سنڌ جي نياڻين کي تحفظ ڪير ڏيندو؟

0
209
حڪمران ڌرين جا لانگ مارچ وڃايل ساک بچائڻ جي ڪُوشش

 دنيا ڀلي ته وحشي ۽ جاهلاڻي سماج کان ترقي ڪري اچي سائنس، ٽيڪنالاجي، انٽرنيٽ ۽ ايٽمي دور ۾ داخل ٿي هجي، پر، اسان جو سنڌي سماج اڃا تائين زرعي ۽ جاگيرداراڻي سماج مان اڳتي نڪري ناهي سگھيو. سنڌ جو وڏيرڪو ۽ جاگيردار طبقو صدين کان وٺي لڳاتار پاور ۽ اقتدار ۾ رهڻ جي ڪري سياسي، سماجي ۽ معاشي طور تي تمام گھڻو منظم ۽ طاقتور بڻجي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هاڻي حڪومت ۽ طاقت ۾ رهڻ سندن تمام وڏي مجبوري ۽ ڪمزري بڻجي وئي آهي. جھڙي طرح مڇيءَ جي زندھه رهڻ لاءِ پاڻيءَ جو هجڻ ضروري آهي، اهڙي طرح ڀوتارڪي طبقي جي صحت، سلامتي ۽ زندگيءَ جو مدار به اقتدار تي منحصر آهي. ميرن ۽ ڀوتارن جي حڪمراني ان وقت تائين قائم رهڻي آهي جيتري تائين سنڌ جو عوام جھالت مان نڪري مڪمل طور تي سياسي شعور سان هٿيار بند نٿو ٿي. عوام کي اُن اڻڄاڻائي، غفلت ۽ جَھالت مان ٻاهر ڪڍي شان ۽ مان سان باوقار زندگي گذارڻ واري راھه تي وٺي اچڻ لاءِ سڄاڳي ۽ شعور ڏيڻ لاءِ معياري تعليم جو هجڻ لازمي آهي.

جيئن ته عوام کي معياري تعليم ڏيارڻ جا بندوبست ڪرڻ حڪومتن جي بنيادي ذميوارين ۾ شمار ٿي ٿو. پر اسان جي وڏي بدقسمتي اِها آهي جو، اسان جي سموري حڪومتي نظام توڙي تعليمي سرشتي تي دقيانوسي سوچ جو مالڪ جاگيردار طبقو ۽ ان جو خوشامدي ڪرپٽ بيوروڪريٽ مڪمل طور تي حاوي آهي. حڪمران جاگيردار طبقو عوام جي سادگي، اڻڄاڻائي ۽ سياسي شعور جي کوٽ مان ڀرپور فائدو وٺندي صدين کان مٿن حڪمراني ڪري رهيو آهي. جاگيردار طبقي جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته جيترو ٿي سگھي سنڌي ماڻهن کي تعليم جھڙي شعوري هٿيار کان پري رکجي، ڇو ته ان ۾ سندن طبقي جا مفاد ۽ سياسي بقا آهي. جيڪڏهن سنڌ جي هر ڳوٺ توڙي جھرجھنگ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن کي بنا ڪنهن فرق جي گھر ويٺي مفت ۾ معياري تعليم مهيا ڪئي وڃي ته عام ماڻهن جي سوچ، سمجهھ، عقل ۽ فهم ۾ اضافو ٿيندو. سياسي شعور ۾ وڏي پئماني تي پختگي ايندي. ماڻهو وڏيرن ۽ ڀوتارن جا ڳيجھو ۽ محتاج ٿيڻ ۽ پيرين پوڻ بجاءِ پنهنجن حقن جي حاصلات ۽ وسيلن تي مالڪيءَ جي گھُر ڪرڻ لڳندا.

هاڻي، اهڙي صورتحال ۾ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جاگيردار طبقو سنڌ جي عوام لاءِ تعليم عام ڪري يا تعليمي ادارن ۾ جديد طريقن ۽ ضرورتن مطابق سهولتون فراهم ڪندو. ڀوتارڪو نظام ڪڏهن به نه چاهيندو ته سنڌ جي تعليمي ادارن اندر پرامن ۽ آزاد ماحول ۾ نصابي توڙي غيرنصابي صحتممند سرگرمين ذريعي شاگردن جي ذهني توڙي جسماني نشونما ٿئي. تعليمي سسٽم تي حاوي بڻيل وڏيرڪو طبقو اهو ڪيئن ٿيڻ ڏيندو ته نوجوان پنهنجي علم، عقل ۽ شعور جي ٻرندڙ ڏياٽي ذريعي سندس اقتداري ڪاڪ محل ۾ چنگاري لڳائي سڀ ڪجهھ ساڙي ڀسم ڪري ڇڏين. ڀوتارڪي ڪلچر جي واڌ ويجھه، ترقي يا زندگيءَ جو مدار انهيءَ ڳالهھ تي رکيل آهي ته سنڌ جو عوام اڻپڙهيل، جاهل، بي سمجھه، سياسي شعور کان وانجھل، غافل ۽ ڄٽ هجي ته جيئن هو پنهنجي اقتدار ۽ پاور کي سدائين لاءِ قائم رکي سگھي.

اهو ئي سبب آهي جو هن وقت سنڌ جي ٻهراڙين مان پرائمري تعليم مڪمل طور تي ختم ٿيڻ واري پوزيشن تي پهچي چڪي آهي. مڊل اسڪولن کان وٺي هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن تائين تعليمي ادارن ۾ سهولتن جي اڻاٺ، سياسي مداخلت، فنڊن ۾ گھوٻين سميت استادن جي غيرحاضري، ناموافق ماحول ۽ ناڪاره تعليمي نظام جي ڪري شاگردن جي پڙهائيءَ مان دلچسپي گھٽجڻ ۽ حاضري متاثر ٿيڻ جي ڪري پڻ تعليم کي ڪاپاري نقصان رسي رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين وغيره ۾ استادن جي پيغمبراڻي پيشي ۾ ويٺل  ڪجهه جنسي بگھڙن جي غيراخلاقي، غيرانساني ۽ ناروا سلوڪ جي ڪري نياڻين لاءِ اعليٰ تعليم پرائڻ تمام ڏکيو بڻجي ويو آهي. هڪ ته شعور جي ڪمِيءَ جي ڪري سنڌي ماڻهو پنهنجين نياڻين کي تعليم جي حصول واسطي گھر کان ٻاهر موڪلڻ تي رضامند ناهن ٿيندا. ٻيو وري جيڪڏهن ڪجھه والدين همٿ ڪري پنهنجن ٻارن کي اجازت ڏيندا به آهن ته وري تعليمي ادارن اندر ويٺل اهڙا استاد انهن  لاءِ ڏکيايون پيدا ڪندا آهن.

تعليمي ادارن ۾ مرد استادن طرفان گريڊ توڙي مارڪن جي لاءِ شاگردياڻين کي بليڪ ميل ڪرڻ يا جنسي حراسمينٽ ڪرڻ هڪ کليل حقيقت آهي. جيئن ته استاد هر معاشري ۾ عزت ۽ احترام جي نگاھه سان ڏٺو ويندو آهي. اسلامي معاشري ۾ ته استاد کي پيغمبري پيشي سان ڀِيٽيو ويندو آهي. استاد جو ته مقصد معاشري کي علم، هنر، شعور ۽ آگاهي ڏيڻ هوندو آهي. پر جڏهن اهي ئي استاد غيراخلاقي ۽ انسانيت سوز واقعن ۾ ملوث هجن ته پوءِ معاشري کي تباهيءَ کان ڪير به بچائي نٿو سگھي. پر، افسوس جو هتان جي تعليمي ادارن اندر هر آئي ڏينهن نياڻين کي جنسي حراسمينٽ ڪرڻ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن. ڪيتريون ئي نياڻيون پنهنجي توڙي والدين جي عزت جو خيال رکندي يا تعليم متاثر ٿيڻ جي خوف کان “مِٺِي به ماٺِ ته مُٺِي به ماٺ”واري چوڻيءَ مطابق زهر جو ڍُڪ ڀري خاموشيءَ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجھي ويهي رهن ٿيون. جيڪڏهن ڪا نياڻي ٿورڙي به همٿ ڪري پاڻ سان ٿيندڙ انياءَ خلاف آواز اٿارڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته کين هاسٽل جي ڪمري ۾ قتل ڪري سندس لاش  پکي ۾ لٽڪائي قتل کي خودڪشيءَ جو نالو ڏيڻ سان گڏ نياڻيءَ جي ڪردار ڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.

سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماروي هاسٽل مان قمبر جي نياڻي نائلا رند کان وٺي چانڊڪا جي نمرتا ڪماري ۽ نوشين ڪاظميءَ تائين جي قتل کي خودڪشيءَ جو نالو ڏئي ساڻن ٿيل زيادتين توڙي ناحق خونن کي لوڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت جوابدار گرفتار ڪرڻ بجاءِ کين مسلسل تحفظ فراهم ڪندي رهي ٿي. حڪومت جي لاپرواهي ۽ غفلت جو ئي نتيجو آهي جو وري ان ئي اداري جي شاگردياڻي نوشين ڪاظميءَ سان به ساڳي ئي طريقي جي واردات ڪري کين قتل ڪيو ويو. جيڪڏهن يونيورسٽيءَ جي انتظاميه يا سنڌ حڪومت ڊاڪٽر نمرتا سان ٿيل زيادتي ۽ سندس خون سان انصاف ڪري ها ته نوشين ڪاظمي اهڙي بيدرديءَ سان قتل نه ٿئي ها ۽ نه ئي وري هينئر نوابشاھ ۾ پروين رند کي جنسي حراسان ڪري کين قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ها. پر افسوس جو سنڌ حڪومت توڙي ان جا سمورا ادارا ۽ عورتن جي آزادي ۽ سندن حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ عورت تنظيمون، انساني حقن جون تنظيمون ۽ سول سوسائٽي خاموش تماشائي بنيل آهن.

هن وقت سنڌ حڪومت مان نياڻين جي تحفظ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر ٿيندو. تنهن ڪري ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته حڪومت تي ڀاڙڻ بجاءِ سنڌ جي سمورين قومپرست تنظيمن، عورتن جي آزاديءَ جي نالي تي جدوجهد ڪندڙ عورت تنظيمن، انساني حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ تنظيمن ۽ سول سوسائٽي کي کپي ته سنڌ جي تعليمي ادارن اندر نياڻين سان مسلسل ٿيندڙ اهڙن سانحن کي روڪڻ لاءِ ڪا مثبت، پائيدار ۽ ڊگھي مُدي واري پاليسي جوڙي ڀرپور آواز اٿارين. اهڙي حڪمت عملي ذريعي ئي اسان تعليمي ادارن اندر پلجندڙ وحشي بگھڙن کان پنهنجين نياڻن کي بچائي سگھون ٿا.