سنڌ ۾ اهم شاهراهن تي احتجاج تي پابندي ۾ 60 ڏينهن جي واڌ

0
262

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار اهم شاهراهن تي احتجاج تي پابندي ۾ 60 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي گھروکاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نيشنل هاءِ وي، ڪراچي حيدرآباد سپر هاِ وي، انڊس هاءِ وي، آر سي ڊي هاءِ وي، ريلوي اسٽيشنن، ريلوي ٽريڪن، بس اڏن ۽ انهن سان لاڳاپيل علائقن، پورٽس، ايئرپورٽن، يونيورسٽين ۽ اسپتالن سان لڳندڙ مين روڊن، شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ روڊن ۽ وڏن شهرن ۾ موجود انٽرسٽي بس اڏن تي احتجاج تي لڳل پابندي ۾ 60 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صوبي جي راڄڌاني واري شهر ۾ ناردرن باءِ پاس، حب رور روڊ، ماڙيپور روڊ، شاهراهه فيصل، شاهراهه پاڪستان، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا روڊ، پورٽ قاسم کان نيشنل هاءِ وي ڏانهن ويندڙ روڊ، ايئرپورٽ کان شاهراهه فيصل ويندڙ روڊ، پي اي ايف روڊ ۽ لياري ايڪسپريس وي تي به احتجاج تي لڳل پابندي ۾ 60 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي…………