حيدرآباد جي هري مندر مان پتل جي مورتي گم، چوري جي رپورٽ داخل

0
246

حيدرآباد ( بيورو رپورٽ ) سخي پير واري علائقي ۾ هري مندر مان پتل جي مورتي گم ٿي وئي، مندر سنڀاليندڙن سخي پير ٿاڻي پهچي چوري جي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آهي، پريم ڀڳت ۽ جيوڻ ڀڳت جو چوڻ آهي ته صبح جو پوڄا پاٺ لاءِ مندر کوليو هو، دروازو بند ڪرڻ وسري ويو بعد ۾ ڏٺو سين ته مورتي گم هئي.، پوليس موجب مندر مان هڪ فٽ جي پتل واري مورتي گم ٿي آهي رپورٽ داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي…..