جهول ڀرسان ٻن طلاقيل ڀينرن کي اڳوڻن مڙسن طرفان مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

0
219

جھول (ن پ ا) جهول ڀرسان ٻن طلاقيل ڀينرن کي اڳوڻن مڙسن طرفان مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، نارين جِي امڙ جِي فرياد تي 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، شريمتي ڌرمي ڪولهي جو چوڻ آهي ته سندس ڌيئرن لڪشمي ۽ جِمي ڪولهي جي ٻانڌي واسين سان شادي ٿي هئي، مڙسن کان طلاق ملڻ بعد ٻن مهينن کان ڌيئرون اسان وٽ رهن ٿيون، طلاق ڏيڻ باوجود جوابدارن ڌيئرن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، رڙيون ڪرڻ تي جوابدار فرار ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، نامزد جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.