سنڌ جو ڪوبه والي وارث ناهي، روڊ رستا، اسپتالون ۽ اسڪولز تباهه آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

0
243
سنڌ هاءِ ڪورٽ 9 قومي تڪن

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر روڊ حادثن بابت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڄامشورو روڊ تي حادثي ۾ 15 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا،اُن جو ذميوار ڪير آهي؟ سندن موت جو ذميوار اين ايڇ اي چيئرمين يا سيڪريٽري ڪميونيڪيشن کي قرار ڏنو وڃي؟

جسٽس امجد علي سهتو چيو ته ڄامشورو- سيوهڻ روڊ ڇو مڪمل نٿو ٿئي، اڃا گهڻا ماڻهو مرڻ جو انتظار ڪندئو؟ ماڻهو مري رهيا آهن، پر توهان جي ڪن تي جونءِ به نٿي سُري، ڇا ماڻهن جي لاشن تي روڊ ٺاهيندئو؟

جسٽس امجد علي سهتو چيو ته ماڻهن جي بيوقوفي آهي جو اين ايڇ اي تي قتل ڪيس داخل نٿا ڪرائين، اهي حادثا نه، پر قتل جا واقعا آهن، توهان ڏوهه ڪري رهيا آهيو، 90 ڪلوميٽر روڊ 4 سالن کان مڪمل ناهي ٿيو

سنڌ جو ڪوبه والي وارث ناهي، روڊ رستا، اسپتالون ۽ اسڪولز تباهه آهن، جسٽس امجد علي سهتو جي ريمارڪس تي عدالتي ڪمري ۾ ڏکارو ماحول ٿي ويو