گوگل پاڪستاني شاگردن لاءِ 45 هزار اسڪالر شپ جو اعلان ڪيو آهي.انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سيد امين الحق جو چوڻ هو ته گوگل سان 45 هزار اسڪالر شپ جو معاهدو ڪيو ويو آهي.اعلان تحت، گوگل پاڪستان ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) کي سپورٽ ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيشن پروگرام تحت اسڪالرشپس شاگردن کي اي آءِ ۾ ڪيريئر لاءِ مدد ڪنديون.سرچ انجن گوگل اي آءِ اسينلشز ڪورس، گوگل ڪيرئير سرٽيفڪيٽ اسڪالر شپس ۽ نون پروگرامن ذريعي پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت جي مهارت کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجي تعاون کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي.خابرو ادارن موجب گوگل هن ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ پر عزم آهي ته هر شخص اي آءِ کان فائدو حاصل ڪري سگهي، گوگل جو چوڻ آهي ته اسان يقين رکون ٿا ته اهو پروگرام طرف پهريون قدم آهي.گوگل هڪ نئين ڪورس اي آءِ اسينشلز جي شروعات ڪئي آهي، جيڪو مستقبل ۾ وڌ کان وڌ ماڻهن کي مصنوعي ذهانت جي مهارتن کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.2024 ۾ گوگل ڪيرئر سرٽيفڪيٽ لاءِ 45000 اسڪالر شپ ڏيندو، گوگل فري لانسرز ۽ عورتن کي هنر مند بڻائڻ لاءَ نوان پروگرام شروع ڪري رهيو آهي.پاڪستان لاءِ گوگل جي ڪنٽري ڊائريڪٽر فرحان قريشي چيو آهي ته گوگل ڪيرئر سرٽيفڪيٽس بابت اهڙي اڳڀرائي جي صورت ۾ اميد ڪريون ٿا ته پاڪستان جي ڊجيٽل منطر نامي ۾ موثر ڪردار ادا ڪندا رهندا.هنن چيو ته اسان جي اسڪالر شپس ۽ تربيتي پروگرامن کي نه صرف پاڪستاني نوجوان کي ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ تلاش ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر انهن کي مالي طور تي با اختيار بڻائڻ لاءِ به ڪورس ڪرايا ويندا.