ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ شهيد ڪوٽا بابت قانون سازي لاءِ مسودو تيار، ان ڏس ۾ قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ پوليس ۾ شهيد ڪوٽا متعلق قانونسازي لاءِ مشاورت ڪئي وئي، اجلاس ۾ بل آڻڻ لاءِ مسودو تيار ڪيو ويو. مرتضيٰ وهاب چيو ته سفارشون مڪمل ڪيون ويون آهن، ايندڙ اجلاس ۾ سفارشن جي روشني ۾ قانون سازي ڪئي ويندي.