سنڌ سوڌو سڄي دنيا ۾ پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

0
263

ڪراچي (نمائندن وٽان) پورهيت جي عظمت کي سلام، سنڌ سوڌو سڄي دنيا ۾ پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، سکر، خيرپور، سانگهڙ، نوشهروفيروز، ٺل، ميرو خان ۽ ٻين شهرن ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ريليز ڪڍڻ جو سلسلو جاري، ريليز ۾ شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش، پورهيتن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي ناقص پاليسيز سبب ڪورونا جي وبا ۾ پورهيت طبقو وڌيڪ پيڙهجي ويو آهي، پورهيت روزانو مالي ۽ سماجي مسئلن سوڌو ڪيترين ئي پريشانين کي منهن ڏيندا آهن، سنڌ ۾ اڄ به لکين پورهيت پنهنجي بُنيادي حقن کان محروم بڻيل آھن.