سوال/سروي … رشوت ۽ سفارش کانسواءِ ڪو به ڪم نٿو ٿئي: عوام ايس ايس پيز، ڊي سيز ۽ ٻين ڪامورن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

0
33

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته آفيسر مفت، رشوت يا سفارش سان ڪم ڪن ٿا؟  اوھان جي علائقي ۾ مقرر ايس ايس پي، ايس ايڇ او، ڊي سي، اي سي ۽ ٻين آفيسرن جي ڪارڪردگي ڪيئن آھي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته هر کاتو ڪرپٽ آهي، رشوت ۽ سفارش کانسواءِ ڪو به ڪم نٿو ٿئي، سروي ۾ عوام پنهنجي علائقي جي آفيسرن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي منظور علي زرداري ليکو ته رشوت ۽ سفارش هلي ٿي باقي ڪامورن جي ڪارڪردگي زيرو آهي، علي اصغر قيصراڻي لکيو ته اسان جي علائقي ملير ۾ سب ڪم ئي ابتا پيا ٿين ھتي پھرين گريڊ کان آخري گريڊ تائين سب رشوت ۽ سفارش سان ڪم ڪن ٿا ڪو به اھڙو آفيسر يا ملازم ناھي جيڪو مفت ۾ ڪم ڪري ڏي افسوس، ميانداد مري لکيو ته ڪارڪرگي زيرو آھي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته هر کاتي ۾ رشوت عام آهي، اسد زرداري لکيو ته ھر کاتي ۾ رشوت ۽ سفارش ھلي ٿي باقي ڪامورن جون وڏيرا مقرريون ۽ بدليون ڪرائين ٿا باقي اسان جي ضلعي سانگھڙ ۾ ايس ايس پي جي ڪارڪردگي بھتر آھي ۽ اسان جي شھر سرھاڙي ۾ ايس ايڇ او به بھترين آھي ان اڳ شھر ۾ چورين ڌاڙا ۽ ڦرون جام ھيون ايس ايڇ او رحم حسين واسواڻو جي مقرر ٿيڻ سان شھر ۽ آسپاس ۾ ڪجھه امن ٿيو آھي رھي ڳالھه ته ڊي سي ۽ اي سي جي ته انھن جي ڪارڪردگي زيرو آھي، جبار لغاري لکيو ته پوليس ته پئسن کان سواءِ ٿاڻي تي اچڻ ڪونه ڏي ايف آءِ آر جو گذريل سال 30 هزار ريٽ هيو هن سال مهانگائي سبب 10 هزار ريٽ وڌيو آهي ٿاڻي جا اندريان معاملا وڏو منشي سنڀاليندو ٻاهريا معاملا سپاهي سنڀاليندا ايس ايڇ او ٿاڻي مينٽئن ائين ڪري ويٺو آهي جو سڀ عملدار ڀائر لڳا پيا آهن دل جان سان عوام جا ڪم لاهيون ويٺا آهن باقي ڊي سي ۽ اي سي ته خيرپور ضلعي ۾ ڪم ئي ڪونه، ته انهن کي صيح نموني نٿا سڃاڻي سگهون، نقاش پيرزادو لکيو ته آفيسر تقريبن سفارشي آھن ڪم گھٽ ڪرپشن جام اسانجو ضلعي نوشهرو فيروز ھن وقت بدامني ۾ عروج تي آھي ڊي سي شھرن ۾ نڪري ڪونه، تعلقي ڪنڊيارو ۾ آفيسر ڪجھه بھتر ۽ ته ڪجھه سمجھو آھن ڪونه عوامي ڪم جا بس پني جا پيسا ڏيڻا پوندا آھن، وحيد ڄامڙو لکيو ته ھتي سمورا ادارا مھا ڪرپٽ ماڻھن جي ھٿ وس آھن ھتي درباري آفيسر مقرر ٿيل آھن جيڪي سياسي ھائوسن جي اشارن تي ھلندا آھن سڀ سور تڪليفون ھنج ڌڪا ٿاٻا عوام جو مقدر بڻيل آھن، منور کوسو لکيو ته اها به ڳالهه پڇڻ جي آهي، شھزاد بلوچ لکيو ته ھر ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن ئي ڪرپشن آھي وڏن آفيسرن کان وٺن ننڍن تائين ڪرپشن ڪن ٿا، خميسو آريسر لکيو ته رشوت ۽ سفارش هلي ٿي باقي ڪامورن. کي وڏيرن جي لفافن تي پلجن پيا، فيض درس لکيو ته هئنر روڊن تي چور ڌاڙيل ائين سرعام پيا هلن هن کي ڪو به پوليس جو قانون جو خوف ئي ناهي بس وجھه وٺن ٿا بس هجوم ۾ جي ور نه چڙهن باقي ادارا ڪٿي نظر نه ٿا اچن، علي محمد کوسو لکيو ته ھر ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن ئي ڪرپشن آھي وڏن آفيسرن کان وٺن ننڍن تائين ڪرپشن ڪن ٿا، نعمت الله راهمون لکيو ته ڪارڪردگي ناھي رشوت سفارش هلي ٿي، زاهد راهو لکيو ته ھر ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن ئي ڪرپشن آھي وڏن آفيسرن کان وٺن ننڍن تائين ڪرپشن ڪن ٿا، ايم حنيف کوسو لکيو ته آفيسن ۾ مفت ڪم ته هڪ خواب بڻيل آهي جيڪو ڪڏهن به پورو ڪون ٿيندو باقي ايس ايڇ اوز يا ايس ايس پي جي ڪارڪردگي اها آهي جو گهوٽڪي ضلعو مڪمل ڌاڙيلن جي قبضي ۾ آهي اڄ ميرپورماٿيلو سميت جروار شهر ۽ حيات پتافي ۾ جسقم جي سڏ تي مڪمل هڙتال آهي ايس ايس پي آفيس گيٽ تي اٺن ڏينهن کان ڌرڻو لڳل آهي وڪيلن عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪيو آهي پر مغوي رتڪ سميت ڪو به مغوي واپس نه ٿيو آهي تازو ئي رات سرحد ٿاڻي جي حد ۾ ڌاڙيلن نيشنل هائي وي تي حملو ڪري 2 ڊرائيور اغوا ڪيا آھن ان مان توهان گهوٽڪي پوليس جي ڪارڪردگي جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. ڪنهن هڪ اداري جي ڳالھه هجي ته بيان ڪجي بدقسمتي سان پورو نظام ئي ڪرپٽ لڳو پيو آھي، آغا سراج لکيو ته ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ۾ رشوت ڦر ڌاڙا يعني ظلم جي انتها آهي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ايس ايس پي شڪارپور امن امان جي صورتحال کي بھتر بنائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آھي سندس جي ڪارڪردگي زيرو آهي شڪارپور ضلعو مڪمل ڏوھارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي ڊي سي شڪارپور پنھنجي آفيس تائين محدود آهي رشوت جي بازار گرم آهي اي سي  فوٽو سيشن ۾ مصروف آهي عوام جو الله واھي آهي، نورالحق لکيو ته رشوت ۽ سفارش هلي ٿي، اصغر حسين لکيو ته رشوت ۽ سفارش هلي ٿي، باقي ڪامورن جي ڪارڪدرگي زيرو آهي، لالا طاهر سنڌي به سروي ۾ حصو ورتو، پرڪاش ڪمار لکيو ته اسان جي ٿرپارڪر ضلعي ۾ سفارش وڏي ڪنهن mpa يا mna جي هجي يا ته پئسو وڌيڪ هجي ائين ٿو ڪم هلي سڀني آفيسرن وٽ .زاهد راهو لکيو ته هئنر روڊن تي چور ڌاڙيل ائين سرعام پيا هلن هن کي ڪو به پوليس جو قانون جو خوف ئي ناهي بس وجھه وٺن ٿا، مخدوم مينهل مڱريو لکيو ته ڪرپٽ هڪ علائقو نه بلڪي سمورو سسٽم آهي موجود حڪومت به ڪرپشن ڪري قائم ٿي آهي، حسيب خان لکيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي جو رويو ڏاڍو خراب آهي، محسن علي لکيو ته نوشهرو فيروز ۾ ايس ايس پي سهائي عزيز ٽالپر بهتر ڪم ڪري پئي پر ٻين جي ڪارڪردگي بهتر ناهي، ثناءُالله مشوري لکيو ته ڏسو پوري سنڌ ۾ ھر اداري جي اندر ڪرپشن ٿئي پئي جنھن کي روڪڻ ڪنھن جي وس جي ڳالھه ڪونھي پيپلز پارٽي اھو ئي چاھي ٿي ته سنڌ ۾ رھندڙ غريب طبقي کي تباھه ڪيو وڃي سنڌ جي ايم پي ايم اين اي کي جيڪا نوڪري ملي ٿي اھا يا ته پئسن تي وڪامجي ٿي يا ته پنھنجن رشتيدارن کي پيا ڏين باقي سنڌ ۾ ڪرپشن بند ٿيڻ جو ڪو به خواب نه ڏسي، مغفور احمد چانڊيو لکيو ته قمبر ۾ ڪوبه آفيسر ايماندار ڪونهي، عمران قاضي به سروي ۾ حصو ورتو، مراد علي لکيو ته اسانجي شھر سيري ۾ رشوت جي بازار گرم آهي مقررڪيل ايس ايڇ او رشوت وٺي ھرناجائز ڪم ڪري پيو ڪڪڙن جو ميل ھجي مين پڙي آڪڙا پرچي ٺرو سفينا ھر منشيات هلي ٿي، پسند علي مگسي لکيو ته شھدادڪوٽ جو آفيسر ڌاڙيل لڳو پيو آهي، محمد عثمان راڄپر به سروي ۾ حصو ورتو، محمد عرس مشوري لکيو ته ڪرپشن کان سواءِ ڪم ئي ڪونه ٿا ٿين آفيسن ۾، علي نواز به سروي ۾ حصو ورتو، گلشير سومرو لکيو ته نوشھرو فيروز ۾ اي سي، ڊي سي مختيارڪار تپيدار رشوت کان سواءِ ڪوڪم ڪونه ٿا ڪن، امتياز بلوچ لکيو ته ڪرپشن هلي ٿي خيرپور ميرس ۾، جابر مهيسر لکيو ته سجاول جوڻيجو تعلقي جي هر اداري جي لاڳاپيل آفيسر پنھنجا ماڻھو مقرر ڪيا آهن جيڪي هر جائز ڪم ڪار لاءِ ڳري رشوت ورتي پئي وڃي ايف آئي آر داخل ڪرائڻ لاءِ رشوت، روينيو کاتي جي آفيس جائز ڪم لاءِ ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي اهڙي طرح هر اداري اندر واڪ لڳل هوندو آهي، ايم حنيف سومرو لکيو ته آفيسن ۾ مفت ڪم ته هڪ خواب بڻيل آهي جيڪو ڪڏهن به پورو ڪونه ٿيندو باقي ايس ايڇ اوز يا ايس ايس پي جي ڪارڪردگي اها آهي جو گهوٽڪي ضلعو مڪمل ڌاڙيلن جي قبضي ۾ آهي ميرپورماٿيلو سميت جروار شهر ۽ حيات پتافي ۾ جسقم جي سڏ تي مڪمل هڙتال ڪئي وئي ايس ايس پي آفيس گيٽ تي اٺن ڏينهن کان ڌرڻو لڳل آهي، وڪيلن عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪيو آهي پر مغوي رتڪ سميت ڪو به مغوي واپس نه ٿيو آهي تازو ئي رات سرحد ٿاڻي جي حد ۾ ڌاڙيلن نيشنل هائي وي تي حملو ڪري 2 ڊرائيور اغوا ڪيا آھن ان مان توهان گهوٽڪي پوليس جي ڪارڪردگي جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. جنيد احمد ملڪ، گل رخ علي، به سروي ۾ حصو ورتو، سڪندر لطفي لکيو ته پاڪستان جي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ صديون لڳنديون يا ته امام خميني جو جهڙو ليڊر گهرجي جتي اسلامي نظام تحت حڪومت قائم هجي رشوت وٺڻ ڏيڻ واري لاءِ هڪ جهڙي سزا هجي پوءِ هرڪم رشوت کان بغير ٿي سگهي ٿو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرڻ لاءِ خالي پيسا نه پر سفارش پڻ ڪرائڻي پوندي آهي جڏهن ته مختيارڪار آفيس ۾ گهڙڻ وقت به انهن جا ماڻهو بيٺا آهن جيڪي اگهه مقرر ڪن ٿا.