سوال/سروي … سستي ماني وارو گورنر جو اعلان مذاق قرار، سڄي سنڌ ۾ اٽو سستو ڪيو وڃي، غربت ۽ بيروزگاري ختم ڪريو: عوام

0
178

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ماني هاڻ 2 رپين ۾ ملندي، گورنر سنڌ جو ڪراچي ۾ 300 تندور لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڇا ان اعلان تي عمل ٿيندو ؟ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به عوام کي سستي ماني ملندي ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اها سستي ماني نه ملندي، اعلان رڳو اعلان ئي رهجي ويندو، ايتري وڏي شهر ۾ رڳو 300 تندور لڳايا ويندا، سستي اٽي وانگر سستي ماني لاءِ به ماڻهو لتاڙجي مرندا، سستي ماني سڄي سنڌ ۾ فراهم ڪئي وڃي، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته اٽو سستو ڪيو وڃي، غربت ۽ بيروزگاري جو مستقل حل ڳوليو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته مشڪل آ عمل نه ٿيندو ان اعلان تي شڪ آهي، قربان علي ميراڻي اھڙي پيڪيج جو اعلان ڪري مخصوص جڳھن تي تندور ھڻائي ماني پ پ وارا پنھنجي ڪجھ ماڻهن ۾ تقسيم ڪندا باقي غريبن جي خدمت جي نالي بل پاس ڪرائيندا جيڪڏهن گورنر پنهنجي نگراني ۾ ذاتي حيثيت ۽ سنجيدگي سان اھڙو ڪم سرانجام ڏئي ته ڏئي ٿو سگهي! محمد اقبال ملاح لکيو ته سڄي سنڌ ۾ 2 رپيا ماني فراهم ڪئي وڃي، اظهر مصطفيٰ لکيو ته ھاڻي سستي ماني تي به ماڻهن کي وڙھائيندا، ان اگھه تي شايد عمل نه ٿئي ڇو ته اٽي جو اگھه گھٽ ڪونه ٿيندو، جيڪڏهن اٽي جو اگھه گھٽ ڪن ته ھر گھر ۾ سستي ماني ملي ويندي ۽ اھڙا تندور کولڻ جي ضرورت ئي نه پوندي، شوڪت هالو لکيو ته ان گورنر  کي ٻڌايو ته سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به ماڻھو ٿا رھن اھي ماني نٿا کائين ڇا؟ راجو ٺڪر لکيو ته اھڙا تندور  لڳائڻ سان ڪو به فائدو نٿو ملي اگر جي سنڌ صوبي ۾ اٽي جو ريٽ گھٽ ڪن پوءِ فائدو ٿي سگهي ٿو، احسان علي لغاري لکيو ته بلڪل ائين ٿيندو جو بچيل ماني پراڻي پاروٿي پيل تندور ۾ گرم ڪري عوام کي بيوقوف بڻائي ڪنھن غريب کي ڏئي پنھنجي سياست چمڪائندا باقي عوام لاءِ 15 سالن ۾ ڪجھه ڪيو اٿن جو اڳتي ڪجھه ڪندا بس ووٽ وٺڻ لاءِ حڪمران ڪئين رنگ ڪندا، اميد سحر لکيو ته اھڙو اعلان غريبن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي.غربت ۽ بيروزگاريءَ جو ڪو مستقل حل ڳوليو وڃي جنھن سان ھر ماڻھو مڇي ماني جھڙو ٿي سگھي. سستي ماني لاءِ عوام لائين ۾ لڳندو ۽ پوءِ حياتي وڃائيندا جيئن سستي اٽي جي وقت ٿيو ھو، آڪاش چانڊيو لکيو ته يوٽيلٽي اسٽور تي اٽو ڪونه ٿو ملي ھي وري ڪراچي ۾ اسٽال لڳائن ٿا پھريان يوٽيلٽي اسٽور تي اٽو مھيا ڪيو پوءِ اسٽال لڳايو، الهڏنو راهمون لکيو ته سنڌ گورنمينٽ کي به اھڙا قابل تعريف قدم کڻڻ کپن ته جيئن ماني سستي ملي.مخير حضرات سرندي وارن ماڻھن کي به غريب ماڻھن لاءِ روزي روٽي جا پروجيڪٽ متعارف ڪرائڻ کپن، واجد جمالي لکيو ته عوام کي ڪجهه به نه ملندو، فهد سنڌي لکيو ته اھا اسڪيم ڪراچي يا حيدرَآباد تائين محدود هجي ته ڀلو آهي اُتر سنڌ ۾ آئي ته هاڻي هوٽلن تي ملندڙ 20 رپيا واري ماني 30 ٿي ويندي اُتر سنڌ جا ڀوتار وري اَٽو به ڪونه ڇڏيندا، غلام علي گل ٻجورو لکيو ته ٽسوري جو اعلان هوا ۾ خالي فائر آھي عمل ناممڪن پيو لڳي، بهرحال اعلان صرف ڪراچي وارن لاءِ ڇو؟ واڳ ڌڻين کي گهرجي ته اٽو سستو ڪن، سينگار علي لکيو ته اسان جي شهر فريدآباد ۾ ماني 20 رپين ۾ ملندي آهي، عبدالنبي شر لکيو ته سنڌ حڪومت جو ڪڏهن به عمل ڪونه ٿيندو خالي حوال ڪندا آھن مڙئي سنڌ جي عوام کي بيوقوف ڪندا آهن، وقار خان بوزدار لکيو ته ڪراچي جي عوام سان ڊامو ڪيو ويو آهي. جيڪو پورو ڪونه ٿي سگهندو، جنيد علي جمالي لکيو ته رڳو بجيٽ کائڻ جو نئون طريقو آهي. سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ان تي عمل ٿئي ۽ ماني ڪراچي ۾ ٻه رپين تي ملي، اسد انڍڙ لکيو ته مڙئي اچي مشڪرن مان اڙيا آھيون، اصغر مري لکيو ته 2رپين ۾ ته تندور وارو ماني به ڪون پچائيندو پنهنجي اٽي مان به 8رپيا وٺي ٿو، امتياز جمالي لکيو ته 22 رپين ۾ ملندي، غلام ڪبريا لکيو ته ڏاڍو مشڪل آهي، عامر لکيو ته اٽو سستو ٿيڻ گهرجي سڄي سنڌ ۾ ماڻهون ئي رهن ٿا جيڪي اٽو واپرائيندا آهن..شڪر جمال گجو لکيو ته اٽو سستو ٿيڻ گهرجي سڄي سنڌ ۾ ماڻهون ئي رهن ٿا جيڪي اٽو واپرائيندا آهن.. مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته گورنر سنڌ سستي شھرت حاصل ڪرڻ لاءِ اھڙا اعلان ڪري پيو ائين ڪم نه ھلندو جيسيتائين اٽو سستو نه ٿيندو تيسيتائين غربت گھٽ نه ٿيندي، مجيد بوزداري لکيو ته اعلان ته سٺو آھي پر اهو سسٽم سڄي سنڌ ۾ هلڻ کپي جئين غريب مسڪين پيٽ ڀري ماني کائي سگهن، خاموش خليل شر لکيو ته حڪومت اعلان ته ڪري ٿي پر عمل ذري جو به نه ٿو ٿئي جيئن پئٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون گهٽيون ته آھن پر ڊيلرز پنهنجا هٿرادو ريٽ ھڻي ڇڏين ٿا  جيڪڏھن انهي تي عمل ڪيو ويو ته غريبن لاءِ وڏو فائدو ٿيندو مزدور هاري ڪجھه ساھه جو ٽڪر کائي سگهندا، ڪامران علي رند لکيو ته عمل نه ٿيندو روز اهڙا اعلان ٿيندا آهن، عامر مهيسر ڪراچي ملڪ جو وڏي ۾ وڏو شهر آھي اُتي 3 سئو تندور لڳائي ماني 2 رپين ۾ ڏيڻ جو گورنر سِنڌ اعلان ڪيو آھي جيڪا ڳالھ سمجھ کان ٻاھر آھي ايڏي وڏي شهر ۾ 3 سئو تندور ڇا ڪندا ٻي ڳالھه ته باقي سِنڌ جا شهر ۽ ڳوٺ ڪاڏي ويندا اُھي ڪيئن ڪندا؟ اھو وڏي ۾ وڏو سوال آھي، گورنر سِنڌ کي اھو اعلان ڪرڻ کپي ھا ته اَٽو سستو ٿو ڪريان ۽ اُھو اَٽو سموري سنڌ ۾ ھڪ ئي ريٽ تي ملندو جيئن ھر ھڪ فرد پورھيت ھاري مزدور وٺي سگهي ۽ سندن جي لاءِ ڪا آساني پيدا ٿي سگهي پر اِھو ناممڪن آھي ٽئين ڳالھ ته حڪومت يا حڪومتي وزير مشير صرف سکڻا اعلان ئي ڪندا آھن جنهن تي ڪنهن به قسم جو عمل ناھي ٿيندو بس اعلان ئي اعلان ھوندا آھن گورنر سنڌ جو 2 رپين ۾ ماني ملڻ جو اعلان ڪجھه اھڙو ئي لڳي رھيو آھي، خدارا عوام جي جذبن ۽ احساسن سان ھاڻي کيڏڻ بند ڪيو وڃي ۽ فوري طور تي کاڌي پيتي جي شين تي ڪنٽرول ڪري سستيون ڪيون وڃن ته جيئن عوام سُک جو ساھ کڻي سگهن…!! عبدالرحمان چانگ لکيو ته حڪومت جي ڪهڙي اعلان تي عمل ٿيو آهي جو هاڻ ان تي عمل ٿيندو؟؟ اسيمبلين مان پاس ٿيل بلن تي ئي عمل نه ڪرائي سگهيا آهن هي به هڪ ڪرپشن جو باب کولڻ جو ذريعو آهي اٽو سستو ڪيو وڃي ماڻهو پاڻ ماني کائيندا ۽ ماني سستي ٿيندي، نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته منهنجي خيال ۾ اُهو صرف اعلان ئي آھي. غريب عوام ساڳيو سورن ۾ آھي. سنڌ جي ٻين علائقن ۾ غريب ماڻھو جي اها حالت آھي ته هڪ ڳڀي لاءِ به پريشان آھن. اسان جي وڳڻ شھر ۾ 20 کان 25 رپيا ۾ هڪ ڪڻڪ جي ماني ملي ٿئي. انجنيئر مختار علي لکيو ته سڄو رمضان ۾ گورنر هائوس ۾ افطار پارٽي ڪندو رهيو پنهنجي ماڻهن ۾ راشن ورهائيندو رهيو، هي پوري سنڌ جو گورنر آهي، عبدالهادي لکيو ته اعلان سياسي اعلان آهي ته پوءِ اعلان ئي رهجي ويندو باقي جي عملي طور ڪم ڪن ته ممڪن آهن ڪراچي ۾ ته فلاحي ادارن پاران مفت ماني ڏيڻ لاءِ دسترخوان لڳاويا آهن، اياز کهاوڙ لکيو ته ڪراچي جي آبادي ڏسي ائين محسوس ڪيو پيو وڃي ڄڻ اتان جي عوام سان مذاق ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ 2رپيا ماني 3سئو تندورا عجيب ڳالھه آهي.جيڪا ممڪن ناهي جو عمل ٿئي، اشفاق چانڊيو لکيو ته سڄي سنڌ ۾ اهو سسٽم ٿيڻ گهرجي 25  رپيا هڪ ماني ٿي هلي هوٽلن تي حڪومت کي گهرجي ته ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ساجد اقبال کوسو لکيو ته گورنر پاران ڪيل اعلان کي ساراھيون ٿا يقين تڏھن ٿيندو جڏھن اعلان تي عمل ٿئي ۽ گورنر کي گذارش آهي ڪراچي کان ٻاھر نڪري ٻين شھرن لاءِ به اعلان ڪري .آفتاب حسين راڄپر لکيو ته مشڪل ٿو لڳي حڪومت جا اڪثر اعلان رڳو اعلان ئي هوندا آهن، آزاد راڄپر لکيو ته حڪومت صرف علان ڪندي آھي انهي تي ڪڏهن به عمل ناهي ٿيندو نه حڪومت پنهنجي ڪيل علان تي عمل ڪرائڻ لاءِ سنجيده هوندي آهي شھرن ۾ اٽو 6هزار آھي اڇڙي ٿر جي ڏوراهن علائقن ۾ پهچڻ تي اهو 7هزار ۾ مڻ پوي ٿو گورنر کي صرف ڪراچي نه پر ٻين علائقن جو به خيال رکڻ گهرجي، شبير سهتو لکيو ته اهو ڪرپشن جو نئون طريقو آهي، رياض احمد جانيارو لکيو ته سنڌ ۾ اٽو مھانگو ڪري غريب عوام کي فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي خدارا سنڌ جي عوام کي صرف اٽو سستو ته ڪري ڏيو، گل حسن خاصخيلي لکيو ته اعلانن تي عمل نٿو ٿئي، سراج جمالي لکيو ته اهو عمل وڌ ۾ وڌ ٻه مهينا هلندو، رضا راڄپر لکيو ته بس هاڻي رڳو اعلان ٿيندا باقي ماني 2رپيا خواب ۾ ملي سگهي ٿي، علي جمالي ۽ ظفر حسين به سروي ۾ حصو ورتو، نعمت الله نهڙي لکيو ته اعلان ته اڳ ۾ به ٿيا هئا پر عمل ڪير ڪرائيندو بس اليڪشن جي وقت اعلان ٿيندا آهن ۽ ووٽ وٺي هليا ويندا وري 5 سال نظر ڪونه ايندا، ابراهيم لنڊ لکيو ته تندور لڳائڻ مسئلي جو حل ناھي سستي ماني ڪونه ملندي اجايو لائن ۾ لڳي خوار ٿيڻو پوندو، ساگر علي رضا لکيو ته 20رپيا سمجهيو وڃي متان تڪڙ ڪري وڃي 2 رپين جي چڪر ۾ ماني وٺو، الياس سمون لکيو ته حڪومتي اعلان تي ڪڏهن عمل ٿيو آهي، خميسو آريسر لکيو ته الله پاڪ هن کي هدايت ڏي غريبن سان مذاق ڪيو پيو وڃي هن کي پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ هڪ نئون طريقو آهي، راسومل لکيو ته سڄي سنڌ ۾ هجڻ کپي، واحد بخش نندواڻي لکيو ته مھانگائي خلاف احتجاج رڪارڊ ڪندڙن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، گينجي ٺڪر لکيو ته بهترين فيصلو آهي، عمران علي عباسي لکيو ته عوام لتاڙجندو، احسان علي چانڊيو لکيو ته اعلانن تي جيڪڏھن عمل ٿئي ها ته اڄ سنڌ اهي سور نه ڏسي ها، اياز بلوچ لکيو ته عوام پريشان ان۔مهانگائي جي ڪري آھي جي سستو ڪرڻو اٿن ته اٽو سستو ڪن، ثناءُالله چنا لکيو ته اعلان ئي رهندا عمل ڪونه ٿيندو ڪڻڪ چار هزار پنج هزار تائين مڻ وڪامي رهي آهي ۽ ٻه رپيا ماني ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، شنڪر لال لکيو ته گورنر سنڌ جو اعلان تمام بهترين آھي،بلڪل سٺي ڪم جي آجيان ٿيڻ کپي،مراد علي لکيو ته گورنر سنڌ پاران ڪراچي واسين لاءِ ماني 2رپيا ڪرڻ ۽ 300 تندورقائم ڪرڻ واري تي عمل ڪڏهن ڪونه ٿيندو جيتري غربت سنڌ جي ٻين شھرن ۽ خاص ڪري ٻھراڙي وارن علائقن ۾ آهي ايتري ڪراچي ۾ ڪونهي گورنر کي گهرجي ته ھا سڄي سنڌلاءِ اھڙو اعلان ڪري ھا.