ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم عمران خان کي خط لکي وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي. پنهنجي خط ۾ وڏي وزير چيو آهي ته ايندڙ وفاقي بجيٽ لاءِ رٿيل وفاقي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ سنڌ جون نالي ماتر اسڪيمون رکيون ويون آهن، جن جي سڀاڻي سومر ڏينهن اقصادي رابطا ڪائونسل مان منظوري ٿيڻي آهي، خط ۾ لکيو ويو آهي ته سنڌ به پاڪستان جو حصو آهي، ترقياتي اسڪيمن جي سمورن صوبن ۾ برابري جي بنياد تي ورهاست ٿيڻ گهرجي. وڏي وزير خط ۾ ڄاڻايو آهي ته گذريل 4 سالن دوران وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ سنڌ لاءِ رکيل اسڪيمن ۾ هر سال گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، سال 2017-18ع ۾ 27 ارب 38 ڪروڙ 72 لک جون 27 اسڪيمون رکيون ويون هيون، جڏهن ته سال 2018-19 ع ۾ اهي اسڪيمون گهٽائي 22 ڪيون ويون، جڏهن ته اسڪيمن جي رقم ۾ پڻ 50سيڪڙو گهٽتائي آڻي 14 ارب 26 ڪروڙ ڪئي وئي. سال 2019-20ع ۾ وري پي ايس ڊي پي ۾ سنڌ جون اسڪيمون ويتر گهٽائي13 ڪيون ويون جڏهن ته رقم پڻ وڌيڪ گهٽائي 8 ارب 50 ڪروڙ تي پهچائي وئي. خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال 2020-21ع ۾ پڻ سنڌ سان ناانصافي ڪندي رڳو 10 اسڪيمون رکيون ويون, جن لاءِ 8 ارب 30 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا. وڏي وزير ايندڙ مالي سال 2021-22ع دوران سنڌ لاءِ تجويز ڪيل 5 ارب 6 ڪروڙ جي 6 اسڪيمن تي پڻ سخت ناراضگي ظاهر ڪندي چيو ته سنڌ جي ترقياتي اسڪيمن توڙي بجيٽ ۾ ٿيندڙ گهٽتائي سنڌ جي عوام سان ناانصافي ظاهر ڪري ٿي، خاص طور تي آگسٽ 2018ع کانپوءِ وجود ۾ آيل پي ٽي آءِ سرڪار سنڌ سان انصاف ناهي ڪيو. هن وفاقي حڪومت جي مختلف ڊويزنن جي ترقياتي اسڪيمن جا حوالا ڏيندي چيو ته مواصلات واري ڊويزن ۾ پنجاب جون 22، سنڌ جون 2، ڪي پي جون 21 ۽ بلوچستان جون 15 اسڪيمون رکيون ويون آهن، ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ لاءِ رٿيل اسڪيمون اٽي ۾ لوڻ برابر مس آهن. هن وزيراعظم ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي چيو ته نيشنل هاءِ وي جي ڄامشوري کان سيوهڻ واري 14 ارب جي اسڪيم جا 50 سيڪڙو پئسا سنڌ حڪومت ڏنا آهن، انهي هوندي اها اسڪيم 4 سالن کان مڪمل ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي. فنانس ڊويزن جي نشاندهي ڪندي وڏي وزير چيو ته انهي وزارت پاران پنجاب لاءِ 14، سنڌ لاءِ 2، ڪي پي لاءِ 10 ۽ بلوچستان لاءِ 28 اسڪيمون رکيون ويون آهن. جيڪڏهن اسڪيمن تي نظر وجهبي ته پنجاب جون روڊ سيڪٽر جون 11 مان 10 اسڪيمون صوبائي روڊن جون ڏسڻ ۾ اينديون. هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن جي حوالي سان وڏي وزير چيو ته انهي وزارت پاران پنجاب جون 14، ڪي پي جون 2، بلوچستان جون 18 ۽ سنڌ جون 18 اسڪيمون رٿيون ويون آهن، هن انهن اسڪيمن تي اعتراض واريندي چيو ته پي ڊبليو ڊي پاران شروع ڪيل اهي اسڪيمون يونين ڪائونسل سطح تي شروع ڪيون ويون آهن، جن جو هڪ پاسي معيار ناهي ته ٻئي طرف وفاقي حڪومت پاران صوبي کي ڇڏي سڌي ريت يوسي سطح تي ڪم ڪرائڻ سان مختلف سوال پڻ اڀري رهيا آهن. پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊويزن جي اسڪيمن بابت هن چيو ته سنڌ لاءِ انهي وزارت 8 اسڪيمون ته ضرور رکيون آهن پر اهي اسڪيمون سنڌ انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني ليميٽڊ ذريعي مڪمل ڪرائڻ جو رٿيو ويو آهي، جنهن تي مون گذريل سال اعتراض واري چيو هو ته اهو عمل ايسٽ انڊيا ڪمپني جيان سنڌ جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ برابر ٿيندو. پلاننگ ڊويزن جي گرين لائين بس اسڪيم جي ڊزائين توڙي رٿابندي ئي غلط آهيم گذريل برساتن ۾ انهي رٿا ڪراچي وارن لاءِ ڪيترائي مسئلا پيدا ڪيا هئا. هن ڄاڻايو ته سنڌ انفرا اسٽرڪچر ڪمپني ٿر جي ڇاڇري ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ آر او پلانٽ لڳائڻ جو رٿيو هو پر سڄي سال ۾ انهي اسڪيم تي رڳو 17 لک رپيا استعمال مس ٿيا آهن، پاڻي وسيلن واري ڊويزن جي اسڪيمن بابت وڏي وزير جو چوڻ هو ته انهي وزارت جيتوڻيڪ سنڌ لاءِ 26 ارب جون 9 اسڪيمون ضرور منظور ڪيون آهن پر انهن مان ڪي فور جي اڪيلي رٿا 15.1 ارب رپين جي آهي. اها رٿا هن وقت اڃا رڳو ڊزائيننگ واري مرحلي تائين محدود آهي. امڪان آهن ته ايندڙ مالي سال دوران اها اسڪيم مڪمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ 15 ارب رپين جي رقم ليپس ٿي ويندي. وڏي وزير چيو ته وزيراعظم هڪ طرفي پي ايس ڊي پي جو نوٽيس وٺي ۽ آئيني گهرجن تحت ان کي برابري جي ترقي ۽ علائقائي برابري جي بنياد تي جوڙائي، هن چيو ته موجوده شڪل ۾ پي ايس ڊي پي سنڌ جي عوام جي حقن جي خلاف آهي، وزيراعظم سنڌ سان وفاقي ايڪائي وارو سلوڪ ڪري، اهو يقيني بڻايو ته سنڌ کي سندس جائز حصو ملندو رهي.