سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري نوڪرين تان پابندي ختم ڪري ڇڏي

0
106

ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کي گريڊ هڪ کان 15 تائين جي پوسٽن تي ڀرتين جي اجازت ڏئي ڇڏي، ان ڏس ۾ جسٽس ظفر راجپوت ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت سمورين پوسٽن لاءِ  ٻيهر اشتهار جاري ڪري قانون موجب ڀرتيون ڪري، تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس پاس ڪندڙ اميدوارن کي ڏهن سالن کان نوڪريون ناهن مليون، سوشل جسٽس (سماجي انصاف)  سڀني جو حق آهي، جسٽس ظفر راجپوت جي سربراهي ۾ سنگل بينچ صوبائي حڪومت کي سرڪاري ڀرتين جي مشروط اجازت ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت کي مختلف کاتن ۾ گريڊ ھڪ کان 15 تائين سرڪاري نوڪريون ڏيڻ لاءِ قانوني طريقا اختيار ڪرڻا پوندا، جيڪڏهن حڪومت کي انهن پوسٽن جي ضرورت آهي ته اها ٻيهر اشتهار ڏئي ۽ قانون موجب ڀرتيون ڪري، عدالت چيو ته جيڪڏهن چونڊن کان اڳ ڀرتيون قانوني هيون ته پوءِ ڪيترن  ڊپٽي ڪمشنرن اهو ڪم ڪرڻ کان انڪار ڇو ڪيو؟ ڇا اسان اهو به ٻڌايون ته ڪهڙي ڊپٽي ڪمشنر ائين ڪرڻ کان منع ڪيو، اھو ڪھڙو طريقو آھي جو حڪومت ويندي ويندي نوڪريون ورهائي؟ ته وڃو، ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس مان بلينڪ اپائنٽمينٽ ليٽر (مقرري جو ڪورو ليٽر) حاصل ڪريو، آئون  فلاڻي تعلقي جو سيڪريٽري آهيان، مون کي 10 نوڪريون ڏيو، آئون وري صدر آهيان، مون کي 15 نوڪريون ڏيو، عدالت چيو ته جيڪڏهن معاشري کي سڌارڻو آهي ته هر ڪنهن کي پنهنجو حصو ڏيڻو پوندو، باقي جيڪڏهن اهو سوچي ورتو آھي ته اسان جا ٻار پرڏيهه ۾ پڙهندا ۽ اتي ئي رهندا ته پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي، عدالت وڌيڪ چيو ته توهان پنهنجو ملڪ ڇڏڻ نٿا چاهيو ته پوءِ ميرٽ کي اختيار ڪريو، اهو ئي سوشل جسٽس جو بنياد آهي، جسٽس ظفر راجپوت ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان سمجھو ٿا ته ڪمرن ۾ ويٺل هجڻ ڪري اسان کي ڪا به خبر ناهي، اسان کي نوڪريون ورهائيندڙن نالا ۽ نوڪرين جا تفصيل خطن ذريعي ملندا آهن،  عدالت چيو ته تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس پاس ڪندڙن کي ڏهن سالن کان نوڪريون نه مليون آهن، ان موقعي تي سرڪاري وڪيل چيو ته عدالت پاران سرڪاري نوڪريون ڏيڻ لاءِ جوڙيل ايس او پيز موجب ڪارروائي جي اجازت ڏني وڃي، عدالت چيو ته سنڌ ۾نئين حڪومت ٺهي وئي آهي، نوڪريون شفاف طريقي سان ڏنيون وڃن ته ڪو اعتراض ناهي، عدالت سنڌ حڪومت لاڳاپيل ڌرين کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته عدالت متحده جي درخواست تي آگسٽ 2023 ۾ سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين تي پابندي جو حڪم جاري ڪيو هو.