سنڌ جي ڌيئرن کي ماري آپگهات جو رنگ ڏنو ويندو آهي: پروين رند

0
228
سنڌ جي ڌيئرن کي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نوابشاهه ميڊيڪل يونيورسٽي ۾مبينا هراسمينٽ ۽ تشدد جو شڪار شاگردياڻي پروين رند پيرين اگهاڙي سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي وئي، جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان سڄي سنڌ جي ماڻهن جي ٿورائتي آهيان جن منهنجو ساٿ ڏنو

هن چيو ته مان شهيد بينظير يونيورسٽي ۾ پنهنجي روم ۾ موجود هيس ته 3 عورتون منهنجي روم ۾ داخل ٿيون ۽ مون تي تشدد ڪري گهليو

هن چيو ته مان ڊاڪٽر عذرا سان ملاقات دوران کيس چيس ته مون کي مارڪٽ ڪن ٿا، انتظاميه سان شڪايت ڪئي پر ڪير به ايڪشن نه ورتو ويو

هن چيو ته هاسٽل ۾ شاگردياڻيون خودڪشيون نٿيون ڪن، انهن کي پکي ۾ لٽڪايو ويندو آهي، هي ماڻهو گڏجي انهن شاگردياڻين کي ماريندا آهن

پروين رند چيو ته اسان جا والدين اسان کي خرچي ڏيندا آهن، پر هي ماڻهو اسان کا رشوت وٺندا آهن، سنڌ جي ڌيئرن کي ماري آپگهات جو رنگ ڏنو ويندو آهي

هن وڌيڪ چيو ته ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ راجپوت کي اڃا تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو، هن کي بااثرن جي سپورٽ حاصل آهي

ھي به پڙھندا

نواب شاهه: شاگردياڻي پروين رند مامرو، ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ راجپوت فرار