سنڌ حڪومت پاران مزدورن جي گهٽ ۾ گھٽ اجرت 25 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري!

0
569

ڪراچي: سنڌ حڪومت مزدورن جي گهٽ ۾ گھٽ اجرت 25 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. فيڪٽرين، گھريلو ملازمن ۽ ٻين هنڌن تي مزدورن کي 961 رپيا ڏهاڙي جي حساب سان اجورو ملندو. في ڪلاڪ 120 رپيا گھٽ ۾ گھٽ اجورو مقرر ڪيو ويو، عورتن کي به گھٽ ۾ گھٽ اجورو ساڳيو ملندو. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ گھٽ ۾ گھٽ اجورو 25 هزار مقرر ڪرڻ بابت ليبر کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.