ڪي به واعدا وفا ناھن ٿيندا، عبدالرحمان چانگ لکيو ته حڪومت هميشه نوجوانن سان مذاقون ڪيون آهن ،هاڻ به پنهنجا نوازي ڪئي پئي وئي جڏھن اهو راز کليو ته پابندي لاڳو ڪئي وئي، مير سڪندر سولنگي لکيو ته سنڌ حڪومت سڌائين نوجوانن ساناانصافيون ڪيون آھن، اسامه سنڌي افسوس جو اظهار ڪيو، گلزار خشڪ لکيو ته هي سنڌ جا نااهل حڪمران سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي سنڌ جي نوجوانن جو مستقبل تباهه ڪرڻ ٿا چاهن،

رياض سولنگي لکيو ته نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو آهي، جنيد جمالي لکيو ته اڳ به اسان سوشل ميڊيا تي اھو مطالبو ڪيو هو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي کوليو وڃي، سنڌ جي نوجوانن سان سنڌپبلڪ سروس ڪميشن بند ڪري انتھائي ظلم ڪيو ويو آهي.ان جو ازالو ڪرڻ ناممڪن آهي. ڪميشن جي بند ٿيڻ سان سنڌ جي نوجوان نسل کي ڄاڻي واڻي تباه ڪرڻ جي ھڪ گھٽيا سازش آھي. جيڪااڳتي ھلي سنڌ جي عوام کي ٽيلنٽ ضايع ٿيڻ جي صورت ۾ ڀوڳڻي پوندي، اسان اعليٰ اختيارين کان ۽وس وارن کان پر زور مطالبو ٿا ڪيون ته  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي جلد کان جلد فعال ڪري. جلدقانوني گھرجون پوريون ڪري بحال ڪيو وڃي. ذوالفقار علي کنڊ لکيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبرن جي ڪري اڄ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو اھو حال آهي پئسا وٺي ڪري ماڻهون پاس پيا ڪن جنهن اميدوار وٽ پئسو ناهي انهن کي ڄاڻي واڻي فيل ڪيو پيو وڃي جنهن جي ڪري ھاءِڪورٽ نوٽيس وٺي ڪري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي بند ڪري ڇڏيو،

اشفاق چانڊيو لکيو ته هي هڪ هٿرادو ڊارمو پيو رچايو وڃي، خدارا هاڻي عوام سجاڳ ٿئي، نوڪرِ حسين ميمڻ لکيو ته سنڌ حڪومت نا انصافي ڪندي آهي ماستري جي چڪر ۾ سڀ نوجوان مصروف هئا جو ڪنھن وٽ وقت ناھي ته آواز اٿارين، فضل سبزوئي لکيو ته سنڌ حڪومت جي ھڪ به اعلان تي عمل ٿيندي نه ڏٺو آهي ھر سال بجيٽ ۾ روڊ رستن جا پيسا رکي وري انهن کي ڪرپشن جي ور چاڙهي ڇڏيندا آهن پ پ کي سنڌ تي حڪمراني ڪندي چوڏنهن سال گذري چڪا آهن پر سنڌ ۽ سنڌين جي حالت رحم جوڳي آهي سنڌ سرڪار کي گهرجي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي، مظفر بوزدار لکيو ته سياسي فردن کي پيسا کپن هتي ته بغير تالا کلي آرڊر ملندا آهن، وزير علي پنهور لکيو ته سنڌ حڪومت کان گھر ٿا ڪريون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي جلد بحال ڪريو جيئن اسان جا نوجوان اڳتي اچن.