سوال/سروي … بيروزگارن کي ڦرڻ بند ڪريو: اميدوارن آءِ بي اي ٽيسٽ پاس سرٽيفڪيٽ جي فيس کي رد ڪري ڇڏيو

0
172

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته بيروزگارن کان نوڪري جي نالي تي اوڳاڙي، آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙن کان پي ڊي ايف سرٽيفڪيٽ جي 350 رپيا فيس وصول ڪئي پئي وڃي اهڙي عمل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اسان آءِ بي اي جي اهڙي عمل کي رد ڪريون ٿا، پاسنگ سرٽيفڪيٽ پي ڊي ايف مفت ڏنو وڃي، بيروزگار نوجوانن اڳ ئي چالان جي مد ۾ پئسا ڀريا، هاڻ وري نئين سر اوڳاڙي ڪئي پئي وڃي اهو سراسر ظلم آهي، سنڌ سرڪار کي ايڪشن کڻڻ گهرجي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي محسن ملاح لکيو ته رڳو غريب بيروزگار نوجوانن کي پريشان ڪرڻو اٿن ۽ انهن کي رڳو بيوقوف بڻائڻو اٿن، ڪنهن کي ڪابه نوڪري نه ٿي ملي، بيروزگار نوجوان اپلاءِ ڪري ڪري مختلف کاتن ۾ ٿڪجي پيا آهن، سالن جا سال انتظار ڪرڻ بعد جڏهن انٽرويو جو ٽائيم ٿو اچي ته وري ڪامورا پيا نوجوانن کي چون ته هت ڇو ڌڪا کائڻ آيا آهيو، وڃي ايم اين اي ايم پي اي جو پاسو وٺو، ڪامورا ڪاغذ وٺي، درن ۽ درين کان ٻاهر ڦٽا ڪريو ڇڏين، پر افسوس اها سڀ منظر، ميڊيا ۾ رپورٽ به ٿيا، پر هن وقت تائين ڪنهن به بيروزگار کي سواءِ ٺهلي دلاسي کان نوڪري ڪونه ملي، امر راءِ سنگهه راجپوت لکيو ته انتهائي غلط عمل آھي. مختيار مولائي لکيو ته ملڪ ۾ڪرپشن اڃا تائين جند نه ڇڏي آهي ڪرپشن جي ڪري ڪيترائي شاگرد ڊگريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھن محل تائين روزگار لاءِ رلي رهيا آهن، ساگر امير حيدر لکيو ته ڊيٽا ته سموري انهن وٽ آهي جيئن سلپ لوڊ ڪيون ائين سرٽيفيڪٽ به لوڊ ڪن باقي پئسا وٺڻ جو ڪو جواز ناهي، واحد بخش نندواڻي لکيو ته ادارو اڳ ۾ ئي گھڻو ڪمائي چڪو آھي ھاڻي به پيسا ڪمائڻ جو چڪر آھي بيروزگار کي مد نظر رکي سلپون پورٽل ۾ اپلوڊ ڪيون وڃن، عمران جوڻيجو لکيو ته بيروزگارن کي به نه پيو بخش ڪيو وڃي هي اسان جي عوامي حڪومت آھي. راسومل لکيو ته هڪ ته نوجوان بيروزگار آهن ٻيو ته ڦرڻ بند ڪيو وڃي ته هنن کي رليف ملي سگهي، قربان عالياني لکيو ته آءِ بي اي جو بيروزگارن کان اوڳاڙي جو فيصلو غلط آهي، پاس اميدوارن پي ڊي ايف ذريعي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ گهرجي، اشفاق چانڊيو لکيو ته چالان جا به پئسا وري مٿان سرٽيفڪيٽ جا به پئسا هل ڙي حڪومت تنهنجو ڪمال، اياز کهاوڙ لکيو ته آءِ بي اي سنڌ جي بيروزگارن کي ليمي وانگر نڀوڙي پئي. هر روز ڪنهن نه ڪنهن بهاني سرٽيفڪيٽ ڪنهن مهل ڪھڙا ڪنهن مهل ڪھڙا. نوجوان صفا سورن ۾آهن، احسان لغاري لکيو ته انٽرويو جي مشڪري ختم ڪئي وڃي ٽيسٽ پاس وارن کي ٽاپ ٽو باٽم ۾ نوڪرين جا آرڊر ڏنا وڃن جئين بيروزگاري ختم ٿئي غريبن جو چلھو ٻري، خميسو دائوداڻي لکيو ته پنڻ جو نئون طريقو اختيار ڪيو ويو آھي انھن پيسن مان بسون خريد ڪري ڪنھن نه ڪنھن ضلعي بس سروس شروع ڪندا، ياسين شر به راءِ جو اظهار ڪيو، محمد اقبال ملاح لکيو ته ڪمائي جو ذريعو آهي بيروزگار ويچارا پهريان ئي پريشان آھن انهن کي ويتر اجايو پريشان ڪيو پيو وڃي، نوڪرِ حسين ميمڻ لکيو ته اهو سراسر ظلم آهي، مجيد جان بوزدار لکيو ته سڌي سئنين ڪمائي ڪئي پئي وڃي، ولي الله جمالي لکيو ته ڊيٽا ته سموري انهن وٽ آهي جيئن سلپ لوڊ ڪيون ائين سرٽيفيڪٽ به لوڊ ڪن باقي پئسا وٺڻ جو ڪو جواز ناهي، حافظ عبدالفتاح سومرو لکيو ته ڊيٽا ته سموري انهن وٽ آهي سلپن وانگر سرٽيفڪيٽ رکن، اطهر راجا بلوچ لکيو ته ڪنهن کي دانهن ڏجي،  محمد فياض وساڻ لکيو ته آءِ بي اي جو بيروزگارن کان اوڳاڙي جو فيصلو غلط آهي، پاس اميدوارن پي ڊي ايف ذريعي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ گهرجي، هڪ ته نوجوان بيروزگار آهن ٻيو ته ڦرڻ بند ڪيو وڃي ته هنن کي رليف ملي سگهي، اسلم سومرو لکيو ته ڪمائي جو ذريعو آ بيروزگار ويچارا پهريان ئي پريشان آھن انهن کي ويتر اجايو پريشان ڪيو پيو وڃي، رفيق شاهه لکيو ته ميرٽ تي ڌاڙو نا منظور، سرمد شاهه لکيو ته وڏو ظلم آهي، منصور علي لکيو ته ميرٽ لسٽ جاري ڪئي وڃي، امتياز جمالي لکيو ته چالان جا به پئسا وري مٿان سرٽيفڪيٽ جا به پئسا ورتا پيا وڃن، محمد پنجل ملاح لکيو ته آءِ بي اي کي صرف وصولي کپي ۽ رسم پوري ڪرڻ لاءِ اشتھار باقي نوڪريون ته ھونئن به اڳ سليڪٽ ٿيل ھونديون آهن اقتداري ڌر جي اڳواڻ لاءِ، سرفراز احمد لکيو ته ظلم آهي، سرفراز علي لکيو ته آءِ بي اي کي صرف وصولي کپي ۽ رسم پوري ڪرڻ لاءِ اشتھار باقي نوڪريون ته ھوئن به اڳ سليڪٽ ٿيل ھونديون آهن اقتدا ڌر جي اڳواڻ لاءِ، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته اهو غلط عمل آهي، خميسو آريسر لکيو ته غريبن سان مذاق ڪيو پيو وڃي، انيس الرحمان لکيو ته سموري ڊيٽا اڳ ئي انھن وٽ موجود آھي جيئن اميدوار سلپ ڊائونلوڊ ڪن ٿا ائين سرٽيفڪيٽ به ڪرڻ گهرجي اميدوار اڳ ۾ ئي بيروزگار آھن انھن پھريان ئي چالان جي مد ۾ 700-1000 ڀريا آھن وري سرٽيفڪيٽ لاء 350 مطلب ته مزدور جي مزدوري جو 70% اميدوارن لاء تمام مشڪل آھي اميدوارن کي ڦرڻ بند ڪيو وڃي تمام نوجوان بيروزگار آھن، شرف الدين ڪيريو لکيو ته ڊيٽا آءِبي اي وٽ موجود آهي پورٽل تي رکي وڃي فيس وٺڻ غلط آهي، فاروق احمد لکيو ته سراسر ظلم آ ، هاڻي آءِ بي اي به مال ميڙڻ جي چڪر ۾ آهي حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ان ظلم خلاف ، باقي جيڪي ويچارا پاس ٿيا آهن انھن کي به يقين ڪونه آهي ته اسان کي به ڪا نوڪري ملندي، جيڪي نوڪرين جو تعداد اچي پيو هر ڊپارٽمينٽ ۾ 2+ 4 نوڪريون ڏيکاريون پيون وڃن اهي به سفارش ۽ پئسن تي ڏنيون وينديون ، باقي غريب ويچارا چالان ڀرڻ ۾ پورا آهن ، محب الله حنفي لکيو ته تمام غلط عمل آهي جيڪا بيروزگار نوجوانن جي حوصلا شڪني ڪرڻ آھي ھتي ھر ھڪ وس آهر نوجوانن کي لٽي رھيو آھي، نوجوانن کي گھرجي ته ان عمل جو بائيڪاٽ ڪري آءِ بي ڪاليج جي سامھون ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائن .خالد ڀرڳڙي لکيو ته آءِ بي اي هاڻي مال ڪمائڻ ۾ لڳي وئي آهي غريب ماڻهو پئسا ڀري ڀري ٿڪجي پيا آهن، هالار ياسين لکيو ته سنڌ جي نوجوانن سان ظلم مٿان ظلم ٿي رهيو آهي. 1000 رپيا چالان 350 سرٽيفڪيٽ وري هر کاتي ۾ ڪاغذ موڪلڻ تي 1000 خرچ ٻيو اچي وڃي ٿو. سنڌ جا نوجوان اهڙي ناحق خلاف ٻاڪاري رهيا آهن پر سنڌ حڪومت ۽ آءِ بي اي اداري جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري. دليپ آزاد لکيو ته ناجائزي آهي جڏهن انهن اشتهار جاري ڪيو هو تڏهن به سرٽيفڪيٽ فيس جو ذڪر ٿيل نه هو، رفيق شاهه لکيو ته انٽرويو پاليسي کي رد ڪريون ٿا، روزانو چالان فيس وٺڻ بند ڪيو،  احسان چانڊيو لکيو ته غريب بيروزگار نوجوان نوڪرين لاءِ پريشان آھن پر حڪومت کي گهرجي ته انٽرويو پاليسي ختم ڪري سرٽفيڪيٽ پاليسي ختم ڪري غريب بيروزگار نوجوانن کي لٽڻ ڦرڻ بند ڪيو وڃي، وقاص ياسين لکيو ته انتهائي تمام غلط عمل آهي .آءِ بي اي وارا نوجوانن کي لٽن ٿا، افضل مهر لکيو ته سنڌ حڪومت جو ڊرامو آهي، لال بخش لغاري لکيو ته پئسا ٺاهي رهيا آهن، اياز بلوچ لکيو ته ڊيٽا سمورن هنن وٽ موجود آهي اپلوڊ ڪري ڇڏن، ايم بلوچ، وقاص نظاماڻي به سروي ۾ حصو ورتو،  امتياز لغاري لکيو ته اھا ناانصافي آھي اڳ ئي سنڌ جا نوجوان بيروزگار آھن، ان کان اڳ چالان جي فيس ورتي وئي، اها فيس گهٽائي وڃي، سنڌ جي نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ڏنيو وڃن، خاموش خليل شر لکيو ته غلط عمل ھر شيءِ انهن جي ليپ ٽاپ ۾ ھوندي به پئسا وٺڻ افسوس ٿيندو، الياس سمون لکيو ته آءِ بي اي کي صرف وصولي کپي ۽ رسم پوري ڪرڻ لاءِ اشتھار باقي نوڪريون ته اڳ ئي ڏنل آهن، شنڪر لال لکيو ته سنڌ حڪومت کي ايڪشن کڻڻ گھرجي.. آفتاب حسين راڄپر لکيو ته تمام غلط عمل آهي اداري کي اهي سلپون مُفت فراھم ڪرڻ گهرجن ھن مهانگائي بيروزگاري جهڙي وقت ۾ ادارو غريب بي پهچ عوام جي مدد ڪري. مرحوم نثار احمد صديقي صاحب زنده ھجي ها ته ايئن ڪرڻ نه ڏئي ها، اميد سحر لکيو ته بلڪل فيس وٺڻ گهرجي، حمير گل راڄپر لکيو ته تمام غلط عمل آهي، اظهر مصطفيٰ لکيو ته سراسر غلط آهي غريب ماڻهو جنهن وٽ ايترا پئسا ڪونه ھئا جو ٽنھي ڪيٽيگريز ۾ اپلاءِ ڪري ھا وري ايترا پئسا ڪٿان آڻي جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهي، سنڌ حڪومت ۽ آءِ بي اي سکر فري سروس فراھم ڪن جيئن غريبن کي گھر ويٺي سرٽيفڪيٽ ملي سگهي. ثناءُالله چنا لکيو ته آءِ بي اي پنهنجي دڪانداري بند ڪري اسان اڳ ئي بيروزگار مزدوريون ڪري مهانگا چالان پياريا اڌار وٺي ڪرايا ڪري ٽيسٽ ڏني وري به پئسا بيروزگارن کان ورتا پيا وڃن وڌيڪ پريشان نه ڪيو وڃي، ڪهڙو خرچ آ پي ڊي ايف سرٽيفڪيٽ جو، عامر مهيسر لکيو ته آءِ بي اي سنڌ جي بيروزگار شاگردن کي ٻنهي ھٿن سان لٽي ۽ ڦري رھي آھي، سندس جو اھڙو فيصلو سرٽيفڪيٽ جي نالي تي ٻيهر 350 رپيا وٺي اربين کربين رپيا ڪمائڻ جو ھڪ ذريعو آھي سنڌ آءِ بي اي جي اھڙي فيصلي کي رد ڪري ٿي ۽ جيڪڏھن سرٽيفڪيٽ ڏيڻو آھي ته پاس اميدوارن جي اڪائونٽس تي اپلوڊ ڪري ڇڏين جيئن ايڊمٽ ڪارڊ اپلوڊ ڪري ڇڏيندا آھن ته جيئن اميدوار پرنٽ پيج ڪڍرائي پاڻ وٽ رکي ڇڏين باقي سرٽيفڪيٽ جي چارج وٺڻ غير مناسب عمل آھي. اورنگزيب لغاري لکيو ته آن لائن سرٽيفڪيٽ پي ڊي ايف ۾ ڪهڙا پئسا لڳندا ؟  Website تي PHP Language ذريعي شاگردن جي Backup Database جي مدد سان آساني سان PDF ۾ Certificate Generate ڪري سگھجي ٿو پر ھتي ھر پاس شاگرد کان 350 ورتا پيا وڃن، ٽوٽل گريجوئيشن ڪيٽيگري ۾ پاس شاگرد 78,000 ھزار آھن ھر ھڪ شاگرد 350 جمع ڪرائي ته 2 ڪروڙ 73 لک رپيا ٿين ٿا. جيڪا شي مفت ۾ ٿي سگھي ٿي ان شي جا 2 ڪروڙ 73 لک رپيا ورتا پيا وڃن ۽ ھتي ڳالھائڻ لاءِ ڪير ڪونھي. انهن شين تي ٿورو غور ڪري بيروزگار نوجوانن تي ٿورو رحم ڪيو، مراد علي لکيو ته نوڪري جي نالي تي بيروزگارن کان اوڳاڙي ڪئي پئي وڃي.