سنڌ ۾ تيزي سان وڌندڙ غربت !

 سنڌ ۾ آمدنيءَ جا ذريعا گهٽ، زرعي پيداوار ۽ فصلن ۾ کوٽ ۽ قدرتي وسيلا نه اهم ڪارڻ آهن، اسان جي سنڌ معاشي، مالي ۽ سماجي بحرانن جو شڪار رهندي پئي اچي ۽ وري جيڪڏهن انهن سمورن مسئلن سان گڏوگڏ آبادي ۾ به واڌارو ٿيندو رهي ته اسان جي سنڌ تباهي ڏانهن وڌندي ۽ پوءِ خوشحالي جي ڪا به اميد باقي نه رهندي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن ملڪ جي خوشحالي جو دارومدار آبادي جي انگ تي پڻ هوندو آهي، جيڪڏهن غربت جي بدترين اثرن، آبادي جي تيزيءَ سان وڌندڙ رفتار ۽ ماحوليات جي مجموعي اثرن جو جلد مقابلو نه ڪيو ويو ته چند سالن ۾ ئي نتيجا سامهون ايندا، سماجن ۾ مختلف نمونن سان ڀڃ ڊاهه، اقتصادي نراجيت، ڏڪار ۽ سياسي بيچيني جي صورت ۾ نڪرندا. اسرندڙ دنيا ۾ عورتن ۽ ٻارن جي صحت، خوراڪ ۽ تعليم جي بچاءُ لاءِ اڄ ڪلهه جيڪي فوري تدبيرون ميسر آهن انهن تي عمل ڪري غربت، آبادي ۾ اضافي ۽ ماحول جي بگڙڻ واري عمل جي رفتار کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ان کان سواءِ غربت، آبادي ۽ ماحوليات جو مسئلو ان وقت تائين حل نٿو ڪري سگهجي جيستائين غربت جي انتهائي خراب اثرن کي ختم ڪرڻ لاءِ عالمي سطح تي لاڳيتون ڪوششون نٿيون ڪيون وڃن.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

زندگي جي هر موڙ تي ٻارن جي رهنمائي لازمي آهي!

  جديد دور ۾ نئين نسل کي رهنمائي ۽ ھدايت جي سخت ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي مسئلن جي ڪري نوجوان پنھنجي زندگي کي خطري ۾ وجهڻ لاءِ تيار آھن ۽ بنا سوچي سمجھي غلط فيصلا ڪرڻ ۾ عار محسوس نه ڪندا آھن. تنھن ڪري نوجوانن کي زندگي گذارڻ لاءِ رھنمائي کي اهم سمجهيو وڃي ٿو. جيڪو موجوده سائنسي دور ۾ موجود مسئلن جي حل لاءِ گيٽ وي پيش ڪري ٿو. ھدايت ۽ رھنمائي جو مقصد آھي رويي جي تبديلي ۾ مدد ڪرڻ، مقابلي جي صلاحيتن کي وڌائڻ، فيصلا سازي کي هٿي ڏيڻ، لاڳاپن کي بھتر ڪرڻ. ھدايت ۽ رھنمائي ڪنھن جي قابليت ۽ صلاحيتن کي سڃاڻڻ ۽ سمجھڻ ۾ مدد ڪري ٿي، ناپسنديده خصلتن کي ختم ڪرڻ لاءِ پراميد نقطه نظر پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ھدايت ۽ رھنمائي جو وڏو مقصد شاگردن جي علمي، سماجي، جذباتي ۽ ذاتي ترقي جي حوصلا افزائي ڪرڻ آھي. ڇاڪاڻ ته اڄ جي دور ۾ نوجوان جي ذهنن ۽ شخصيت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان سان گڏ جسماني، سماجي، نفسياتي، ۽ تعليمي شعبن ۾ شرڪت ڪرڻ  لاءِ رهنمائي جي ضرورت آهي ۽ اسڪول جي شاگردن لاءِ ووڪيشنل ٽريننگ جي به سخت ضرورت آھي، جيڪي سکيا جي رنڊڪن کي دور ڪرڻ لاءِ هڪ ڊگهو رستو اختيار ڪري ٿي. جيتوڻيڪ اڄ ڪلهه نوجوان سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ ان سان فائدا پڻ مليا آهن جيئن ته گھر ويٺي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ انٽرنيٽ ذريعي پئسا ڪمائڻ شامل آھن پر ساڳئي وقت انٽرنيٽ نوجوانن جي زندگيءَ ۾ ناڪاري سوچ کي جنم پڻ ڏنو آھي. ننڍپڻ کان وٺي ٻار مختلف بندشن ۽ روڪ کي منھن ڏيندو آھي. جيئن ئي اھو ٻار سمجهه وارو نوجوان ٿي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پير رکندو آھي ته پاڻ کي آزاد سمجھندو آھي ۽ مختلف غلط عملن، فحاشي سرگرمين جو حصو بڻجي ويندو آھي. نوجوان شاگردن کي رهنمائي ۽ ھدايت جي سخت ضرورت آھي ۽ ان جي اھميت کي نظر ۾ رکندي والدين ۽ استادن کي گھرجي ته هو زندگيءَ جي هر موڙ تي اولاد جي رھنمائي ڪن.

سمير ساگر قريشي/حيدرآباد

نئين نوجوان قيادت آڻيو، سنڌ بچايو!

  جيئن ته بلدياتي اليڪشن اچي پئي ۽ ھر سياسي پارٽي چاھي ٿي ته اسان جو اميدوار ڪامياب ٿئي پر حقيقت ۾ اھي سياسي پارٽيون پنھنجي مطلب لاءِ جاکوڙ رھيون آھن، خاص ڪري سنڌ ۾ ھر طرف تباھي نظر اچي ٿي، ھر شھر ۽ ھر ڳوٺ ۾ عوام دربدر ٿيندو رهي ٿو، ھن سان انھن ليڊرن کي يا حڪومت کي ڪو فرق نٿو پوي ۽ نه ئي اھي معزز ليڊر ڪنھن غريب لاءِ سوچن ٿا، انھن کي صرف ووٽ تائين مطلب ھوندو آھي، يقينن گذريل ڪيترين ئي سالن کان اھو سلسلو جاري آهي ھر پراڻي ليڊر کي عوام ڏسي چڪي آهي ۽ ھر ليڊر کي موقعو مليو آهي ان جي باوجود به اسان سنڌي بنيادي سهولتن کان محروم رهيا آهيون. ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ سنڌ جي عوام کي گھرجي ته ھاڻ ان ماڻھوءَ کي چونڊين جيڪو عوام جي خدمت ڪرڻ جي لائق ھجي ۽ عوام کي يقين ھجي ته اھو ماڻھو اسان جي لاءِ ضرور ڪم ڪندو، پوءِ چاھي ھو ڪنھن به پارٽي جو ھجي پر ھجي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ، پراڻن سياستدانن جيان ووٽ وٺڻ کان پوءِ گم ٿيڻ وارو نه ھجي تڏهن ئي وڃي اسين ترقي ڪري سگھون ٿا، باقي روايتي اڳواڻن پيرن ميرن ۽ وڏيرن جي پويان ھلندا رھنداسين ته سواءِ ڏکيائين جي ٻيو ڪجھ به حاصل ڪو نه ٿيندو ۽ اڃا سنڌ کي پوئتي ڌڪيو ويندو، تنھن ڪري منھنجي سمورن سنڌ واسين کي گذارش آهي ته توهان نوان اميدوار آڻيو ته جيئن اسان به ڪجھ ترقي ڪري سگھون ۽ اسان پنھنجي مستقبل جو فيصلو ڪيون.

يو ڪي راھمون/ ڪيرلو

وڻ پوکيو ۽ ماحول کي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کان بچايو!‎‎

  ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گرين هائوس گئسن مان هڪ مکيه گئس آهي، جيڪا گلوبل وارمنگ جو سبب بڻجي دنيا جي آبهوا کي تبديل ڪري رهي آهي، انساني سرگرميون جهڙوڪ فوسل کي ساڙڻ، ٻيلن جي واڍي، صنعتون، آمدورفت، زمين جي استعمال ۾ تبديلي ۽ ڀاڻن جو غير متوازن استعمال، ماحول ۾ لاڳيتو ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي خارج ٿيڻ واري مقدار ۾ اضافو ڪري رھيا آھن. تيزيءَ سان وڌندڙ وڻ ۽ ٻيلا فضائي ڪاربن کي گڏ ڪرڻ جا سڀ کان وڌيڪ ڪارائتا طريقا آهي. جيئن ٻيلا وڌندا آهن اهي ڪاربان کي ڪاٺ جي تاندورن ۽ مٽي جي نامياتي مادي ۾ گڏ ڪندا آهن. ڪاربان کڻڻ جي خالص شرح اُن وقت تمام گھڻي وڌي ويندي آهي، جڏهن اهي ٻيلا نوان هوندا آهن ۽ وقت سان گڏ سست ٿي ويندا آهن، پراڻا ٻيلا گهڻي وقت تائين ڪاربان کي گڏ ڪري سگهن ٿا. وڻ اثرائتي طريقي سان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي ٽوڙي ٿو ۽ پنهنجي سڀني حصن ۾ ڪاربان کي گڏ ڪري ٿو ۽ آڪسيجن کي واپس فضا ۾ ڇڏي ٿو. جيڪڏهن گھڻي ڪاربن کي گڏ ڪيو وڃي ۽ خارج گهٽايو وڃي ته پوءِ مستقبل ۾گرين هائوس گئسن جو اثر گهٽجي ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ گرمي پد ۽ موسمي تبديليءَ سان لاڳاپيل چڪرن تي به ضابطو اچي ويندو. جيڪڏهن زراعت جي زمينن بابت ڏٺو وڃي ته مٽي جي بهتر جوڙجڪ، بهتر پاڻي جو استعمال ۽ ذخيرو، گھٽ خرابي، زمين جي زرخيزي ۾ واڌ، صحتمند ماحول ۽ زراعت جي ڪارڪردگي ۾ بهتري اچي سگھي ٿي.

جئه ڪمار/سامارو، عمرڪوٽ

ھنرمند پروگرام ۾ چانھه ٺاھڻ جو ٽريڊ شامل ڪيو وڃي!‎‎

  دنيا ۾ جي ھنرن جي فھرست ٺاھي ھڪ ھنر جو مھاڳ لکجي ته ڪتاب جيترو مواد لکجي ويندو، انھن مان ھرھڪ ڌنڌي جي ھر ھڪ خطي ۾ پنهنجي اھميت آھي، جيڪڏهن زرعي پٽي ۾ مشينري ھنر سيکاريو وڃي ته ايترو ڪارگر نه ٿيندو پر ڪي اھڙا ھنر جيڪي دنيا جي ھر جڳھ ھر موسم ۾ ھڪ جھڙي اھميت رکن ٿا انھن ۾ اڄ ڪالھ چانھ ٺاھڻ وڏو ھنر بڻجي چڪو آھي، ھي ھنر ننڍڙي چاپري واري ھوٽل کان لگزري ھوٽل تائين ھڪ جھڙي اھميت رکي ٿو، دنيا ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ڪاروبارن جي فھرست ۾ سڀ نمايان آھي، گھر ھجي يا مھمان خانو، واپار جي گڏجاڻي ھجي يا رشتي بابت ڳالھ ٻولھ، ان دوران گھران توڙي ھوٽل کان ٺھي آيل چانھ جو وڏو ڪردار ھوندو آھي. جي اوھان کي سٺي چانھ ٺاھڻ اچي ٿي ته آفيس بواءِ جي خانگي ملازمت ملڻ ۾ وڌيڪ سولائي پيدا ٿي ويندي آهي ۽ جي اوھان ڇوڪري آھيو رڌ پچاءَ ۾ ڪمزور آھيو پر چانھ ٺاھڻ ۾ ڀڙ آھيو ته رشتي ٿيڻ ۾ سولائي پيدا ٿيڻ جا امڪان ھوندا آھن، جڏھن ته ھي ڪاروبار به تمام گھٽ خرچ تي شروع ڪري سگھجي ٿو، صرف چانھ ٺاھڻ جو ھنر ھجي، باقي ڪا وڏي سيڙپ جي ضرورت ناھي پوندي، ان لاءِ ھن ڪاروبار کي غريبن جو ڪامياب ڪاوربار چئي سگھجي ٿو، ان لاءِ سرڪار کي گھرجي ته سمورن نوجوان ھنرمند پروگرامن ۾ چانهه ٺاھڻ وارو ٽريڊ شامل ڪري ٿوري ۾ ٿوري وقت ۾ وڌ ۾ وڌ ھنرمند ماڻھو پيدا ڪيا وڃن، بنسبت ٻين ٽيڪينل ٽريڊن جي ٽريننگ پوري ٿيڻ بعد ان ٽريڊ جي ڪاروبار ۾ وڏي سيڙپ ذريعين ضرورت پوي ٿي، ان لاءِ سرڪار کي گھرجي منھنجي ڏنل تجويز تي عمل ڪيو وڃي ته جيئن وڌ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگھن .

منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي

ملير پريس ڪلب تي افغانين جون وسايل سڌيون گوليون!

  ايس ٽي پي ڪارڪنن جي احتجاج دوران ملير پريس ڪلب تي افغانين جي حملي ۽ ڪلب اندر سڌي فائرنگ کي کليل دھشتگردي آھي، ايس ٽي پي ڪارڪن جي زخمي ٿيڻ ۽ پريس ڪلب اندر موجود صحافين تي سڌيون گوليون ھلائڻ مذمت جوڳو عمل آھي. افغاني پٺاڻن ڪراچي اندر پنھنجا ٿاڪ ڄمائي ڇڏيا آھن، ڪراچي اندر شھرين مٿان حملا روز جو معمول بڻيل آهن ۽ اھڙن واقعن جا وڊيوز سوشل ميڊيا نظر اچن ٿا. ٻاھرين ملڪن جا اھي تڙيل قبيلا آھن جيڪي غيرملڪي آھن، ھتان جا مقامي نه آھن، ھنن افغاني پٺاڻن مقامي ماڻھن جي لاءِ ڪراچي اندر ڌرتي ڌڻين لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آھي. امن جي ڌرڻي رت رڳي ڇڏي آھي. ھي ڪراچي اندر لسانيت ڦھلائي رھيا آھن. ڪراچي ملير کي وانا ۽ وزيرستان بڻائي ڇڏيو آھي. افغانين ڪراچي ۾ غير قانوني ڊوميسائل ٺھرائي ڇڏيا آھن، تازوئي ڪراچي ملير پريس ڪلب تي ايس ٽي پي ڪارڪن تي افغاني پٺاڻن پاران حملو ڪيو ويو، پريس ڪلب تي ٿيل حملي خلاف سموري ملڪ جا صحافي سراپا احتجاج بڻيل آھن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان اھو مطالبو ڪري رھيا آھن ته دھشتگردي ۾ ملوث ڪردارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ ملير پريس ڪلب جي سيڪيورٽي لاءِ رينجرس جي نفري مقرر ڪئي وڃي.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

جمھوري حڪومت جي ڪارڪردگي جي رپورٽ!

  گذريل 30 سالن جي جمھوري حڪومت ۾ سياستدان ۽ آفيسر ذاتي طور راتو رات ڪروڙ پتي بڻجي ويا پر عوام کي مهانگائي ۽ بدعنواني کان سواءِ ڪجهه به نه مليو آهي. ڳوٺ ويران ٿي ويا آهن ۽ شهر گندگي، آلودگي، حددخلين، ڪچين آبادين سبب سوڙها ٿي ويا آهن. ماڻهو گهٽ معيار جي گهرن ۾رھڻ تي مجبور ٿي پيا آهن جڏهن ته سياستدان ۽ آفيسر سرڪاري ڪشادن گهرن، فارم هائوس ۾ رھڻ لڳا آهن. عوام کي رڪشي تائين ڏکيائيءَ سان رسائي حاصل آهي پر سياستدان ۽ آفيسر زيرو ميٽر لينڊڪروزر گاڏين جا مزا پيا وٺن. سرڪاري ادارا عوام کي ڪا سهولت ڏيڻ بدران رڳو رشوت جي بازار بڻجي عوام کي ڦرڻ لاءِ دڪان کوليو ويٺا آهن چونڊيل نمائندا ۽ آفيسر پاڻ ۾ هڪ مافيا بڻجي ڦرڻ لڳا آهن. عوام طرفان حڪومت اشرافيا لاءِ  بهترين ثابت ٿي آهي، جڏهن ته عوام يا ووٽرن کي رڳو مهانگائي ۽ بدعنواني ملي آھي ته ان جي باوجود ڪرپٽ حڪمران وري به اليڪشن کٽي اچڻ تي سرھا پيا ڏسجن، ڄڻ ڪو سچي پچي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. جڏهن ته عوام مجبور ٿي ڀوتارن کي ووٽ ڏئي ٿو، ننڍڙن ذاتي مفادن خاطر ھو ووٽ ڏيندا پيا اچن جنهن جو هي ڀوتار ناجائز فائدو پيا حاصل ڪن. حڪومت کي ڌاڙو هڻندڙ وزيرن، مشيرن، ايم پي اي ۽ ايم اين ايز کي نابينا نيب به پڪڙي ناهي سگهي، سمورا وزير ضمانتن تي آزاد ٿي عهدن تي برقرار آهن. ميڊيا ۽ دانشورن جي مزاحمت بي نتيجو ثابت ٿي آهي. حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڪو فرق نه رهيو آهي ته ٻئي هڪ ٻئي کان وڌيڪ بدنام ٿي پيون آهن.

شبير کوکر/ قاسم آباد

ڪتاب زندگيءَ ۾ روشنيءَ جي لاٽ جيان هوندا آهن!

  ڪنهن ڏاهي چواڻي ته زندگي ۾ ٻن شين جي سوچي سمجهي ۽ سٺي چونڊ ڪيو، هڪ ڪتاب ۽ ٻيو دوست! اهي ٻئي ناياب شيون آهن، اوهان کي خراب به ڪري سگهن ٿيون ۽ بهتر به. ڪتاب به سٺا ناهن هوندا پر اهو چونڊيبدڙ جو ذهني دارومدار آهي ته هو ڪهڙي چونڊ ٿو ڪري. اهي ڪتاب ئي آهن جن قومن جون تقديرون تبديل ڪيون آهن. ڪتاب جن سان انسان جي زندگي جي شروعات ٿي ۽ ڪتاب انسان کي سوچڻ تي مجبور ڪرڻ سان گڏ گهڻو ڪجھ سيکاريو آهي پر اڄ ڪلھ جو نوجوان ڪتابن کان پري ڀڄندو آهي، جيڪا هڪ تنزلي آهي. شايد اسان کي اها خبر ناهي ته سياسي، سماجي ۽ معاشي ڄاڻ کان سواءِ تبديلي ناممڪن آهي. جڏهن اسان کي مسئلن جي خبر نه هوندي ته انهن مسئلن جو حل ڪيئن ڪڍنداسين؟ سياسي، سماجي معاشي توڙي ملڪي صورتحال ڪتابن ۾ ئي سمايل هوندي آهي، ڪتابن ۾ هر دور جي صورتحال شامل هوندي آهي. تنهن ڪري اچو ته ڪتابن جي هن عالمي ڏينهن تي پنهنجي پاڻ سان وچن ڪريون ته صدين کان جهالت جي ور چڙهيل ۽ جهالت جو شڪار بڻيل هن اونداهي سماج ۾ جيئن جو تيئن ظلم کي برداشت ڪرڻ بجاءِ ان خلاف پنهنجي پنهنجي حصي جو هڪ ڏيئو ٻاريون. ڪتابن سان دوستي ڪيون ۽ ڪتابن کي دوست بڻائي، سياست، سماج، تاريخ، مذهب، سائنس، نفسيات ۽ علم جي جنگ جهڙهن موضوعن جو گهرائي سان مطالعو ڪري سماج ۾ موجود ذهني بيمارين جو خاتمو ڪري، هڪ نئون پرامن، انصاف پرست جمهوري ۽ نيڪ نيت سماج جوڙيون. ڪتاب زندگيءَ جي اڪيلي سفر جا من مهڻا ساٿي آهن، جيڪي هميشه اسان کي روشنيءَ جي لاٽ ڏيندا رهندا آهن، ڪتاب پڙهن کان پوءِ ماڻهو مختلف ۽ نرلو ٿي ويندو آهي. ان کان پوءِ اهو آهستي آهستي انسان ٿيندو آهي ڇو جو ان جي ذهن ۾ مختلف سوالن جي برسات وسڻ شروع ٿي ويندي آهي. دنيا ۾ ڪتاب پڙهڻ جي اهميت ان ڳالھ مان به واضع ٿئي ته دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي لائبريري جنهن ۾ تقريبن 170 ملين کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن جتي پوري دنيا مان هر سال هزارين سياح ۽ ڪتابن جا شوقين پنهنجي علمي اڃ اجهائڻ لاءِ ايندا آهن ان کان سواءِ هن لائبريري ۾ دنيا جي 450 ٻولين ۾ لکيل ڪتاب موجود آهن، دنيا جي هي وڏي کان وڏي لائبريري آمريڪا جي شهر واشنگٽن ۾ واقع آهي.

دلزمان حاجاڻو/ميرپورخاص

ڪشمور ضلعي ۾ باهيون لڳڻ سبب علائقو لڙڪن سان لبريز!‎‎

  ڪجهن ڏينهن کان وٺي ڪشمور ضلعي جي مختلف علائقن جھڙوڪ بخشاپور، تنگواڻي، ڪرمپور وارن علائقن ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهيم جڏهن ته هارين ۽ مزدور طبقي سان وابسطا ماڻهن جو تيز طوفان سبب باهه جو جهوپڙين ۾ رهندڙ عوام جو نقصان به ٿيندو پيو وڃي. هوڏانهن وري نياڻن جون ڏاج واريون خبرون ۽ ٻئي پاسي ننڍڙي پتڪڙي نينگر جو لاش کٽ تي پيل هو، جڏهن ته ڪشمور ڀرسان آر ڊي 45 ڳوٺ لعل بيگ مزاري جي رهواسي رفيق احمد نصيراڻي جي گهر به باهه وڪوڙي وئي هئي، جنهن سبب گهر ۾ پيل کاڌي پيتي جو سامان،کٽون بسترا ۽ سمورو سامان  سڙي رک ٿي ويو ۽ ان سان گڏ 4 سالن جو نينگر به باهه جي شعلن سبب فوت ٿي ويو. جيتوڻيڪ اڱڻ جي رهواسين وٽ وقت نه هو ته هو پنهنجن ننڍڙي معصوم  ٻار کي محفوظ طريقي سان ٻاهر کڻي اچن ها پر جھوپڙيءَ ۾ ستل هڪ نينگر سڙي فوت وڃڻ تي والدين غم ۾ غرق ٿي ويا آهن. چون ٿا ته هڪ ڏينهن ۾ سندن دنيا اجڙي وئي آھي، جنهن سڙيل لاش کي ڏسي علائقي ۾ هندو توڙي مسلم برادين سوڳ ڦهليل آهي. ٻيو واقعو تنگواڻي جي ويجهو ٿيو، جتي ڳوٺ گلزار خان بهلڪاڻي ۾ هڪ ئي خاندان سان واسطو رکندڙ بھلڪاڻي برادريءَ جي توڏو، شبير ۽ اظھر بھلڪاڻي جي گھرن کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي نتيجي ۾ کاڌ خوراڪ جو اڳواٽ رکيل ڪڻڪ ۽  سارين جو ٻج، مال جي واپار لاءِ رکيل روڪ ۽ معصوم نياڻين جو ڏاج به سڙي رک ٿي ويو پر وقت جي بيرحم تقاضن جي دير ٿيڻ سبب علائقو باهه جي شعلن سبب سڙي رک ٿي ويو. باهه متاثر ڪشمور ضلعي جا رهواسي جنهن ۾ اڃا تائين گهر ڌڻي سندن معصوم ٻارڙا بنا ڪپڙن ۽ اجھي کان کليل آسمان هيٺ سرڪاري امداد جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آھن.

امان الله ملڪ/ڪشمور

اخوت سربراهه ڊاڪٽر امجد ثاقب جي نوبل انعام لاءِ نامزدگي!

  اخوت سربراهه ڊاڪٽر امجد ثاقب جي نوبل انعام لاءِ نامزدگي خوشي جي ڳالهه آهي، اخوت سربراهه ڊاڪٽر امجد سماجي خدمت لاءِ هر وقت تيار رهڻ وارو ماڻهو آهي. گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان ان اهڙا سٺا ڪم ڪيا آهن جيڪي ان کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيا آهن. اها ئي ڳالهه آهي ته اڄ ڊاڪٽر امجد ثاقب جهڙي سماجي خدمتگار کي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. ان جو وڏو ڪارنامو بنا وياج جي قرض ڏيڻ واري تنظيم اخوت آهي. اخوت جي ڪاميابي ڊاڪٽر امجد ۽ ان جي ٽيم جو وڏو ڪارنامو آهي، جنهن بنا وياج جي مائيڪرو ڪريڊٽ فئنانس جو ماڊل سڄي دنيا ۾ عملي طور تي بڻائي ڏيکاريو. ڊاڪٽر امجد ثاقب جنهن اخوت جي صورت ۾ هڪ وڏو ڪامياب ماڊل بڻائي هلائي ڏيکاريو ۽ ثابت ڪيو ته بنا سود ڪا تنظيم لکين ماڻهن کي اربين رپيا قرض ورهائي سگهي ٿي. ڪاش اسلامي ملڪن جو ڪو وڏو گڏيل اعزاز هجي ها ته هاڻي تائين ڊاڪٽر امجد کي ملي چڪو هجي ها. ڊاڪٽر امجد جي ڪم کي دنيا ۾ بي پناهه مڃتا ملي رهي آهي. خدا ڪري ڊاڪٽر امجد جي اڳيان ڪا رڪاوٽ اچي ۽ ان کي اهو وڏو انعام ملي. هيل تائين صرف ٻن پاڪستانين کي نوبل انعام مليو آهي. مشهور سائنسدان ڊاڪٽر عبدالسلام جنهن فزڪس جي ميدان ۾ پنهنجي ٿيوري ۽ ٻين سائنسدانن سان گڏ کيس گڏيل نوبل انعام مليو هو ۽ ٻيو پاڪستاني ڇوڪري ملاله يوسفزئي کي مليو هو. هن وقت ڳالهه اها آهي ته ڊاڪٽر امجد ثاقب جو نوبل انعام لاءِ نامزد ٿيڻ ان جي ڪاوشن جو ثمر آهي. اخوت سربراهه ڊاڪٽر امجد ثاقب جي ڪاميابي اسان جي زوال پذير سماج لاءِ هڪ وڏي ۽ سٺي علامت آهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

سکر جيل جي ڊائري!

(قسط اڻويهين)

ڏينهن ستون: رات جو دير تائين جاڳ جي ڪري اڄ ڪجھه بدن ۾ سستي هئي، جانوري مٿي تي تيل مالش ڪري رهيو هو، منظر سلاد ۽ دريا جمالي جوس ٺاهي رهيو هو. سائين ذوالفقار علي شاهه جيلاني تلاوت ڪري رهيو هو ته لالو ملوڪ سهتو اچي کوليءَ جي در تي بيٺو ۽ ڪجھه دير مون کي ڏسي مرڪندو رهيو. منظر  هُن سان ڀوڳ ڪرڻ خالي گلاس کڻي هُن ڏانهن وڌي ٿو، لالي منظر ڏانهن ڌيان ڏيڻ بجاءِ مون کي چيو ته وڪيل هاڻ پنهنجي جدائيءَ جو وقت اچي ويو آهي، مون هُن کي بستري تان سُتي سُتي غور سان نهاريو اته هُن چيو ته جلدي ڪر گاڏي بيٺي آ، حيدرآباد پيو وڃين. مون لفظ حيدرآباد ٻڌي منهنجي سڀ سور خبر ناهي ڪيڏانهن ڀڄي ويا ۽ اندران هڪ اهڙي خوشي من مان نڪتي جيڪا آئون ٻڌائي ئي نٿو سگھان پر منهنجا سکر واسي سڀ ساٿي اُداس ٿي ويا. منظر ۽ درياهه جي اکين ۾ ڳورها تري آيا جيڪي منهنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ کان پوءِ انهن جي چهري تي وکري ويا. سموري وارڊ جي سنگت کان موڪلايم. خان بابا گڏاڻي کان پيرن تي هٿ رکي دعائو ورتم. هُن مٿي تي هٿ رکي لطيف سرڪار جا هي اکر دهرايا.

“الله آريچن کي، ڪوسو لڳي مَ واءُ”

چاچي ناڙي وال کي پنهنجي بيگ مان ڪارو جوڙو ڪڍي ڏنم، سائين ذوالفقار علي شاهه صاحب وارڊ جي در تي بيهي چيو ته تنهنجا 6 سوٽ ڌوٻيءَ وٽ آهن ۽ اڄ آچر جي ڪري ڌوٻي بند آهي، مُرڪي چيومانس ته مرشد اهي توکي آيا، مون کي منهنجا ڀائر صبح جو ئي گھڻا ڪپڙا ڏئي ويندا. هڪ قيدي دوست کي نيلسن منڊيلا جو ڪتاب Long walk to Freedom ڏيان ٿو جيڪو مون کي چوي ٿو ته پنهنجي صحيح ڪري ڏيندا ته مهرباني ٿيندي. آئون منظر کان قلم وٺي منڊيلا جي بائيوگرافي تي صحيح سجائي ڇڏيان ٿو. منظر گڏاڻي ۽ درياهه خان جمالي مون کي گاڏي تائين ٽاور تائين ڇڏڻ آيا. وارڊ کان ٻاهر نڪري انبن جي وڻن تي هڪ نظر وجھان ٿو. اسان جي نالن جا اُهي اکر جيڪي اسان وڻن جي ٿُڙن تي لکيا هئا اهي اداس نظر اچي رهيا هئا. اسان ٽاور کان پهريان گس تي ايندڙ اسپتال ۾ علي گل جوکيو سان ملون ٿا. هو مون کي ڀاڪُر ڀريندي چوي ٿو ته اُميد ٿو ڪريان ته اسان ڀائرن کي ڪونه وساريندي. مُرڪي جواب ۾ هي فارسيءَ جو هي شعر ٻڌايانس ٿو:

گر چه دُوريم، بيادِ تص قدح مي نوشيم،

بُعدِ منزل نه بوء در سفر روحاني.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد