پيپلز بس سروس شاگردن لاءِ مفت ڪريو … زاهده ڏاهري

0
129

پيپلز بس حيدرآباد ۾ شروع ڪرڻ واري عمل جي آجيان ڪريون ٿا ھي بس حيدرآباد  ۾ 3 ڏينهن  فري ھلي جنهن  دوران ڪافي ماڻهن بس ۾ سفر ڪيو ۽ خوش به  ٿيا خاص طور تي اسڪول جا شاگرد،  جڏھن فري بس ھلائڻ جو مدو پورو ٿيو ته   بس جي ٽڪيٽ  50 رپيا رکي وئي، خير اھڙي   دور ۾ 50  رپيا وڏا نه  آھن، چوڻ جو مقصد ھي آھي ته  جيڪي اسڪولي ٻار آھن انهن  لاءِ گورنمينٽ گھٽ پئسن واري  ٽڪيٽ  رکي  يا وري فري ڪري جيڪي ٻار اسڪول اچن ٿا يا وري جيڪي اسڪول مان واپس ٿين ٿا.  ڪالھه ڪافي ٻار بس ۾ چڙھي آيا پر 50 رپيا ٽڪيٽ  ٻڌي ويچارا لھي ويا،  امير   ماڻهن  جي ٻارن جي لاءِ ته  گاڏيون بڪ ھونديون آھن پر غريب طبقي جا ٻار ڪي  پنڌ ڪي وري لوڪل سفر ڪندا آھن  ڪالھه بس ۾  جيڪي ٻار لھي ويا اھي صفا غريب نظر پئي آيا ۽   ڪجهه  شاگرد شاگردياڻيون موجود رھيا بس ۾  جن وٽ ڪجهه  پئسا ھئا  ڪيترائي شاگرد ھوندا آھن  جن وٽ شايد خرچي به  نه  ھوندي آھي ڪيترائي شاگر بک تي ايندا آھن ۽ وري بک ويهي پنڌ ڪري گھر پھچندا آھن، اگر گورنمينٽ  سھولت  پيدا ڪئي آھي ته  پوءِ غريب شاگردن کي  فري پيڪيج ڏئي. (فيس بوڪ وال تان ورتل)