سنڌ ۾ ڊينگي وائرس جا وڌيڪ 74 نوان ڪيس ظاهر

0
230
سنڌ ۾ ڊينگي وائرس
سنڌ ۾ ڊينگي وائرس جا وڌيڪ 74 نوان ڪيس ظاهر!

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڊينگي وائرس جا وڌيڪ 74 نوان ڪيس ظاهر، هلندڙ مهيني ڊينگي ڪيسن جو انگ 1095 ٿي ويو، 2 مريضن حيائي ڇڏي

ان حوالي سان صحت کاتي جي اختيارين پاران ڊينگي ڪيسن بابت پڌرائي جاري ڪندي چيو ويو آهي ته 24 ڪلاڪن دوران رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ 48، حيدرآباد ۾ 16، ٿرپارڪر ۾ 4 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 3 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ٽنڊوالهيار، عمرڪوٽ ۽ شڪارپور ضلعن ۾ وڌيڪ هڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي.