ڪراچي: جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جي يو آءِ جا اميدوار سوڀارا ٿيا آهن، پيپلز پارٽي سان اسان جو سنڌ سطح تي اتحاد ناهي، پارٽي قيادت ئي ڪراچي جي ميئر توڙي ٻين عهدن تي حمايت جو فيصلو ڪندي.