سنڌ جي نئين سر بحالي لاءِ نڪتا آهيون: زين شاهه

0
322

ڊجيٽل آدمشماري سميت سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن خلاف ايس يو پي جي پيادل مارچ جو سفر جاري آهي، مختلف شهرن کان ٿيندو پيادل مارچ ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻي کانپوءِ باقراڻي پهتو، ايس يو پي جي مارچ جي مختلف سياسي سماجي پارٽين پاران گلن جي ورکا سان آجيان ڪئي پئي وڃي

لاڙڪاڻي، باقراڻي ڏوڪري ۽ ٻين هنڌن تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد زين شاهه چيو ته ٻوڏ ۾ بي گهر ٿيل ڪروڙين سنڌين جي بحالي لاءِ نڪتا آهيون، سنڌ کي مهانگائي، بيروزگاري ۽ بدامني جي ڄار ۾ ڦاسايو ويو آهي

ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ واسين کي اپيل آهي ته ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ امڙ سان محبت جو اظهار ڪن، حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب سنڌ تباهه ٿي وئي آهي

ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته  ماڻهو بک مري رهيا آهن، ايتري مهانگائي ڪئي وئي آهي ته هاڻ ماڻهو خودڪشيون ڪن پيا

هن جو چوڻ هو ته مهانگائي ،بيروزگاري،بدامني، حڪمرانن  جي ڪيل ڪرپشن، معاشي بدحالي جي  خاتمي لاءِ نڪتا آهيون، ڌارين جي آبادڪاري خلاف ۽  سنڌ جي نئين سر بحالي لاءِ پيادل مارچ  شروع ڪيو آهي

هي به پڙهندا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مهانگائي خلاف ماڻهو رستن تي نڪري آيا