وري 18هين ترميم ۽ ڪالابا غ ڊيم جو ذڪر

0
170
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

مضبوط مرڪز ۽ اختيارن جو  هڪ هنڌ هئڻ واري سوچ ئي هن ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو،عوام جي فيصلي کي اهميت نه ڏيڻ ۽ نه مڃڻ واري سوچ سبب ئي اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي  ويو. سنڌ بلوچستان ۽ ڪي پي جون سياسي قوتون  سدائين صوبائي حقن لاءِ جدوجهد ڪنديون رهيون جنهن جدوجهد جي نتيجي ۾ 18هين آئيني ترميم اتفاق راءِ سان آندي وئي جنهن ذريعي ڪنهن حد تائين انهن صوبن کي اختيار مليا ۽ اهي مالي توڙي انتظامي اختيارن ۾ پاڻ ڀرا ٿيا ۽ انهن جا وسيلا انهن صوبن تي ئي ٿورا گهڻا خرچ ٿيڻ لڳا ته وفاق به مضبوط ٿيڻ لڳو.  پر پوءِ به مضبوط مرڪز واري سوچ جون حامي قوتون پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ڪو به سبق سکڻ لاءِ تيار نه آهن جنهن ڪري ويٺي ويٺي اهڙيون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون جنهن سان وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ بدگمانيون يا عدم اعتماد جي فضا پيدا ٿئي ٿي.ڪڏهن انهي 18هين آئيني ترميم کي سڀني مسئلن جو ذميوار قرار ڏنو ٿو وڃي ته ڪڏهن وفاق وٽ ڪجهه نه هئڻ جون شڪايتون ڪري انهي ترميم کي ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون يا وري ڪڏهن ڪالاباغ جهڙي تڪراري ڊيم جو اشو اٿاري انهي کي ملڪ جي قسمت جو آخري سهارو سمجهي ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون.هاڻي به وزيراعظم عمران خان انهن ٻنهي معاملن تي لب ڪشائي ڪئي آهي.هڪ طرف 18هين ترميم کي سڀني مسئلن جو ذميوار ڪوٺيو آهي ته ٻئي طرف ملڪي ترقي لاءِ ڪالاباغ ڊيم کي اهم ۽ ضروري قرار ڏئي وري سنڌ کي ان تي قائل ڪرڻ جي ڪوششن جون ڳالهيون ڪيون ٿيون وڃن.

اهو ڪو پهريون دفعو ناهي جو ڪنهن حڪمران پنهنجي ويندڙ اقتدار کي بچائڻ جي ڪوشش لاءِ ڪالاباغ ڊيم جو  شوشو ڇڏيو هجي .هر حڪمران ڀلي اهو کڻي آمر هجي يا ووٽن سان چونڊجي آيل، انهي کي جڏهن محسوس ٿيندو آهي ته سندس اقتدار جا پڇاڙڪا ڏينهن آهن تڏهن اهو ڪالاباغ ڊيم جي مئل گهوڙي کي ٻاهر ڪڍي ايندو آهي ۽ اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته انهي کانسواءِ ملڪ اڳتي نه وڌي سگهندو. توڙي جو هو سمجهندو به آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جون ڳالهيون وفاق ۽ صوبن خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ بدگمانيون پيدا ٿينديون، پر هو هڪ صوبي کي راضي رکڻ ۽ پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ اهڙي خطرناڪ راند کيڏڻ کان به نه مڙندو آهي. جنرل ضياءَ،مشرف توڙي نواز شريف تائين اهو هٿيار استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر عوام جي ردعمل سبب کين انهي واٽ کي ڇڏڻو پيو. هاڻي وري جڏهن عمران خان سياسي طور سوڙهو ٿيو آهي ۽ عوام جي اڳيان سندس حڪمراني جي ڪارڪردگي ڪاڳڻائڻ جهڙي ناهي ته انهي کي لڪائڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم وارو اشو کڻي آيو آهي جيڪو ڪنهن به ريت مناسب رويو ناهي.ڇاڪاڻ ته انهي ڪالاباغ ڊيم خلاف نه رڳو ٽن صوبن جون اسيمبليون قرارداد پاس ڪري چڪيون آهن پر اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي حڪومت ۾ قومي اسيمبلي ۾ انهي منصوبي کي سدائين لاءِ دفن ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.هن وقت به سنڌ، ڪي پي ۽ بلوچستان ايستائين جو پنجاب جون جمهوري قوتون به انهي منصوبي جي حق ۾ ناهن ته پوءِ وزيراعظم ڇو اهڙي تڪراري منصوبي کي ٻيهر بحث هيٺ آندو آهي .سنڌ ته پهرين ڏينهن کان اسيمبلي کان وٺي روڊن رستن تي  اهو فيصلو ٻڌائي چڪي آهي ته ڪالاباغ ڊيم ڪنهن به قيمت تي قبول ناهي ته پوءِ وزيراعظم انهي سنڌ کي  قائل ڪرڻ جي ڪوشش جون ڳالهيون  ڪيئن ٿو ڪري سگهي.؟

اسان سمجهون ٿا ته هن ملڪ جي ترقي جو راز صوبن جي خودمختياري ۽ انهن جي مرضي سان فيصلا ڪرڻ ۾ ئي آهي جيڪڏهن صوبا وڌيڪ مضبوط هوندا ته اهي وفاق کي به مضبوط ڪندا پر جيڪڏهن وفاق خلاف صوبن ۾ بدگمانيون هونديون ته وفاق مضبوط ڪيئن ٿو ٿي سگهي.؟ وزيراعظم اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ اختيار هيٺئين سطح تي منتقل ڪرڻ جو وڏو وڪيل هوندو هو اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ هو سڀئي اختيار هڪ هنڌ رکڻ جي ڳالهه ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ جيڪا سندس جدوجهد جي ئي نفي آهي.تنهن ڪري سياسي مقصدن لاءِ 18هين ترميم ۽ ڪالاباغ ڊيم جهڙن معاملن سان هٿ چراند نه ڪرڻ کپي،ڇاڪاڻ ته اختيار هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ يا مضبوط مرڪز جي سوچ  سان نه پر صوبن جي خودمختياري سان ئي وفاق مضبوط ٿيندو.