ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ غريب ۽ مستحق ماڻهن ۾ زڪوات ۽ گذارا الائونس جي تقسيم تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي اوپن پن ڪوڊ سان گذارا الائونس جي تقسيم وري روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت چيو ته اوپن پين ڪوڊ سان گذارا الائونس جي تقسيم قانون جي خلاف آهي، عدالت گذارا الائونس جي تقسيم ڪراس چيڪ جي صورت ۾ ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته گذارا الائونس جي تقسيم ڪنهن صورت ۾ به ڪرڻ به گهرجي ۽ اوپن پن ڪوڊ سان ڪارڊ جاري ڪرڻ ذريعي ڪو به رقم جو استعمال ڪري سگهي ٿو. ڪالهه جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ سنگل بئنچ غريب ۽ مستحق ماڻهن ۾ زڪوات ۽ گذارا الائونس جي تقسيم بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران سيڪريٽري زڪوات اختر بگٽيءَ 2 سالن جي زڪوات ۽ گذارا الاونس جا تفصيل پيش ڪيا، سيڪريٽري زڪوات عدالت کي ٻڌايو ته مستحقن کي گذارا الائونس سنڌ بينڪ مان ڪارڊ ذريعي ڏنو ويندو آهي، سال 2018ع ۾ 51 هزار مستحقن ۾ زڪوات تقسيم ڪئي وئي جڏهن ته سال 2020ع ۾ هڪ لک 88 هزار مستحقن ۾ زڪوات تقسيم ڪئي وئي. سنڌ بينڪ جي اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته گذارا الائونس جا اي ٽي ايم ڪارڊ ضلعي ڪائونسل جي حوالي ڪيا ويندا آهن، اي ٽي ايم ڪارڊ اوپن پن ڪوڊ سان ضلعي ڪائونسل جي حوالي ڪيا ويندا آهن. عدالت اوپن پن ڪوڊ تي ڪارڊ ڏيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گذارا الائونس جي تقسيم اوپن ڪوڊ ذريعي فوري روڪڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نادرا ۽ سنڌ بينڪ گذارا الائونس بائيوميٽرڪ تصديق سان ڏيڻ جو معاهدو ٿي چڪو آهي، ڪورونا وبا سبب معاهدي تي عملدرآمد ۾ دير ٿي رهي آهي جنهن تي عدالت حڪم ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت معاهدي موجب بائيو ميٽرڪ سسٽم فعال ڪرڻ لاءِ فوري طور تي 50 لک رپيا نادرا کي جاري ڪري جنهن بعد عدلات درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.