سوال/سروي سنڌ سرڪار پاران رمضان جي آخر ۾ بچت بازارن جو ڪهڙو فائدو؟ اهي به اڃا قائم ئي ناهن ٿيون: عوام

0
205
سوال/سروي سنڌ سرڪار پاران رمضان جي آخر ۾ بچت بازارن جو ڪهڙو فائدو؟ اهي به اڃا قائم ئي ناهن ٿيون: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته رمضان جي آخري ڏينهن ۾ سنڌ سرڪار پاران رمضان بازارون قائم ڪندي سستو اٽو، گيهه ۽ کنڊ ڏيڻ لاءِ 46 ڪروڙن جي سبسڊي ڏني پئي وڃي، سرڪار جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڇا اوهان جي شهر ۾ رمضان بازارون قائم ٿيون آهن؟ سستو سامان ملي پيو ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اسان جي شهرن ۾ رمضان بازارون نه لڳيون آهن، رمضان مهينو پورو ٿيڻ وارو آهي، هاڻ بچت بازارو لڳائڻ جو ڪهڙو فائدو؟ 46 ڪروڙن جي سبسڊي رڳو ڪاغذن ۾ پوري ٿي ويندي، ان بچت بازارن تي ٿيل خرچ جي جاچ ٿيڻ گهرجي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته رمضان جي آخر ۾ بچت بازارون لڳائڻ جو ڪھڙو فائدو ڪامورن جا مزا ٿيندا عيد دبئي ۾ ڪندا سبسڊي صرف ڪاغذن ۾ نظر ايندي، ان مامري جي جاچ ٿيڻ گهرجي، شفيع ملاح لکيو ته عوام کي ڪو خاص فائدو نه ٿيو ٻھراڙي ۾ يوٽلٽي اسٽور نه آھن مانجهند ٽائون به آھي ته تعلقي جو ھيڊ ڪواٽر هب آھي پر مانجهند ۾ يوٽيلٽي اسٽور نه آھي عوام مهانگائي ۾ پيسجي پيو، پرويز خاصخيلي لکيو ته وڏا ڊرامائي آهن سنڌ سرڪار وارا، علي عباس جمالي لکيو ته عوام سان وڏو مذاق ڪيو پيو وڃي،

فضل سبزوئي لکيو ته رڳو اعلان آھي اسان جي شھر ڪنڌڪوٽ ۾ ڪنھن به قسم جي بچت بازار نه لڳي آهي، سبسڊي جي نالي تي سنڌ حڪومت پاران رکيل 46 ڪروڙ به ڪرپشن جي ور چڙهي ويندا، وفاقي حڪومت پاران يوٽيليٽيز تي غريب عوام لاءِ ڏنل سبسڊي صرف دڪاندارن کي رشوت عيوض ملي ٿي، محمد حسن بلوچ لکيو ته ٺري ميرواهه ۾ اهڙو پيڪيج ناهي مليو، جبار آزاد منگي لکيو ته جتي بچت بازار لڳائي وئي، اتي ئي ڪاري وارا ڪک هئا، نه واپاري نه خريدار، رڳو شاميانا سجايا ويا، پئسا ونڊي کائيندا، عرض محمد پيرزادو لکيو ته اھڙن اعلانن جي ضرورت ڪونه آهي رڳو مارڪيٽ ۾ اٽو ۽ ٻيون شيون سستيون مهيا ڪيون وڃن، شمس الدين گبر لکيو ته ٺٽي ۾ اعلان تي عمل ناهي ٿيو، نادر علي اڄڻ لکيو ته سنڌ اندر ايترا ڪيئي اعلان ٿيندا رھندا آھن ، خيرپور ۾ رمضان بازرون ناهن لڳيون، جتي لڳيون به آهن اتي رڳو فوٽو سيشن ڪري بند ڪيون ويون، خاموش خليل شر لکيو ته اسان جي شھر ڪرونڊي ۾ عيد رمضان بچت بازارون نه لڳي سگهي آھي، علي گل شيخ لکيو ته هي صرف اعلان آهن،

نادر ابڙو لکيو ته مزدور طبقو ٻن ويلن لاءِ پريشان آھي سرڪار ٺلها اعلان ڪري رهي آهي، گلزار احمد درس لکيو ته ڪافي شھرن ۾  محدود تعداد ۾ سامان رکيو ويو نالي ماتر اسٽال لڳا، علي نواز گبول لکيو ته ڪرپشن آهي، رياض امر ٻجورو لکيو ته ٿورن پَئسن ۾ ھڪ ئي وقت سڀ سامان ڪيئن ٿو وٺي سَگھي، اسلم کهڙو لکيو ته اسان ته بازارون ئي نه ڏٺيون آھن، ڪاشف حسين ڪنڀر لکيو ته نيوڇور توڙي ڇور ۾ اڃان تائين رمضان بازارون ناهن لڳيون ضلعي مرڪز عمرڪوٽ ۾ قائم رمضان بازار ۾ فروٽ خراب پيو وڪرو ٿئي، ياسر کٽياڻ لکيو ته اسان جي شهر ۾ اهڙي ڪا بازار ناهي لڳي، مجيد لغاري لکيو ته دادو واري رمضان بازار ۾ مارڪيٽن وارو ريٽ ھلي پيو ڪو فرق ناھي، عباس ٻرڙو لکيو ته آخري ڏينھن ۾ بازار جو اعلان ڪري مسڪينن سان مزاق ڪيو ويو آھي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته سنڌ سرڪار رڳو اعلان ئي ڪندي آهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته رمضان پنهنجي پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي هاڻي وري رمضان بازارون ۽ سبسڊي مذاق آهي، صدام خان مشوري لکيو ته قاسم آباد ۾ رڳو ٻه ڏينھن ھلي بچت بازار، سليم اختر لکيو ته رمضان بازارون ويرن آهن، شبير احمد پالاري لکيو ته جهمپير ۾ قدم قدم تي سستيون بازارون لڳل آهن،

احمد علي سيال لکيو ته ڪشمور ۾ غريب عوام لاءِ ڪو به رليف فراهم نه ڪيو ويو آهي ضلعي انتظاميا طرفان بچت بازار لڳائي وئي آهي،رضا جروار لکيو ته آخري تاريخن ۾ بچت بازار. ڪامورا شاهيءَ ۽ حڪمرانن جي ڪرپشن جي چال آهي، گلاب خاصخيلي لکيو ته اسان وٽ ٽنڊو جان محمد شھر ۾ نه ئي سستي اٽي جو اسٽال آھي ۽ نه ڪا بچت بازار آهي، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته ٺل ۾ عوام سستي سا مان لاءِ يوٽيلٽي اسٽور تي لائين ۾ بيهي بيهي خوار تي آخر گهر واپس موٽي وڃن ٿا رمضان گذري ويو آهي حڪومت آخر ۾ اعلان ڪيو، اياز کهاوڙ لکيو ته ٻاهرين ملڪن اندر رمضان اچڻ کان پهرين پچت بازارون شروع ڪيون وينديون آهن. هتي وري ويتر اگهه وڌايا ويندا آهن، حبيب الله عمراڻي لکيو ته اسانجي نيوڇور ۾ ڪا به رمضان بازار اڃان تائين ناهي قائم ٿي، وقاص ياسين آرائين لکيو ته اسان وٽ رمضان بازار ناهي لڳي، شيراز چانگ لکيو ته ٽنڊو غلام حيدر ۾ مڙئي خير لڳو پيو آهي. فضل الرحمان لکيو ته شڪارپور ۾ رمضان بازار ناهي لڳي، عزيزالله خاصخيلي لکيو ته خداآباد ۾ ڪجهه به نه ٿي سگهيو غريب ماڻهن لاءِ ڪروڙين رپيا نالي غريب جي سبسڊي پر رليف فراهم نه ڪيو ويو، رياض سولنگي لکيو ته فيض گنج ۾ لڳل بچت بازار ۾ رڳو اٽو رکيو ويو باقي ڪل خير عوام کي ڪابه سهولت هن بازار مان نه ملي سگهي، راشد رولاڪ لکيو ته حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه سدائين رمضان جي آخري ڏينهن ۾ ئي اهڙا پيڪيج آڻي عوام کي بيوقوف بڻائيندي آهي. حيدرآباد ۾ بچت بازار ۾ رڳو فروٽ ئي نظر پيو اچي. اهو به معياري ناهي. عام مارڪيٽن کي به بچت بازار ۾ تبديل ڪيو وڃي ته عوام جي مهانگائي مان جان ڇٽي پوندي.

اشفاق چانڊيو لکيو ته نصيرآباد ۾ بچت بازار قائم نه ٿي آهي ۽ ٻين شهرن ۾ قائم  ٿيون آھن اهڙيون جو انهن ۾ خاص سامان نٿو ملي جيڪو هئڻ گهرجي، برڪت علي لکيو ته تنگواڻي ۾ بچت بازار نه لڳي آهي سنڌ سرڪار رڳو اعلان ڪيو آهي، عاشق ڀٽي لکيو ته نوابشاھه ۾ سستيون بازارون ته ڏسڻ ۾ ڪونه ٿيون اچن باقي سستي اٽي جا اسٽا لڳل آھن، ساحل بدر لانگاهه لکيو ته ڄامشورو يوٽيليٽي اسٽور تي سامان مليو، بشير ميراڻي لکيو ته اسان جي شھر ميرپور بٺورو ۾ رمضان بازار قائم نه ڪئي آهي، شبير احمد کهڙو لکيو ته نسيم ننگرحيدرآباد ۾ اسٽال خالي پيا هئا جيڪي هينئر پٽيجي به ويا، عوام کي رليف نه مليو، ڊي ڪي بلوچ لکيو ته دادو ۾ بازار لڳائي وئي آهي جيڪا هفتي ۾ ٻه ڀيرا لڳندي آهي، راڄڙ الهڏنو لکيو ته ان پيڪج جي نالي تي هنن کي پنهنجا پيٽ ڀرڻا آھن. عابد لغاري لکيو ته اسان وٽ جاتي ۾ به ڪاري وارا ڪک آهن، مدثر کهاوڙ لکيو ته انهن پئسن مان ڪرپشن ڪئي ويندي ۽ غريبن کي ڪو به لاڀ حاصل نه ٿيندو، قادر بخش زئور لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، علي نواز لکيو ته رمضان پورو ٿي ويو هاڻي جاڳيا آهن، امان الله بوزدار لکيو ته پنهنجي کائڻ لاءِ قدم کنيو اٿن، غني لوهر لکيو ته لوڪ لڏڻ تي چري اڏڻ تي،

مسرور شر لکيو ته اعلان تي عمل ڪونهي، ايڊووڪيٽ سنيل شتروگهن لکيو ته اعلان آهي رڳو، محمد ابراهيم، زاهد سيال، جنيد جمالي به سروي ۾ حصو ورتو، غلام حسين ڀٽي لکيو ته حڪومت صرف اعلان ڪري پنهنجي مٿي تان وزن لاھي پئي، باقي بيورو ڪريسي اي سين کان ٻاھر نڪرڻ لاءِ تيار ئي ناھي، عبدالقادر گبول لکيو ته اهو صرف اخبارن ۾ پڙهيو آهي، مير شان علي ٽالپر، صدام سنڌي، نردوش پوراڻي، سنتوش ڪمار به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالمجيد مغل، سليم پتافي، شاهنواز ٻاٽ، ڪامل نهڙيو، شفيق لغاري، حسن علي مگسي به راءِ جو اظهار ڪيو، اقبال سميجو لکيو ته ان اعلان تي عمل ٿيڻ گهرجي، ممتاز علي ڪلهوڙو لکيو ته سنڌ ۾ بادشاھي آ جيڪو وڻي بادشاھن کي اعلان ڪري سگھن ٿا،

باقر علي، مير سڪندر سولنگي، ايس ڪي پهوڙ، شاهد پنهور، رياض ڪولاچي به سروي ۾ حصو ورتو، الطاف حسين جتوئي لکيو ته خانه پوري ڪرڻ واسطي اعلان ٿيندا آهن، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته رڳو ٽوپي ڊراما پيا ڪن، وحيد ڄامڙو لکيو ته سکڻا حوال آهن، امتياز جمالي لکيو ته ڪا به شيءِ نه ملندي، پرنس مور لال لکيو ته اهو سامان ڪٿي ملندو اسان کي به ٻڌايو، فدا حسن بلوچ، صادق بلوچ،  عبدالقدير شر، ابراهيم مهيسر به سروي ۾ حصو ورتو، محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته غريبن کي رليف نه ملندو، علي راز، راجا مهر، ڪامران خان، ثابت علي اعواڻ،شبير حسين ڀوت، اقبال بروهي، عمران احمد، جاويد احمد، محمد نواز چانڊيو، رياض خان بلوچ، غلام محمد، ساجد چانديو، محمد حنيف، پرتاب راءِ، اعجاز شر، شاهد ڏاهري، احمد حسين، فيضان ميمڻ، ارباب علي خاصخيلي، علي رضا وڻجارو، ساحل عالياڻي ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.