موسيقي مئل دلين کي زنده دل بَڻائي ٿي

 

موسيقي اندر جو آواز آھي، موسيقي اندر جو احساس آھي! موسيقي من کي ميرانجھڙو ٿيڻ کان بَچائي اندر کي اجرو ڪري ٿي! موسيقي روح کي راحت ۽ سڪون بَخشي ٿي۔ موسيقي ۾ روحَ رَقص ڪري سگھن ٿا رَنجي نٿا سگھن! ھڪ اھڙي موسيقي جو ڪو غريب موسيقار اندر ۾ ڪيترو به ڏکارو ڇو نه ھجي پر آواز جي ڏات ذريعي ھو ڪجھه پَلن جي لاءِ سرن آلاپن وسيلي ھو منجھيل چھرن تي به مرڪ آڻي ڇڏيندا آھن. خَبر ناھي ھي ڪھڙي موسقي تي پابندي ھڻڻ ٿا چاھين ڪھڙي موسيقي لطيف واري موسيقي؟ جيڪا عابده پروين ڳائي آھي:

”سَڄڻ ۽ ساڻيھَه ڪنھن اَڻاسي وسري،

حيِف تين کي ھوءِ، وطن جنين وساريو!

ڪھڙي موسيقي تي پابندي ھڻن ٿا چاھين؟ ماما جمن ۽ سرمد سنڌي واري موسيقي”وٺي ھَرَ ھَرَ جَنم وربو، مٺا مھراڻ ۾ ملبو“. ڪھڙي موسيقي تي پابندي ھڻڻ ٿا چاھين. شيخ اياز ۽ نعمت ميراڻي واري موسيقي؟ ”ھآءِ مينھارَ بَنسري تنھجي“ ٻڌايو ڪھڙي موسقي تي پابندي ھڻڻ ٿا چاھين؟ ”مخدوم طالب المولي!“ واري موسيقي تي؟ ھي استاد بخاري واري موسيقي تي پابندي ھڻڻ چاھين ٿا! نالن سان گڏ قافيو ڏسو:

ھوشو ھيمون، درياءِ خان رَت اَڏيءَ تان اڏاڻا ھا،

ماڻھو موتيءَ داڻا ھئا، ڏاڍ ساھ سيباڻا ھا.

ھل رنگريزي جي شاعري ۽ سنڌي جو گائڪ الھڏنو خاصخيلي جمھن ۾ سنڌ ڌرتي تان سر قربان ڪندڙ جوانن جي نالن واري ھن موسيقيءَ تي پابندي مَڙھي سگھجي ٿي؟ جنھن ۾ طن جو درد ماروئڙن جي سِڪ ۽ ڇِڪَ سمايل ھجي افسوس! موسيقي ماحول تي وڏو اَثر ڇڏي ٿي توھان پابندي ھڻايو ته اھڙن فَنڪارن ۽ شاعرن تي ھڻايو جن معاشري ۾ ڌَمچر مچائي ڇڏيو، پر موسيقي جي نالي بزرگن ۽ انقلابين شاعرن کي ڳائيندڙ گلوڪارن پاران سرن جي ورکا ۾ نه روڳو درد سمايل ھوندو ۽ پر انساني روادري جو به زبردست پيغام ڏنل ھوندو آھي. اھڙي موسيقي کي ھٿي وٺرائڻ تي اسان سنڌ سَرڪار جي اھڙي فيصلي جي دل سان آجيان ڪريون ٿا! ھي به ته موسيقي آھي۔جيئن رنگريز چوي ٿو: ”انسان جي عظمت کي وڌائڻ ٿو گھران مان“. واھ ڪَمال جي سِنڌي موسيقي! ڪَمال جا گائڪَ ۽ ڪَمال جا شاعرَ۔ مون ڪيترن ئي اھڙن ماڻھن کي به موسيقي سان محبت ڪندي ڏٺو آھي جن جو توحيد تي پَڪو ايمان ھجي ٿو، جيڪي پَنج وقت پابندي سان نماز ادا ڪندا آھن. ڇو جو موسيقي روح جي غذا آھي. موسيقي اڪثر نَرم دل ٻڌندا آھن ۽ غرورَ جي ور چڙھيل نه! ڏاڍو ڏک ٿيندو آھي بيشڪ! اختلاف رکي سگھجن ٿا ته بي وَڙن شاعرن پاران گھَٽيا شاعري جيڪا بي وَڙن فَنڪارن پاران ڳائي وڃي ٿي انھن تي پابندي ھڻائڻ سٺو عمل آھي!

 

رياض اَمر ٻجورو

سنڌ ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ ڊينگي وائرس…!!

 

ھن سال مون سون جي برساتن جي نتيجي ۾ آيل ٻوڏ جو گندو پاڻي عوام جي صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيڻ سان گڏوگڏ ڊينگي وائرس جي اضافي جو سبب پڻ ٿيو آھي. سنڌ صحت کاتي مطابق سال 2022ع ۾ ھينئر تائين ڊينگي بخار جي 9500 کان وڌيڪ ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آھي. ان مان 6000 کان وڌيڪ تصديق ٿيل ڪيس ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيا. صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته شهر جي اسپتالن تي مسلسل دٻاءُ آهي، ڇو ته ڊينگي بخار جي ڪيسن جي تعداد ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي. آفيس فار دي ڪوآرڊينيشن آف هيومنٽيرين افيئرز موجب پاڪستان ۾ مون سون جي ٻوڏ سبب 2 لک کان وڌيڪ گهر تباهه ٿيا آهن. تقريبن 7.9 ملين ماڻهو تيز برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيا آهن، جڏهن ته 1600 ماڻهو فوت پڻ ٿيا، 37 سيڪڙو فصل متاثر ٿيو ۽ هڪ وڏو علائقو اڃا تائين هڪ کان ٻه فوٽ پاڻي هيٺ آيل آهي، جنھن سبب ڊينگي وائرس ۾ اضافو ٿيو آھي. تاريخي ٻوڏ سبب متاثر مختلف بيمارين پڻ وڪوڙيل آھن. پر ڊينگي ان سڀني بيمارين کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ موت جو سبب بڻجندڙ وبا آهي. ڊبليو ايچ او جي رپورٽ موجب 1 جون کان 27 سيپٽمبر تائين ملڪ ۾ ڊينگي جا 25 هزار 932 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان 75 سيڪڙو ڪيس سيپٽمبر ۾ ٿيا. ڊينگي جي تيزيءَ سان پکڙجڻ جا سبب علائقن ۾ برسات جي گندي پاڻي جو بيھڻ، پيئڻ جي پاڻيءَ ۾ آلودگي، ناڪافي صفائي، گھٽين ۾ ڪچرو ڦٽو ڪرڻ سر فهرست آھن. حڪومت کي گھرجي ته ٻوڏ جي گندي پاڻيءَ جي نيڪالي کي يقيني بڻائي، ڊينگي آگاهي مهم شروع ڪري وڌيڪ خطري وارن ضلعن ۾ ڊينگي رسپانس سينٽر ۽ ھيلپ لائن قائم ڪري. سرڪاري اسپتالن ۾ بسترن ۽ دوائن جي قلت کي پورو ڪري، متاثر علائقن ۾ اسپري ڪرائي ته جيئن قيمتي جانيون بچي سگھن.

 

سمير ساگر قريشي / حيدرآباد

 

ڪرپشن جا ميگا اسڪينڊل ۽ غريب عوام

 

معاشري اندر ڪرپشن جو نالو ڪو نئون نه پر صدين کان گونجندو پيو اچي ته ملڪ اندر ڪرپشن ٿي رهي آهي. ائين کڻي چئجي ته عام ماڻهو کان وٺي ملڪ جي حڪمرانن تائين اڪثريت عوام ڪرپشن ڪري رھي آھي، معاشري جي عام ماڻهن، سرڪاري آفيسرن کان وٺي ملڪ جي حڪمرانن تائين ھر فرد ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان موقعي جي مناسبت سان ڪرپشن ڪري رھيو آھي. جنھن کي جيترو موقعو ملي ٿو اُهو پنھنجي وس آهر ڪرپشن ڪري ملڪي ادارن کي تباھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھي ٿو. جيئن عام ماڻهو چوري جي طريقي سان گيس بجلي استعمال ڪري بل نه ڏيندا آهن جنهن کي سولي سنڌي ۾ ڪرپشن ئي چئبو. آفيسر طبقو آفيسن ۾ ويھي عام ماڻهن کان پئسا وٺي ڪم ڪري ڏيڻ به ھڪ ڪرپشن آهي. ھلندڙ ھفتي سنڌ اندر بيوروڪريسي جي ٻن آفيسرن جي ڪرپشن جا ميگا اسڪينڊل سامهون آيا آهن جنھن ۾ ڊي سي مٽياري عدنان رشيد طرفان حيدرآباد کان سکر موٽروي پراجيڪٽ ۾ 2 ارب جي ڪرپشن ڪرڻ جو واقعو سامھون آيو آهي. ابتدائي رپورٽ مطابق ته ساھيوال سان تعلق رکندڙ آفيسر عدنان رشيد ڪوڙن اڪائونٽن توڙي جعلي چيڪ پاس ڪرائي ايڏي ڪرپشن ڪئي آهي سندس پرسنل ڊرائيور مطابق ڪجھ ڏينهن اڳ ڊي سي مٽياري جي حڪم مطابق 3 ارب روپين جي رقم ھڪ گاڏي ۾ کڻي ساھيوال جي ڀرسان سندس ڳوٺ ۾ پھچائي آيا ھئاسين . في الحال ڊي سي مٽياري سميت 5 ماڻهو ٻيا به گرفتار ڪيا ويا آهن. ٻيو واقعو ڊي سي نوشهروفيروز تاشفين عالم پاران ساڳئي پراجيڪٽ حيدرآباد کان سکر موٽروي ۾ ڪرپشن جو ميگا اسڪينڊل سامهون آيو آهي جنهن ۾ پڻ ساڳي طريقي سان جعلي چيڪ ڪوڙن اڪائونٽن ذريعي 3 ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي. اڳوڻو ڊي سي دبئي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. عام ماڻهو گيس جو ھڪ ھزار بِل نه ڏيڻ تي جيل موڪليو ويندو آھي جڏھن ته وزير مشير ڪروڙين اربين روپين جي ڪرپشن ڪن کين ڪير به پڇڻ وارو ناهي. ھتي ھڪ سوال آھي ته ٻاھرين صوبن جي آفيسرن کي سنڌ جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻائڻ ۾ ڪنھن جو ھٿ آهي؟ ظاھر آهي ته ايڏي وڏي ڪرپشن ڪرڻ ۾ ضلعي جو ڪو ھڪ آفيسر شامل نه ھوندو پر ان ڪيس جي پويان ڪو وڏو گروپ يا گينگ ھوندي جنھن جي مرضي چوڻ کان بغير ايڏو وڏو اسڪينڊل سامهون نه اچي ھا اِن ڪري سڄي واقعي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي اصل حقيقي ڏوھارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ته بھتر ٿيندو. جيڪڏهن صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي ته ٻيا به اھڙي قسم جا اسڪينڊل سامهون اچي سگھن ٿا. جيڪڏهن موجوده واقعن ۾ سنڌ حڪومت طرفان ٿوري به سستي جو مظاهرو ڪيو ويو ته ايندڙ حالتن ۾ سنڌ جي عوام کي وڏو نقصان ملي سگهي ٿو جنھن کي ڪير به پورو نه ڪري سگهندو.

 

مير ذوالفقار چانڊيو/ سڪرنڊ

 

ڪميونٽي مينٽل هيلٿ پروگرام جي اصل ڪهاڻي

 

تازو ٻه هفته اڳ ڪميونٽي مينٽل هيلٿ پروگرام جي شروع ڪرڻ بابت هڪ اشتهار چپيو آھي  جنهن ۾ عارضي بنيادن تي نوڪريون ڏيڻ ۽ ان ذھني صحت جي پروگرام کي سنڌ ۾ شروع ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي آھي. اهو اشتهار محڪمه سنڌ جي طرفان ڇپيو ويو  آھي. بدقسمتي اها آھي ته سنڌ حڪومت جي نوٽيفڪيشن تحت 8.6.2022 تي منظور ڪيل هي اشتهار ڄاڻي واڻي  5 مهينا دير ڪري ڇپيو ويو، ظاهر آھي ان جو ڪو مقصد آھي. دراصل قصو وڏو آھي. هي پروگرام شهيد بي نظير ميڊيڪل يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ ڊين فيڪلٽي آف ميڊيسن اينڊ الائيڊ سائنسز طرفان پي سي 1 ۾ ٺاهي ڪجه سال اڳ ڏنو ويو هيو ۔ اهو غالبن سنڌ جو ۽ پوري پاڪستان جو پهريون پروگرام هيو جيڪو يونيورسٽي جي معرفت پهل قدمي ڪري ڏنو  ويو ته جيئن سماج ۾  ذھني صحت جي خدمتن جي وٿي کي بهتر ڪري عوام کي لاڀائتو ڪري سگهجي. هن پروگرام جي پي سي 1  ۾ لکيل آھي ته ”اهو پروگرام لاڙڪاڻي ڊويزن کان شروع ڪيو ويندو، ان جو مکيه مرڪز شهيد بي نظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي  هوندي. ان جي ٽيچنگ اسپتال جي ڀرسان هڪ وڏي بلڊنگ به مخصوص ڪئي وئي هئي. هن ۾ هڪ سماجي تنظيم کان تعاون جي به ڳالهه ٿيل آھي ۽ پهرئين ڏاڪي ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ضلعن، تعلقن ۽ بنيادي صحت مرڪزن جي طبيبن ۽ ٻئي اسٽاف کي ذھني صحت جي سکيا ۽ مريضن کي علاج، شعبه نفسيات کي مرڪز ڪرڻ ۽ ان سان گڏ رتوديرو، باقراڻي، ڏوڪري، قمبرشھدادڪوٽ، لکي غلام شاهه، شڪارپور ۽ جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز کي ڳنڍڻ ۽ ٽين ڏاڪي تي يونيورسٽي جي ٻين شعبن کي ڳنڍڻ جنهن ۾ نيورولاجي شعبو، انٽرنل ميڊيسن، لال بتي جو شعبو يا ٽراماسينٽر، ڪميونٽي ميڊيسن جو شعبو ۽ پرائيويٽ شعبي يا سيڪٽر کي به ڳنڍڻو هو. ان کان سواءِ 500 ڊاڪٽرن، ٻئي سٽاف ۽ ڪميونٽي ورڪرن کي سکيا ڏيڻي هئي ۽ ائين انهن جي جي معرفت سنڀال  ڪرڻي هئي. پر ٿيو ڇا ان سموري ڳالهه تي پاڻي ڦيريو ويو. هڪ اشتهار پورا ڇهه مهينا ڄاڻي واڻي ليٽ آيو، ٻيو ان ۾ قانون مطابق ۽ پي سي 1 مطابق لاڙڪاڻي ۾ پائليٽ پروگرام  جو  ذڪر گم ڪيو ويو ته جيئن اتان ان جي شروعات ئي نه ڪري سگهجي. ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز حيدرآباد سنڌ طرفان آيل  ايڊورٽائيزمينٽ بابت اصل حقيقت اها به آهي ته  جنهن ڪاميٽي کي اهاايڊورٽائيز مينٽ ڪرڻي  آھي، ان کي تبديل ڪري من پسند ماڻھو مقرر ڪرڻ  جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ان کي لاڙڪاڻي کان ٻاهر ڪڍي هتان جي  ماڻھن لاءِ ذھني مشڪلاتون وڌائڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن. اسان جو مطالبو آھي ته ان ايڊ ور ٽائيزمينٽ کي فوري طور ڪينسل ڪيو وڃي ۽ نامزد ڪيل ڪاميٽي کان سواءِ اهڙي ايڊورٽائيز مينٽ ۽ بعد ۾ اهڙيون ڀرتيون غيرقانوني تصورڪيون وڃن اسان جو مطالبو آھي ته ڊي جي هيلٿ خلاف شفاف ۽ غير جانبردار  جانچ ڪري اصل حقيقي ايڊ ورٽائيزمينٽ ھٿ ڪري انهن ئي علائقن  جا اميدوار ڀرتي ڪيا وڃن جن جو ذڪر ڪيل آهي  ۽ اهو پروگرام اتان ئي شروع ڪيو وڃي جنهن جو پي سي 1 ۾ ذڪر ڪيل آھي. ٻي حالت ۾ ماڻھو جدوجهد ۽ ڪورٽ جو رستو اختيار ڪندا.

 

ڊاڪٽر بدالدين جوڻيجو

 

امراڻي جي آدرشي انسان جادم منڱريو جي جدائي جي ويل وري آ

 

عمرڪوٽ منهنجي ناناڻي نگري آهي، جنهن سان نهايت گهڻي انسيت آهي، جنهن جي ماڳ روحل جي واءِ تان تازو راڳي راڻي جمن دربدر چٽي چانڊاڻ ۾ چلوچل چئي جنم وٺي واپس ورڻ جا جهانديده جملا ورجائي راهه رباني ورتي. مرحوم جادم مڱريو ساڳي جوءِ جو جٽادار انسان هو جيڪو ٻه ورهيه اڳ هن واري مان وڇڙي ويو. هن پنهنجي مٺڙي ماءُ جي نسبت نمايان ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ عاليشان اسپتال جيجل ماءُ جي جوڙجڪ ڪرائي. اهڙا سچا انسان ڪنهن سڀاڳي صدي ۾ پيدا ٿيندا آهن باقي ملاوٽي مال مڙيئي منڊي ۾ ميسر ٿيندو آهي. ٿر جي ٿڌڙي واري ۾ عمرڪوٽ کان ڪجهه وٿيرڪو هڪ وڻراهه تي ڳوٺ ولي محمد مڱريو عمدين عمارتن سان اڏيل آهي، جنهن ۾ وڏڻ فقير مڱريو جي گهر جادم جو جنم ٿيو سو سن 1952ع آهي. جادم مڱريو حر جماعت جي فرق فيڪشن جي فڪري فقيرن جي سائلي ۽ سومر فقير واري سنگت واري سلسلي سان ثابت قدم هو. هن پرائمري کان سيڪنڊري تائين تعليم ڍوري ناري جي هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. انٽر عمرڪوٽ جي ڊگري ڪاليج مان ۽ معاشيات ۾ ماسٽرس ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪئي. تعليم دوران شاگرد سياست ۾ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ سرگرم ڪردارا دا ڪيائين. جنهن ڪري ڪيترن ئي وقتن تي کيس گرفتارين جي گسن تان به گذرڻو پيو. تعليم جي ڪميل بعد ڍوري ناري ۾ ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي ڪيميائي دوائن جو دڪان کولي ڪاروبار ڪيائين. 1987ع ۾ ڍورو نارو ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين ٿيو. 1988ع ۽ 1990ع جي چونڊن ۾ سامارو واري تڪ تان پير پاڳاري جي ٽڪيٽ تي مير منور ٽالپر کان ٻه ڀيرا هارايائين. 1990ع ۾ وڏي وزير ڄام صادق جو خاص مددگار مقرر ٿيو. 2002ع ۾ مرحوم علي محمد مهر ۽ 2004ع کان 2007ع تائين ارباب غلام رحيم جي جي وڏ وزارت ۾ فشريز جو  صلاحڪار رهيو. 2008ع جي چونڊن ۾ پ پ اميدوار گل جوڻيجو کي اين اي 234تي شڪست ڏئي ايم اين اي بڻيو ۽ يوسف رضا گيلاني جي دور ۾ ريلوي جو مملڪتي وزير بڻيو. 2018ع جي عام چونڊن ۾ سردار علي شاهه کان چونڊ هارائي ويو. پير پاڳارو کيس پنهنجي مخصوص انداز ۾ جادوگر سڏيندو هو. موصوف پريوار ۾ 5 پٽ ۽ 3 نياڻيون ڇڏي ڪورونا جي ڪاهه سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ 26 نومبر 2020ع تي 67 ورهين جي ڄمار ۾ هاڪڙ ي جي هنج ۾ اباڻي قبرستان ڊيبو شريف ۾ آخرت جو سفر اختيار ڪيائين.

فانوس بن ڪر جس ڪي حفاظت هوا ڪري

وه شمع ڪيا بجهي جسي روشن خدا ڪري.

 

سليمان مهر/سينٽرل جيل سکر

 

سيڪريٽري تعليم جا ڪامياب ڇاپا

 

جيڪڏهن مان سنڌ جي انهن وڏين شخصيتن جي ڳالهه ڪيان جن سدائين تعليم جي بهتري لاءِ ڪم ڪيا هجن، ته  سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري منهنجي ذهن ۾ ضرور ايندو آهي. ان ڪري جو  پوري سنڌ ۾ جهڙي طرح سان غير سنڌين کي  امتحانن ۾ ويهاري امتحان ورتا ويندا هئا يا شاگرد رهن ڪراچي، لاهور ۾ پڙهن  سنڌ جي مختلف اسڪولز ۾، بهرحال مان سلام پيش ڪندس  انهن شخصيتن کي جن سدائين  لطيف سائين  جي پيغام تي عمل ڪندي سنڌ جي حقيقي وارثن وارو ڪردار ادا ڪن پيا. پوءِ اسان مٿان اهو فرض آهي ته انهن تي نظر به وجهون ۽ انهن جي ڪارنامن تي روشني به وجهون. سنڌ مان خاص طور تي  سياسي مداخلت، آفيسرن جي نااهلي جنهن تحت هو چند ڌوڪڙ وٺي سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪن ٿا. راڻيپور گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول  ۾ سيڪريٽري دورو ڪيو جتي گهٽ ۾ گهٽ 10 ٽيچر مقرر هئا ۽ 772 شاگردن مان  حاضر رڳو 170 هئا موسٽ سينئر ٽيچر پڙهائڻ کان ائين لنوائين پيا، جيڪي شاگردياڻيون موجود  هيون جن به سوالن جا جواب نه ڏنا. سيڪريٽري ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽  انتظامي امور ۾ غفلت ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو. مان سمجهان ٿو ته اهو درست قدم آهي اهڙن قدمن سان ئي اسان کي ڪاميابي ٿيندي.

 

سيد زوار حسين شاه/ اسلام آباد

آرمي چيف جنرل باجوه جي الوداعي تقرير ۽ ڍاڪا سانحو

 

16 ڊسمبر 1971ع تي ڍاڪا اسان کان جدا ٿيو. سوال اهو آهي ته پاڪستان ٽٽي ڇو ويو؟ ان سوال جي جواب جي سلسلي ۾ جنرل نيازي جو ڪتاب ”هٿيار ڪيون ڊالي“ غير معمولي اهميت رکي ٿو. هن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته: ”اوڀر پاڪستان جو بحران ٿلهي نظر رکندڙ ۽ قومپرست سياستدانن پيدا ڪيو هو. “هن ماڻهن جي ‘جائز شڪايتن’ کي چڱي طرح صاف ڪيو آهي.” جنرل ايوب 11 سال ۽ جنرل يحيٰ ٽي سال پاڪستان تي حڪومت ڪئي. هيءَ جنرل نيازي جي گفتگو جي شروعات آهي. اڳتي لکي ٿو: ”پنهنجي نااهليءَ کي لڪائڻ لاءِ هن (جنرل ٽڪا خان) قتل و غارت، ملڪيتن جي تباهي، زمينن کي باهه ڏيڻ ۽ بيگناهه ماڻهن کي خوفزده ڪرڻ جي پاليسي جاري رکي. ”ٽڪا خان کي اوڀر پاڪستان ۽ بلوچستان ۾ قصاب (ڪاسائي) جو لقب مليو. ”جنرل ٽڪا خان جنهن وحشي طريقي سان طاقت جو استعمال ڪيو، بنگالين کي ايترو پري وٺي ويو جو واپسي ممڪن ئي نه هئي. اهي ”اولهه پاڪستان“ جا دشمن بڻجي ويا. بنگالي پاڪستان جا خالق هئا. 56 سيڪڙو هجڻ جي باوجود هنن پاڻ کي پاڪستان سان محبت ۾ صرف 50 سيڪڙو هجڻ جو اعتراف ڪيو، پر اولهه پاڪستان جي حڪمران طبقي جو ظلم اهو هو ته هن هڪ نوآبادياتي طاقت وانگر پنهنجي ئي عوام خلاف ٽينڪن جو استعمال ڪيو، دٻن جو استعمال ڪيو، مشين گنون استعمال ڪيون. اوڀر پاڪستان جو مسئلو سياسي هو ۽ سياسي مسئلو ڳالهين ذريعي حل ٿيندو آهي، پر پاڪستان جو حڪمران طبقو بنگالين سان رڳو طاقت جي زبان ۾ ڳالهائي رهيو هو. چوندا آهن ته جمهوريت قومن ۽ ملڪن کي مضبوط بڻائي ٿي، پر 1970ع ۾ ٿيل چونڊن سبب پاڪستان 1971ع ۾ هڪ رياست بڻجي ويو. پر اها جمهوريت جي غلطي نه هئي. اولهه پاڪستان جي حڪمران طبقي اوڀر پاڪستان جي اڪثريت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. اهو هڪ سياسي مسئلو هو. جنرل نيازي جهڙو ماڻهو به ان ڳالهه کان واقف هو. تنهن ڪري هن لکيو: ”چارج وٺڻ کان پوءِ مون فوجن کي پهريون حڪم ڏنو: جوانو! سرحدن تائين پکڙيل. مڪتي باهني سخت مزاحمت ڪئي پر سخت جاني نقصان ٿيو ۽ دٻاءُ هيٺ، مڪتي باهني هندستان هليو ويو. اهڙيءَ طرح اوڀر پاڪستان جي سرحدن جو قيام ٻيهر عمل ۾ آيو. پر حڪومت ان صورتحال جو سياسي فائدو وٺي مسئلو حل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي. سوال اهو آهي ته اهو ”گروپ“ ڪير هو جيڪو پاڪستان ٽوڙڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو هو ۽ ڪنهن طاقت ذريعي اوڀر پاڪستان جي سياسي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؟ بدقسمتيءَ سان نه يحيٰ ۽ نه ئي جنرل نيازي ان گروهه جي نشاندهي ڪئي. جنرل نيازي پنهنجي ڪتاب ۾ اهو به چيو آهي ته هندستان وٽ سڄو فوجي سامان هو پر اسان وٽ ڪجهه به نه هو.  سوال اهو آهي ته فوجي تياري ڇو نه ڪئي وئي؟ ڀارت اسان جو ازلي دشمن هو. هو اسان جي وجود کي ڳولي رهيو هو ۽ اوڀر پاڪستان سان سندس لڳ ڀڳ ڏيڍ هزار ڪلوميٽرن جي سرحد هئي. پر اسان جي سول ۽ خاص ڪري فوجي قيادت ان صورتحال تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي. ان جو سبب ڇا هو؟ ان جو هڪ سبب خود جنرل نيازي به واضح ڪيو آهي. هن لکيو: ”اسان جي پلاننگ هئي ته اوڀر پاڪستان جي جنگ اولهه پاڪستان ۾ وڙهي ويندي. ان مقصد لاءِ اسان جي اڪثر فوجن کي اولهه پاڪستان ۾ مقرر ڪيو ويو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اوڀر پاڪستان ۾ فقط دفاعي جنگ وڙهي ويندي، جڏهن ته اولهه پاڪستان کان ڀرپور حملو ڪيو ويندو. اها هڪ واضع حقيقت آهي ته 1971ع واري بحران اڌ کان وڌيڪ پاڪستان کي غرق ڪري ڇڏيو، پر اسان جي فوجي قيادت جو نفسياتي ۽ ذهني فريم به نظر نٿو اچي. جنرل نيازي ان حوالي سان جيڪو ڪجهه لکيو آهي، ان کي نرميءَ سان چوڻ لاءِ ”مجرم“ چئي سگهجي ٿو. انگريزيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي: Better is an Army of sheep lead by a lion. شينهن جي لشڪر مٿان رڍن جي سر ٿيڻ کان بهتر آهي رڍن جي لشڪر جو سالار شينهن هجي. اسان جي فوج شينهن جي فوج هئي، پر ان جو سپريم ڪمانڊر هڪ رڍ هو، ۽ چاليهه چورن جو ٽولي جيڪو ساڻس گڏ ٿيو، سو هتي وڙهڻ نه پئي چاهيو، پر اوڀر پاڪستان کي الڳ ڪرڻ ۽ اولهه پاڪستان ۾ هڪ مطلق العنان حڪومت ٺاهڻ جو خواب ڏٺو ۽ ائين ئي ٿيو. هي سڀ رٿابندي ڪئي وئي“. الله اسان تي رحم ڪري. آمين

 

انجنيئر معروف سميجو