دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري ۾ نوجوان اياز پلهه ٽريڪٽر جي شافٽ ۾ وچڙي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي  فوري طور علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان ڳوٺ ميرانپور ۾ زرعي زمين تي ٽريڪٽر ذريعي پاڻي واري ٽيوب ويل ھلائي رھيو ھيو ته ٽريڪٽر جي شافٽ ۾ سندس قميص ڦاسڻ سبب هو زخمي ٿي پيو، فوتي نوجوان پنهنجي اخبار جي عيوضي عبدالحفيظ پلھه جو سئوٽ هو، پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي،