سوال/سروي … نوڪرين لاءِ نئين سر اشتهار ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو درست آهي: مايوس ٿياسين، ڇا به ٿي پوي پر نوڪريون من پسندن کي ئي ملنديون: عوام

0
25

  سنڌ هاءِ ڪورٽ نوڪريون ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ننڍين نوڪرين لاءِ نئين سر اشتهار هلائڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن بعد نوجوانن ۽ بيروزگارن ۾ مايوسي جي لهر پکڙجي وئي آهي هنن ان فيصلي جي حمايت به ڪئي آهي ته ڪيترن ئي مخالفت ڪندي عدالتي فيصلو رد ڪيو آهي. ماڻهن جي راءِ آهي ته نوڪريون ته غريبن کي نه ملنديون پر اهي پئسن تي يا وري سياسي سفارشن تي حڪمرانن جي من پاسند ماڻهن کي ڏنيون وينديون. پنهنجي اخبار جي سوشل ميڊيا پيج تي عوام جي راءِ ڄاڻڻ لاءِ سوال ڪيو ويو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ نوڪرين تان اسٽي آرڊر ختم ڪندي سنڌ حڪومت کي نئين سِر اشتھار ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان فيصلي کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڇا بيروزگارن کي نوڪريون ملي سگھنديون؟ ان جي جوابد ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي ارشاد علي سومرو شاھ پنجو سلطان تعلقو ميھڙ کان لکيو ته مس سنڌ هاءِ کي ڪو رحم ذرو روح ۾ پيو آھي ۽ حڪم صادر ڪيو اٿائين ته نئين سر اشتھار ڏئي نوڪريون ڏنيون وڃن پر ڪورٽ سڳوريءَ ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ بابت به ڪو فيصلو يا حڪم نامو جاري ڪيو آھي الائي نه بهرحال نوڪريون سنڌ ۾ صرف ۽ صرف رشوت ڏيڻ واري ۽ جيڪي ڀوتارن جا خاص ماڻھو ھوندا انھن کي ئي ملنديون. باقي غريب جا ٻار ڪيترو به ھوشيار ھجن اھي سرڪاري نوڪريءَ جو آسرو بلڪل نه ڪن، ڇو ته سرڪاري نوڪرين جا ريٽ فڪس ٿيندا آھن جيڪي ڀوتار پنھنجي خاص ماڻھن جي ھٿان وڪرو ڪندا آھن. ان صورتحال ۾ مسڪين ماڻهن کي مايوسيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھه حاصل ٿيڻ مشڪل آھي. راءِ عابد ڀٽي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي لکيو ته نوڪريون غريبن لاءِ ناهن. نوڪريون اميرن ۽ سردارن ۽ انهن جي ماڻهن لاءِ آھن. هتي سڀ پنهنجا نوازي ڪندا ميرٽ تي نوڪري ملڻ مشڪل آھي. راجا مهر پنهنجي راءِ جو اظهار هن ريت ڪيو اسان توبهه ڪئي نوڪريون وٺڻ کان، اسان کي پنهنجي چالانن جا پيسا واپس ڪيا وڃن. آءِ بي اي کي رجيڪٽ ڪريون ٿا. اسد زرداري پنهنجو موقف هن ريت پيش ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ نوڪرين تان اسٽي آرڊر ختم ته  ڪيو آھي پر جيڪي ھڪ کان پنڌرھين اسڪيل ۾ آءِ بي اي طرفان پاس ٿيل نوجوان آهن انهن جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آھي. نئين سر اشتھار ڏيڻ سان وري بينڪ چالان جي مد ۾ ڪروڙين روپيا بيروزگار نوجوان کان اوڳاڙي ڪيا ويندا. اگر نوڪريون غريبن لاءِ ناهن تـ غريبن کي پريشان ڇو ڪيو پيو وڃي؟ سنڌ حڪومت کي سوچڻ گھرجي تـ ھاڻ ميرٽ جي بنياد تي نوجوانن کي نوڪريون ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي. محمد حسين پنهنجي راءِ ڏني ته نوڪري ته غريبن کي ڪٿان ملنديون، رڳو اشتهار ڏئي نوڪريون ڏيندا من پسند مائهن کي ياوري پئسن تي آرڊر وڪرو ڪيا ويندا غريب ته وڃي ڇولا کپائين. احسان علي لغاري شھر گلاب لغاري کان پنهنجو رايو پيش ڪيو ته نوڪريون اميرن، نوابن، سردارن لاءِ آھن. ميرٽ تي نوڪري ملڻ مشڪل ٿي وئي آھي. نوڪريون ڏيڻ جي بھاني چالان جو جواز ڄاڻائي غريبن کان پيسه ورتا ويندا آھن، تڏھن ته اشتھار جو بھانو ڪري رھيا آھن. اھي غريبن کي ميرٽ تي نوڪريون نه ڏيڻ جا پار آھن. احسان علي پاڙهو پيرو لاشاري ضلعي بدين کان لکيو ته ھڪڙيون ڌريون اسٽي ختم ڪرائين ٿيون ته ٻيون وري پٽيشن داخل ڪرائين ٿيون، ان سياسي چڪر سبب بيروزگار ويچارا عذاب ۾ مبتلا ٿيل آھن! اعجاز خاصخيلي سروي جي موضوع تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ لکيو ته اگر حڪومت نوان اشتهار ڏيندي ته پوءِ ئي ميرٽ ٿيندي اھو ممڪن ئي ناھي. ججن کي گھرجي ته ٻين ڪيسن تي ڌيان ڏين جيڪي لکين ڪيس ڪيترن ئي سالن کان پينڊنگ ۾ پيل آھن. جڏهن ته هن فيصلو ڏيندڙ جج کي ئي تعصب پرست قرار ڏنو. ۽ چيو ته حڪومت ڪا غلطي ڪري ٿي ته ان ۾ اميدوارن جو ڪهڙو قصور آهي جن فارم ڀريا ۽ امتحان ڏنا آهن. ڪامريڊ عاشق رند جي راءِ هئي ته ڪنهن به غريب کي نوڪري نه ملندي سڀ رشوت ڏيندا. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته نوڪرين جي اشتهار سان گڏ نوڪري جو ريٽ به لڳائي ڇڏي جيئن ڪو غريب فراڊ کان بچي پئي. محبتي مڪيش جيپال نئون ڪوٽ کان لکيو ته هاڻي سنڌ حڪومت ميرٽ تي نوڪريو ڏيندي. سنڌ ۾ هاڻي صرف ايم پي اي ۽ ايم اين اي پيسا وٺي نوڪريون ڏيندا. خميسو آريسر لکيو ته غريبن کي پٽيوالي نصيب ٿيندي، اها به پڪ نه آهي پر اميرن جي ٻارن کي نوڪري ملندي غريب ماڻهو کي صرف آسرا ملندا. سکر کان راڻوشيخ پراميد هو ۽ هن لکيو ته جي ھا ضرور نوڪري غريبن کي به ملندي. محمد فياض وساڻ لکيو ته اگر حڪومت نوان اشتهار ڏيندي ته پوءِ ميرٽ ٿيندي يا اھو ممڪن ئي ناھي؟ نوڪريون غريبن لاءِ ناهن، نوڪريون اميرن ايم اين اي، ايم پي اي جون آھن هتي سڀ پنهنجا نوازي آهي ان ڪري ميرٽ تي نوڪري ملڻ مشڪل آھي. نارائڻ نماڻو اسلام ڪوٽ کان لکيو ته ھڪڙيون ڌريون اسٽي ختم ڪرائين ٿيون ته ٻيون وري پٽيشن داخل ڪرائينديون آهن اهو سمورو سياسي چڪر آهي جنهن جي ڪري لوڙي وري بيروزگار رهيا آهن ۽ اميدوار ويچارا عذاب ۾ آھن! ايس ايچ آدماڻي لکيو ته اگر حڪومت نوان اشتهار ڏيندي ته پوءِ ڇا ميرٽ ٿي ويندي. اھو ممڪن ئي ناھي ججن کي گھرجي ته ٻين ڪيسن تي ڌيان ڏئي جيڪي لکين ڪيس پينڊنگ ۾ پيل آھن هو حڪومت کي ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن. اياز کهاوڙ لکيو ته ڪورٽ جو فيصلو ڏکوئيندڙ آهي ان ڪري جو پهريان خرچ ڪري بيروزگار نوجوانن ڪاغذ جمع ڪرايا ۽ انهن جي اندر ۾ مس ڪو اميد جو ڪرڻو پيدا ٿيو ته وري ڪورٽ اميدن جي ابتڙ فيصلو ڪري بيروزگارن کي پريشان ڪري ڇڏيو  آهي. ميرحسن مري لکيو ته سنڌ جي معزز ججن کي پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ٿيندڙ 15 سالن کان ناجائزيون نظر ڇو نه ٿيون اچن، جڏھن ته پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪري ٿيندڙ ڀرتيون اڳتي ھلي سنڌ جي اندر ھڪ اھڙو نظام پيدا ڪنديون جيڪو سنڌ اندر نئين تفريق پيدا ڪندو .ظهور احمد منگي پنهنجي راءِ ڏيندي لکيو ته بيروزگارن کي وڌيڪ پريشان ڪري چڏيو اٿن مشڪل آ ته ڪي غريبن کي نوڪريون ملنديون. وفا ذاڪر جمالي نوابشاھ کان لکيو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو عمل سٺو آھي بس حڪومت کي گھرجي ته حقدارن کي نوڪريون ڏنيون وڃن جيئن اھي پنھنجي گھر جو گذر سفر سولائيءَ سان ڪري سگھن، بيوس اربيلو ڏاهاڻي ڪنڌڪوٽ کان لکيو ته ڪورٽ جو ڪم هو فيصلو ڏيڻ جيڪو هُن ڏنو، باقي اڳتي جو ڪم ڪرپٽ ڪامورن جو آ جيڪي مال تي ڌمال هڻندا، پئسي وارو جيڪو به هوندو اهو نوڪري حاصل ڪري سگھندو باقي غريب صرف خرچ ڪندو ملندس ڪجھ به نه. ڇو ته سنڌ ۾ ميرٽ آھي ئي ڪو نه هتي ڪرپشن جي ڪرامت هلندي. محرم علي خاصخيلي جو خيال هو ته سنڌ اندر ايڏي ته بيروزگاري آهي جو سنڌ جا ماروئڙا خودڪشيون ڪري پاڻ کي مارڻ تي مجبور ٿين ٿا، ڪورٽ سڳوري کي اها شايد خبر ناهي ته سنڌ جي اندر بيروزگار نوڪري جو چالان ڪيئن ٿو جمع ڪرائي، مون کي نٿو لڳي ته اهي نوڪريون ملي سگهنديون. اقبال شاهه لکيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ تاريخي فيصلو ڏنو آهي، صوبي ۾ وڏي بيروزگاري آهي، اميد ته اهل نوجوانن کي نج اهليت جي بنيادن تي روزگار ملي سگهندو. عبدالرزاق بلوچ چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن کان سواءِ نوڪري نه ملندي يا وري سياسي سفارش تي ئي روزگار ملندو ڇاڪاڻ ته اسان جا سياستدان ۽ اسان جا ادارا سڀ ڪرپٽ آھن. ارباب علي ڀٽي لکيو ته جيستائين سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه صاحب نگراني نه ڪندو تيستائين ڪجهه به نٿو ٿي سگهي. آر علي جمالي لکيو ته افسوس آهي. غريب عوام سان ظلم بند ڪيو وڃي رشوت وٺڻ لاءِ اهڙا فيصلا ڪيا ويندا آهن غريب عوام مهانگائي کان پريشان آهي جج کي گذارش آھي ته الله کان ڊڄو غريب عوام سان ظلم بند ڪيو وڃي. مٺا ماڻهو جي پوسٽ هئي ته نوڪريون غريبن کي ڪو ملي سگهنديون. ابراهيم ڏيٿو لکيو ته 5 کان 15هين گريڊ واريون نوڪريون به ملي سگهنديون. محمد لائق لکيو ته پئسن تي نوڪريون ڏنيون وينديون. جمشيد علي مشوري نوشھرو فيروزمان لکيو ته سرڪاري نوڪرين جا ريٽ فڪس ٿيندا آھن جيڪي ڀوتار پنھنجي خاص ماڻھن جي ھٿان وڪرو ڪندا آھن ان صورتحال ۾ مسڪين ماڻهن کي مايوسيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ حاصل ٿيڻ مشڪل آھي. ساجد علي لغاري ميرپورخاص مان لکيو ته ھھڙا ٿين ھاڃا ڀينر ھن ڀنڀور ۾. 5 کان 15 گريڊ جي نوڪرين ۾ انٽرويو ۽ گريڊنگ پاليسي آھي جيڪو سئون سڌو ميرٽ جو قتل آھي. جنھن ۾ ميرٽ وارن سان انصاف نٿو ٿئي جنھن ۾ رڳو سفارش ۽ پنھنجا نوازي ھلي ٿي. جنھن ۾ قابل نوجوانن کي حق نٿو ملي. خدارا! سنڌ جي نوجوانن جو ھڪ ئي مطالبو آھي ته سنڌ حڪومت 5 کان 15 گريڊ جي نوڪرين ۾ انٽرويو ۽ گريڊنگ پاليسي ختم ڪري آءِ بي اي ٽاپ ٽو باٽم ميرٽ لسٽ جي بنياد تي ڀرتي جو عمل شروع ڪري. جيئن سنڌ جي نوجوانن جي بيچيني ختم ٿئي. نذير لاشاري لکيو ته جيڪي ايوريج هوند انهن جو ڇا ٿيندو؟ ڇا انهن کي نوڪريون ملنديون؟ سيف جٽ لکيو ته سنڌ ۾ 10 لک رپين کان گهٽ ۾ ڪا به نوڪري نه ملندي آهي. مير صدام سيال ٽٽل دل واري اموجي شيئر ڪئي.