سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مهانگائي خلاف ماڻهو رستن تي نڪري آيا

0
194

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مهانگائي خلاف ماڻهو رستن تي نڪري آيا، ڪشمور، مٽياري، دوداپور، ڪوٽڙي،  نوان جتوئي ۽ ڊکڻ ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي

 قمبر، ڪوٽ غلام محمد، ٽنڊو رحيم ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا ڪيا پيا وڃن، مڇريل ماڻهن پاران ٽائرن کي باهيون ڏئي حڪمرانن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته حڪومت غريب ماڻهوءَ جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ٻچا بکن ۾ پاهه ٿي رهيا آهن، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن

جڏهن ته ڪوٽڙي ۾ شهرين طرفان مهانگائي خلاف وات ۾ گاهه وجهي احتجاج ڪيو ويو

مظاهرين چيو ته حڪمرانن رليف ڏيڻ بدران وات جو گرهه به کسي ورتو آهي، مظاهري دوران مقامي فنڪار پنهل چانڊيو مهانگائي بابت پنهنجو تيار ڪيل نئون گيت به پيش ڪيو

هي به پڙهندا

پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف عوام سراپا احتجاج