جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ پاران سموري ملڪ ۾ گڏيل تحريڪ هلائڻ جو اعلان

0
39
جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ پاران سموري ملڪ ۾ گڏيل تحريڪ هلائڻ جو اعلان
جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ پاران سموري ملڪ ۾ گڏيل تحريڪ هلائڻ جو اعلان

جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ پاران سموري ملڪ ۾ گڏيل تحريڪ هلائڻ جو اعلان

اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي وفد ۽ مولانا فضل الرحمان پاران ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ پارليامينٽ معطل آهن، جمهوريت پنهنجو ڪيس هارائي رهي آهي، پارليامينٽ ۾ اسان جو هڪ آواز هجڻ گهرجي ملڪ ۾ هڪ خوشگوار سياسي ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي، اسان اختلاف ختم نٿا ڪري سگهون ته اُنهن کي نرم ڪري سگهون ٿا، پنهنجي روين کي نرم ڪري سگهون ٿا،  چاهيون ٿا سياسي ماحول ۾ رابطا اڳتي وڌن، ويڇا نه هجن، ڪجهه اوليتن لاءِ ٻين اوليتن کي معطل ڪرڻو پوندو آهي

پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب چيو ته پاڪستان ۾ آئين نالي ڪابه شئي ناهي، اسان قانون جي پاسداري لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرون ٿا

اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ملڪ بنانا ريپبلڪ ٿيندو پيو وڃي، هتي اظهار جي آزادي جو مسئلو ٿي رهيو آهي، اسان کي آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ گڏ ٿيڻو پوندو، رئوف حسن سان جيڪو ڪجهه ٿيو، اُهو نياپو آهي ته هتي جهنگ جو قانون آهي