سوال/سروي شفاف چونڊون ٿيڻ گهرجن، ادارن جي مداخلت ختم ٿيڻ گهرجي: عوام

0
328

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته قومي اسيمبلي م اپوزيشن ليڊر ۽ نواز ليگ جي صدر شهباز شريف قومي حڪومت جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته مفاھمت يا مزاحمت نه، 2023 ۾ شفاف چونڊون چاھيون ٿا”شھباز شريف جي ان بيان کي اوھان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته شهباز شريف جو بيان درست آهي، شفاف چونڊون ٿيڻ گهرجن، ادارن جي مداخلت ختم  ٿيڻ گهرجي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته ھي سڀ مفاھمت آھي جيڪي مفاھمت وارا ڪرسي ۽ ڪيل ڪرپشن کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ ملڪ مٿان ڪھڙو به نظام لاڳو ڪرڻ جي حمايت ڪري سگھن ٿا، گل حسن شر لکيو ته اھو سڄو ڊيل جو نتيجو آھي بيڪ ڊور چينل ڪم ڪري ويو آھي، شھباز اھو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان اوھان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جاويد هڪڙو لکيو ته 2023ع جي اليڪشن ايئن ٿيندي جيئن اليڪشن ٿيندي آهي، راشد علي راجپوت لکيو ته بلڪل 2023 جون چونڊون شفاف ٿيڻ گھرجن ۽ شھباز شريف جو بيان بلڪل درست آھي، آفتاب ڪيريو لکيو ته حقيقي جمھوريت لاءِ چونڊن جو شفاف ھجڻ ضروري آھي، اظهر علي لکيو ته شهباز شريف بلڪل صحيح ٿو چوي، مجيب الرحمان لکيو ته پهرين چوائس وفاقي حڪومت آهي، ڪاشف حسين ڪنڀر لکيو ته چونڊن ۾ ڪنهن جي به مداخلت نه ٿيڻ کپي، چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، ووٽنگ مشين زريعي اليڪشن ڪرائي وڃي، مبين اڄڻ لکيو ته سئو سال جي آمريت کان ھڪ سال جي جھموريت بھتر آهي، شھباز شريف ۽ نواز شريف آمريت جي پيداوار آهن، شنڪر باغي لکيو ته صحيع ڳالھه آھي ھاڻي مسلم ليگ نواز کي شايد سمجھه اچي وئي آھي ته هي گهڻ قومي ملڪ آھي ۽ جهموري پراسيس کانسواءِ نٿو هلي سگهي، محمد يوسف سومرو لکيو ته شھباز شريف مٿين سرڪار کي راضي رکڻ لاءِ مڙئي بيان پيو ڏئي پر سندس ڳالھه ۾ وزن آھي اليڪشن شفاف ٿيڻ گھرجي، آسن داس لڇواڻي لکيو ته شهباز شريف جو بيان بلڪل درست آهي، ايندڙ چونڊون شفاف ٿيڻ کپن پر انهي بيان تي عمل مشڪل ٿئي، لياقت علي نوناري لکيو ته بلڪل بهترين بيان آهي هن جي آجيان ڪيون ٿا، طارق بجڪاڻي لکيو ته اليڪش ھر ھال ۾ صاف شفاف ٿيڻ گهرجن، ساگر علي رضا لکيو ته چونڊن کي شفاف بڻايو وڃي جهموريت کي مضبوط بڻايو وڃي.منيش واسو به سروي ۾ حصو ورتو، عرفان جروار لکيو ته اهي ڪڏهن به شفاف  چونڊون نه چاهيندا، راجا خان عباسي لکيو ته شفاف چونڊون تڏھن ٿينديون جڏھن ادارا مداخلت بند ڪندا، آدم  پتافي لکيو ته ھي صرف عوام کي شفاف چونڊن سان بيوقوف ڪندا آھن، ڌانڌلين جا ماسٽر مائينڊ آھن، اسلم آزاد سمون لکيو ته شفاف چونڊون تيستائين نه ٿي سگھنديون جيستائين ادارا آزاد خودمختيار نٿا ٿين، اسحاق کوسو لکيو ته چونڊون ته شفاف ٿيڻ مشڪل آھي، قادر بخش زئور لکيو ته شفاف چونڊون ٿين ته عوام جو مقدر تبديل ٿيندو باقي ووٽ چوري سان عوام جي قسم تباهه ٿيندي، نور نويد کوڙ لکيو ته شهباز شريف کي وزير اعظم ٿيڻ جو گهڻو شوق آهي تڏهن ته چوي ٿو2023 ۾ شفاف چونڊون ٿيڻ گهرجن، بشير ميراڻي لکيو ته شهباز شريف کي اقتدار گهرجي پوءِ ڇا به ٿئي، بجار خان جعفري لکيو ته شھباز شريف ته بلڪل صحيح چوي ٿو پر شفاف چونڊ مشڪل آهي ھي صرف عوام کي شفاف چونڊن جي نالي تي بيوقوف ڪندا آهن، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته ايندڙ چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، احسان علي سومرو لکيو ته شهباز شريف جي ڳالهه تي عمل ٿيڻ گهرجي، حبيب الله عمراڻي لکيو ته ايندڙ چونڊون شفاف طريقي ٿيڻ کپن ته جئين خبر پئي ته عوام ڪنهن کي ٿو چونڊي، جيڪو به چونڊن ۾ مداخلت ڪري ان تي ڪيس داخل ڪيو وڃي، ايم يوسف لغاري لکيو ته چونڊون کٽي ايندڙن جو چوڻ هوندو آهي ته اسان کي عوام ووٽ ڏنو آهي ۽ ھارائي ويندڙ ڌر جو چوڻ ھوندو آھي ته اسان سان ڌانڌلي ٿي آهي، قادر سنڌي لکيو ته ادارن جي مداخلت بند ٿيڻ سان شفاف چونڊون ٿينديون، عامر ڪلهوڙو به سروي ۾ حصو ورتو، عزير سومرو لکيو ته شفاف چونڊون مشڪل آهن، محمد حسين لکيو ته شهباز شريف جو بيان بلڪل درست آهي ايندڙ چونڊون شفاف ٿيڻ کپن.عرفان جروار لکيو ته اهي ڪيئن شفاف چونڊون چاهيندا، جاويد جبار مراداڻي، محمد الياس، عمر پنهور ۽ ٻين پڻ سروي ۾ حصو ورتو.