سنڌ ڏانهن گهڻي لڏپلاڻ ڪٿان جي ؟ … شبير پياڪ

0
73

  پاڪستان ۾ اندروني لڏپلاڻ سڀ کان وڌيڪ سنڌ ڏانهن ٿئي ٿي ۽ سنڌ ڏانهن گهڻي لڏپلاڻ خيبر پختونخوا صوبي مان ٿئي ٿي. خيبرپختونخوا ۾ بيروزگاري جي شرح به پاڪستان جي صوبن مان وڌيڪ آهي  ۽ اتي تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي.

                         حالتون عام عوام لاءِ سڄي پاڪستان ۾ خراب آهن.غريب ماڻهو جهڙو سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ تڪليف ۾ آهي، اهڙو ئي پختونخوا جو، بلوچستان جو ۽ پنجاب جو عوام تڪليف ۾ آهي. هي حڪمران ٽولو رڳو پنهنجي گروهي مفادن لاءِ جهيڙي رهيو آهي.

                         جهڙا مزا زرداري هائوس ۾ آصف زرداري ٿو وٺي، ته ساڳيا مزا عمران زمان پارڪ لاهور ۽ بني گالا اسلام آباد ۾ وٺي رهيو آهي، ته ساڳين مزن ۾ شهباز شريف اسلام آباد ۽ لاهور ۾ آهي.پاڻ کي انهن جو پاسو کڻڻ بدران انهن جي قبضي مان وسيلا ڇڏائڻا آهن. ۽ ساڳئي وقت انهن کان به قبضو ڇڏائڻو آهي جيڪي چون ٿا ته عوام کي تنقيد ڪرڻ جو حق آهي، پر اهي پنهنجو ڪم ڪرڻ بدران ستر سالن کان غير آئيني ڪم ڪندا رهيا آهن. (فيس بوڪ وال تان ورتل)