سوال/سروي مهانگائي جو سبب نا اهل حڪومت آهي، حڪمران استعيفا ڏين: عوام

0
173
سوال/سروي مهانگائي جو سبب نا اهل حڪومت آهي، حڪمران استعيفا ڏين: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عمران خان جي حڪومت جي 3 سالن دوران مهانگائي جو طوفان اچي ويو آهي، اٽو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 422 رپيا، کنڊ 44، گيهه 210 رپيا، پٽاٽا 29، ٽماٽا 88 رپيا ڪلو مهانگا ٿي ويا آهن، ناڻي صلاحڪار شوڪت ترين چوي ٿو ته پيٽرول اڃا مهانگو ٿيندو، ان صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته مهانگائي جو سبب نا اهل حڪومت آهي،

حڪمرانن کي عوام تي ترس ڪندي استعيفا ڏيڻ گھرجي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي آزاد انور مهر لکيو ته مھانگائي جو سبب ناھل حڪومت آھي عمران حڪومت کي سليڪٽ ڪري ويھاريو ويو جيئن ڪرپشن ڪرڻ ۾ آساني ٿئي، خادم گهراڻو لکيو ته مهانگائي وڌندي پئي وڃي ماڻهو ماني دال پٽاٽي کائڻ کان سڪي ويا آهن،

گل حسن شر لکيو ته پي ٽي آءِ ملڪ کي پٿر جي دور ۾ موڪلڻ جي مشن تي ڪم ڪري رھي آھي اڃا به پيٽرول مھانگو ٿيو ته غريب عوام جو الائي ڇا ٿيندو حڪومت مھانگائي جي ڀيٽ سڌريل ملڪن سان پئي ڪري جيڪا ڳالھه ڪمال جي آھي مقامي ڪرنسي جي ويليو ۽ ماڻھن جي قوت خريد ڏسڻ کان سواءِ سڌريل ملڪن سان ڀيٽ شرمناڪ آھي، آسودومل لوهاڻو لکيو ته نااهل وفاقي سرڪار ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان گهڻي مهانگائي ڪري دنيا ۾ مثال قائم ڪيو آهي شوڪت ترين آءِ ايم ايف جي اشارن تي عوام جا لاھه ڪڍي ڇڏيا آهن،

ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته عمران خان جي حڪومت مان چڱائي جي اميد ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آھي، عمران جوڻيجو لکيو ته هن ملڪ ۾ غريب زنده لاش جي مثل آهي، وزير علي پنهور لکيو ته مھانگائي عروج تي بلکل آھي پر ڪجھه دڪاندار بي ايماني ڪن ٿا ۽ ڏوھ وري عمران کي ڏنو وڃي ٿو جئين کنڊ جو سرڪاري اگهه 90 رپيا آهي پر شادي لارج ۾ 125 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، عرض محمد پيرزادو لکيو ته مهانگائي وقت جي حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب ٿي آهي،

عوام تي رحم ڪيو وڃي، ذاڪر حسين لکيو ته جنهن تبديلي جي نعري سان عمران خان حڪومت ۾ آيو اها تبديلي عوام لاءِ عذاب کان گهٽ ڪونهي مهانگائي حڪومت کان ڪنٽرول نه پئي ٿئي هر هڪ شي مهانگي ٿي وئي آهي غريب جي گهر جو ئي چلهو وساميل آهي باقي ته حڪمران هجن چاهي مخالف ڌر وارا انهن وٽ ته اڳ کان ٻيڻ تي مال آھي لڳي ٿو پيٽرول جي قيمت وڌندي پئي وڃي جنهن سان مهانگائي اڃا وڌندي، مسرور شر لکيو ته هاڻي عمران خان کي ڪو به حق ناهي حڪومت ڪرڻ جو، ملڪ تباهه ٿي ويو آهي، راشد لطيف لکيو ته ملڪي تاريخ جو نا اهل ترين وزيراعظم مڙهيل آهي، مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ سندس وس ۾ ئي ناهي،

نياز سومرو لکيو ته ھن حڪومت ۾ ته ڪا چڱي خبر ٻڌي ئي ناھي، روز روز جي مھانگائي غريب عوام کي جيئري ماري ڇڏيو آهي، نااھل حڪمرانن کي عوام تي ترس ڪندي استعيفا ڏيڻ گھرجي! عبدالرحمان چانگ لکيو ته عمران حڪومت مهانگائي کان سواءِ عوام کي ڪجهه به نه ڏنو آھي مهانگائي ايتري وڌي آھي جو پورهيت 2 ويلا ماني نه ٿو کائي سگهي،غريبن جو جياپو مشڪل آھي، مڪيش ڀوراڻي لکيو ته پيٽرول مھانگو ڪري عوام کي ڪنگال ڪري ڇڏيو اٿن،

  بشير ميراڻي لکيو ته عمران خان جي تبديلي سرڪار مهانگائي جو طوفان کڙو ڪري ڇڏيو آهي پر وزير توڙي مشير مڃڻ لاءِ تيار نه آهن، اڃان به پيٽروليم جي قيمت وڌي ته غريب ماڻهو خودڪشي ڪرڻ لاءِ تياريون شروع ڪري.شنڪر باغي لکيو ته انهن تي ڪهڙي ميار جيڪي پنهنجي ڀيٽ ٻين ملڪن سان ٿا ڪن بنگلاديش جو ٽڪو به پنهنجي رپئي کان قيمتي آھي، بس گهٻرائڻو ناهي، سڪندر علي مهر لکيو ته تبديلي سرڪار مهانگائي،بک، بدحالي کان سواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، عمران خان ۽ انهن جي صلاحڪارن جا صرف ڪوڙا بيان آهن، هي نئون پاڪستان ٺاهيو آهي، هنن کي غريبن جي ڪهڙي پرواهه، غريبن سان هنن جو وڃي ئي ته ڇا.

پرنس جان لکيو ته عمران خان ڇا ملڪ سنڀاليندو، رضا راڄپر لکيو ته هن حڪومت غريبن جا ڪم لاهي ڇڏيا آھن پيٽرول مهانگو ٿيندو ته ان سان گڏ ھر شي مهانگي ٿيندي آھي هي حڪومت ٽن سالن ۾ ڪو پڪيج نه ڏئي سگهي آھي اڃا ٻه سال براشت ڪرڻو پوندو، عمر بلوچ لکيو ته مھانگائي جو سبب ناھل حڪومت آھي عمران حڪومت کي سليڪٽ ڪري ويھاريو ويو، واحد بخش لکيو ته بس حڪومت غريب عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي حڪومت عوام تي رحم ڪري، وحيد ڄامڙو لکيو ته تبديلي سرڪار مھانگائي وڌائي عوام جي چيلھه ڀڃي ڇڏي آھي ملڪ اندر مھانگائي جو طوفان مچائي ڇڏيو آھي عام واھپي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيا آھن،

منظور علي پنهور لکيو ته حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، عبدالله ميراڻي لکيو ته پيٽرول اڃا مهانگو ٿيو ته لڳي ٿو وري ڏاند ۽ اٺ گاڏيون ئي وٺڻيون پونديون. مخدوم منهال مڱريو لکيو ته حڪومت ناڪام ترين آهي، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته آخر هن حڪومت مان جند ڪڏهن آجي ٿيندي، ڪڏهن عوام سک جو ساهه کڻندو، پرتاب راءِ لکيو ته لڳي ٿو عمران خان جا پنهنجا پيٽرول پمپ آهن، امام الدين ٻرڙو لکيو ته مهانگائي اميرن لاءِ ناهي،

جاويد هڪڙو لکيو ته شوڪت ترين آءِ ايم ايف جو ملازم آهي، ثناءُالله چنا لکيو ته خدا حڪمرانن مان جان ڇڏائي، حاجي خان پنهور لکيو ته عوام مايوس آهي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته خدارا مهانگائي گهٽائي وڃي، راحب علي گهنيو ۽ محمد ايوب چانڊيو به سروي ۾ حصو ورتو، عيدل ڪنڀر لکيو ته حڪومت عوام تي رحم ڪري.