اچو ته تاريخي آثار بچايون

0
496

ھي آھن مخدوم بلاول دادوءَ کان 30 ڪلوميٽرن تي  مريداڻي جمالين جا سڏجندڙ قبا،پر حقيقت ۾ اھي قبا ڪلھوڙا دور سان تعلق رکندڙ آھن ۽ انھن جي تاريخي،آرڪيالاجيڪل اھميت آھي.انھن تاريخي قبن جو اسٽرڪچر ھوبھو ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي تاريخي قبرستان ۾ موجود قبن جھڙو آھي.قبن اندر ڀتين تي گھوڙي سوار تلوار ۽ نيزي بازي ڪندڙ جوڌن جون تصويرون چٽيل آهن،ان کانسواءِ آرٽ جا ٻيا نمونا به موجود آهن،جنھن مان گمان ٿئي ٿو ته اھي مقبرا صديون پراڻا ۽ ڪلھوڙا دور جي،خاص طور ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي دور جي جنگي سپهه سالارن جون آھن،ان کانسواءِ اتي جھرندڙ حالت ۾ جنگي جوڌن جون قبرون پڻ موجود آهن.انھن قبرن ۽ تاريخي قبن کي لالچي ماڻھو زمين ۾ سون پوريل ھجڻ جو گمان رکندي کوٽائي ڪري تباھ ڪري رھيا آھن پر افسوس جو سنڌ آرڪائيوز،آرڪيالاجي ۽ سنڌ انڊومينٽ فنڊ جي سڄڻن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.ڪالھه به مون ھڪ ٻئي تاريخي ماڳ جي وارتا جو احوال رکيو ھو ۽ حميد آخوند،بدر ابڙي ۽ اشتياق انصاري کي ٽيگ به ڪيو ھو،.وري به سنڌ جي انھن سڄڻن ۾ اميد رکي سگهجي ٿي ته اھي انھن تاريخي آثارن جي بحالي ۽ تحفظ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪن،اھو ڪو سنڌي ماڻھن تي احسان نه ھوندو پر اھا سندن ذميواري به آهي.انڊومينٽ فنڊ وٽ اربين روپين جا فنڊ انھي ڪم لاءِ آھن،سنڌ آرڪائيوز ۽ آرڪيالاجي کاتي جو به اھو ئي ڪم آھي، اچو ته گڏيل سگھارو آواز اٿاريون،جيئن اھي تاريخي آثار بچي سگھن.

(عرفان گوپانگ جي فيس بوڪ وال تان ورتل)