سنڌ جو پنهنجو پکي جهرڪي، جنهن جو ذڪر قصن، ڪهاڻين، ۽ شاعري ۾ به ڪيو ويو آهي

0
58
سنڌ جو پنهنجو پکي جهرڪي، جنهن جو ذڪر قصن، ڪهاڻين، ۽ شاعري ۾ به ڪيو ويو آهي

ڪالھ  کان   ٿو   ٻُڌان   سَازُ   آوازُ  ڪو!

آ  خُدا  جو  لِڪَلُ  مون  ۾  ئي رَازُ  ڪو!

جا به جِهرڪي اُڏَي  ٿي ازلَ  کان  پرين!

موتُ   وِيندو  جَهَٽَي  نيٺ  شهبازُ  ڪو!………….

                         سنڌ ۾ جنھن پکيءَ سان اسان جو گهڻي کان گهڻو واسطو پوي ٿو سا آھي جِهر ڪِي. ان جو سبب اھو آھي تہ جهرڪي نہ رڳو ڳاڻيٽي ۾ گهڻي آھي پر ماڻهن سان اُنسيت ھجڻ ناتي اھا انساني وسندين کان پري رھڻ پسند نہ ڪندي آھي. شھر ھجن يا ٻهراڙيون پر جهرڪي ھر ھنڌ نظر ايندي آھي. ويندي گهرن جي اندر بہ کاڌي جي ڳولها يا آکيري لاءِ ڪنھن مناسب ھنڌ جي لُونجھ تي پئي چڪر لڳائيندي آھي. جهرڪي جا نرماد ھڪٻئي کان بلڪل مٽيل ھوندا آھن انڪري ننڍو ٻار بہ آسانيءَ سان سڃاڻي ويندو تہ جهرڪي ڪهڙي ۽ جهرڪ ڪهڙو آھي!

                         سنڌ ۾ ڪُل پنجن قسمن جون جهرڪيون ملن ٿيون جن مان ٻہ مقامي ۽ 3 لاڏائو آھن. جهرڪي جنھن کي عام طور گهريلو جهرڪي بہ سڏجي سا سنڌ ۾ سڀ کان گهڻي انگ ۾ ملندڙ مقامي جهرڪي آھي. جهرڪي کي انگريزيءَ ۾ House Sparrow، اردوءَ ۾ چڙيا ۽ سائنسي زبان ۾ Passer domesticus سڏيو ويندو آھي. سندس واسطو جهرڪين جي خاندان (Passeridae Family) سان آھي.

جهرڪي جي ڊيگھ 14 کان 16 سينٽي ميٽر، پرن جي پکيڙ 19 کان 25 سينٽي ميٽر، وزن 25 کان 32 گرام ۽ ڄمار اٽڪل 13 سال ھوندي آھي. جهرڪ جا مٿيان حصا اخروٽي جن تي ڪاريون پٽيون، مٿي جو وچون حصو سُرمائي ۽ پاسا ناسي، چھنب جو ھيٺيون حصو ۽ سيني جو مٿيون حصو ڪارو، ڳل ھيڊاڻ گاڏڙ اڇا، اکيون تيز ناسي، پرن جي مٿين حصن تي اڇي پٽي، اڏام وارا کنڀ ناسي ۽ سندن چوٽيون ڪارسريون ناسي، پڇ تيز ناسي، چھنب ڪاري ۽ ٽنگون هلڪيون گلابي ٿينديون آھن. سياري وارن ڏھاڙن ۾ جهرڪ جا رنگ ڌنڌلا ٿي پوندا آھن. مادي مجموعي طور ھلڪي ناسي ۽ ڪارن ٽبڪن سان ٿيندي آھي. جڏهن تہ ھيٺيان حصا سرمائي ھوندا اٿس. جهرڪي جا ٻچٽ بہ مادين جيان لڳندا آھن.

جهرڪي قطبن کانسواءِ لڳ ڀڳ سموري دنيا ۾ ملندي آھي. ھونئن ھن جو اصل وطن يوريشيا (يورپ ۽ ايشيا) ۽ اتر آفريڪا آھي پر کيس ڏکڻ آفريڪا، اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ بہ متعارف ڪرايو ويو آھي. 1851ع ۾ 100 جهرڪيون اتر آمريڪا جي بروڪلين واري علائقي ۾ ڇڏيون ويون، جيڪي تمام وڏي انگ ۾ وڌي ۽ ويجهي چڪيون آھن.جهرڪي گهاٽن ٻيلن، گاھن ۽ سخت گرم بيابانن کانسواءِ ھرھنڌ ملندي آھي.جهرڪي ھڪٻئي سان گڏجي سڏجي رھڻ وارو پکي آھي. اھو ئي سبب آھي تہ اھا سدائين وڏي ٽولي جي صورت ۾ نظر ايندي آھي. اڪيلي جهرڪي ورلي ئي ڏسبي آھي. چوڳو بہ وڏن وڏن ٽولن جي صورت ۾ ڪندي آھي ۽ ٻچن واري مند ۾ بہ ھڪٻئي جو ساٿ نہ ڇڏيندي آھي. رات جو وڻن، ڊگهن گاھن ۽ ٻوڙن ۾ واھيرو بہ ٽولن جي صورت ۾ ڪندي آھي. سج لٿي کان اڳ پنھنجي واھيري واري ھنڌ پهچي ويندي آھي ۽ سج اڀرڻ کان اڳ ئي چرڙاٽ ڪندي متحرڪ ٿي ويندي آھي. اڪثر زمين تان کاڌي جي ڳولها ۾ ٺينگ ٽپا ۽ ڀڙڪا ڏيندي رھندي آھي.جهرڪي جي اڏام سڌي ۽ تيز ٿيندي آھي ۽ اھا ضرورت آھر پنھنجي رفتار گهٽائيندي يا وڌائيندي آھي.جهرڪي جو بنيادي کاڌو تہ مختلف قسمن جا ٻج آھن پر اھا جيت ۽ ڪينئان بہ کائيندي آھي. گهڻي ڀاڱي زمين تان چوڳو ڪندي آھي پر اڏامندي بہ جيت جڻيا جهٽي وٺندي آھي.

جهرڪي پنھنجي نسلي واڌ ڪالونين ۾ ڪندي آھي. آکيرو وڻن جي ٽارين، پورن ۽ سوراخن ۽ عمارتن جي جارن، ڏارن ۽ ڇتين جي سوراخن ۾ ٺاھيندي آھي. بي ترتيب آکيرو سڪل گاھ، کنڀن، پنن، تاندورن ۽ پني جي ٽڪرن مان تيار ڪندي آھي. جهرڪي عام طور سال ۾ 3 تُور ڏيندي آھي پر ڪڏهن ڪڏهن 4 تور بہ پيدا ڪندي آھي.جهرڪي ھڪ تور ۾ 3 کان 4 آنا لاھيندي آھي. سرمائي گاڏڙ اڇن آنن تي سرمائي ۽ گلابي چٽڪا ھوندا آھن. آري جي شروعات آخري آني کان ٿيندي آھي. آرو گهڻي ڀاڱي مادي ڪندي آھي. نر رڳو مادي کي چوڳي وقت ڪجھ منٽن جي ساھي ڏيندو آھي. 10 کان 14 ڏينھن جي آري کانپوءِ ٻچا ڦٽندا آھن. نون ڦٽل ٻچن جون اکيون بہ بند ھونديون آھن تہ اھي کنڀن کان بہ محروم ھوندا آھن. ٻن ھفتن کانپوءِ ٻچا آکيرو ڇڏيندا آھن ۽ 26 کان 28 ڏينھن ۾ آزاد ٿي ھليا ويندا آھن.

جهرڪين کي سڀ کان گهڻو خطرو شڪاري پکين، ٻلين ۽ ڪتن کان ھوندو آھي. دنيا ۾ جهرڪين جي آبادي تہ تمام گهڻي آھي پر پوءِ بہ ڪجھ علائقن ۾ سندن آباديءَ ۾ لاٿ محسوس ڪئي وئي آھي.پر اڄ ڪلھ  ماحولي تبديلين ڪري هي سنڌ مان هي پکي اڻلڀ ٿيندو پيو وڃي ان جي ڪجھ مکيه سببن مان زرعي پيداواري علائقن م فصل تي ڇٽڪاريل جيت مار ڦوهاري جو پڻ آهي جتي اهو پکي ان فصل مان جيئن ئي کائي ٿو يا ان زمين مان پاڻي پيئي ٿو ته اهو مري وڃي ٿو، سنڌ ۾ اڪثر پيسٽي سائيڊ دوائون جن ۾ ڪجھ تي بندش به آهي ان هوندي به اهي زرعي دوائون بندش باوجود به هلندڙ آهن جيڪي نه صرف پکين، جانورن پر انسانن لاء هاڃيڪار آهن سي به سنڌ جي شهرن ۾ بغير روڪ ٽوڪ جي هلندڙ آهن، ٻئي نمبر تي سنڌ جي ٻيلن تي ناجائز  قبضا ٿي چڪا آهن ۽ هاڻ انهن کي زرعي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، وڻن جي ڪٽائي جي ڪري به هن پکي جو نسل تيزي سان ختم ٿي رهيو آهي باقي رهيو پکين جي بقا ۽ ٻچا وارو وائلڊ لائف کاتو سو اڳئي سنڌ جي سردارن ۽ وڏيرن جو کاتو بڻيل آهي جتي تتر کان وٺي هرڻ ۽ ڦاڙهي تائين هٿ سان شڪار ڪرايو ويندو آهي جيڪڏهن سنڌ جو وائلڊ لائيف کاتو ۽ سنڌ جا ساڃاھ وند سجاڳ نه ٿيا ته هن پکي جو به حشر سنڌ ۾ ائين ٿيندو جيئن سنڌ جي سائي طوطي جو ٿيو ۽ پوء فجر مهل جهرڪي جي چوڻ چوڻ ٻڌڻ کان به ڪن اوجهل هوندا. (مسوڀرڳڙي کان گل محمد وگهيو جو واٽس ايپ ميسيج)